اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشت گردي ۾ ملوث آهي: وزيراعظم

ڪوئيٽا(ع آ نيوز)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت مڪمل اتحاد سان دهشت گردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.ڪوئيٽا ۾ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته سڪيورٽي فورسز موثر ڪاررواين دوران 54 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجي منطقي انجام تائين جاري رهندي. اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندو خيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، وفاقي وزيرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام دهشتگردي خلاف ڊگهي جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي. سندس چوڻ هو  ته انهن قربانين جي نتيجي ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ٿي ويندو. شهباز شريف الزام هنيو ته پاڪستان کي درپيش دهشتگردي ۾ اوڀر پاڙيسري ملڪ جو ڪردار آهي، دهشت گردن کي هٿيار، مالي مدد ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته دهشت گرد افغان سرزمين استعمال ڪري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ حملا ڪندا آهن پر رياست اهڙن عنصرن جي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تازي سفارتي ڪاميابين ۽ گذريل سال حاصل ڪيل ڪاميابين دشمنن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. بهرحال، هن چيو ته سياسي ۽ فوجي قيادت متحد آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت، بلوچستان جي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا امن، استحڪام ۽ ترقي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندا ته جيئن پاڪستان کي امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. وزيراعظم دهشتگردي جي واقعن ۾ جانيون قربان ڪرڻ وارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي، لواحقين لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون پر اهي قربانيون ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد بڻجنديون.

 

You might also like