ڪراچي(ڊي ڊبليو نيوز)پاڪستان جو نوجوان نسل، يعني جنريشن زي، ميمز ٺاهڻ ۽ شيئر ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ماهر سمجهي وڃي ٿو. پر ڇا ميمز رڳو وندر ۽ کل ڀوڳ جو ذريعو آهن يا اهي مزاحمت جي هڪ نئين ٻولي بڻجي چڪا آهن؟شايد ڪجهه ماڻهن کي اهو غير سنجيده لڳي، پر پاڪستان جي جنريشن زي لاءِ اهو معاملو تمام سنجيده آهي.ڀلي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون هجن يا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ، پاڪستاني جنريشن زي اهڙو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي. ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر اهڙا ميمز سامهون اچي ويندا آهن، جن ۾ آمريڪي اڳواڻ جي ڊي وينس
کي چانهه جي هوٽل تي ويٺل، يا وري نهاري، پايا ۽ پلاءُ کائيندي ڏيکاريو ويندو آهي.پر ڳالهه رڳو عالمي اڳواڻن تائين محدود ناهي. ايراني قيادت، ڊونلڊ ٽرمپ، نريندر مودي، شهباز شريف ۽ ٻين بابت به ميمز تيزي سان تيار ٿين ٿيون.ڪجهه نوجوانن جو خيال آهي ته پراڻي سوچ وارا ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوان ان ويڙهه جو حصو بڻجڻ نٿا چاهين.پاڪستاني جنريشن زي جو چوڻ آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.پر پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هو جنگ جا مخالف آهن ته پوءِ سوشل ميڊيا تي هر وقت هڪ ٻي جنگ ڇو وڙهي رهيا آهن؟هيءَ جنگ پهرين ڪجهه پوسٽ ڪرڻ ۽ پوءِ ٻين کي طنز ۽ مذاق جو نشانو بڻائڻ واري هوندي آهي.انهن لاءِ پنهنجي آواز بلند ڪرڻ جو هي هڪ نئون طريقو آهي، پر ڪجهه نقادن جو چوڻ آهي ته هي نسل هر صورتحال ۾ رڳو هڪ ٻئي کان وڌيڪ ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهي ٿي.هڪ ماهر چيو ته اصل ۾ ڌيان حاصل ڪرڻ انسان جي فطرت جو حصو آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ٻيا ماڻهو هن ڏانهن ڌيان ڏين. جڏهن ڪو ماڻهو ڪا پوسٽ ڪري ٿو ته ٿوري دير کان پوءِ ڏسي ٿو ته ان کي ڪيترا پسند آيا، ڪيترا ماڻهن شيئر ڪيو. جيڪڏهن اهو رڳو دماغ ۾ خوشي پيدا ڪندڙ احساس حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ آهي ته پوءِ مون کي ان سان گهڻي همدردي ناهي، ڇاڪاڻ ته ڌيان حاصل ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي سٺا ۽ آسان طريقا موجود آهن. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ طاقت نه هجي ته پوءِ هو ڇا ڪري سگهي ٿو؟ ان بابت هڪ خوبصورت جملو آهي ته ‘موت اسان ڏانهن مسڪرائي ٿي، ۽ اسان ان جي جواب ۾ رڳو مسڪرائي سگهون ٿا.’ بلڪل اهڙيءَ طرح نوجوان به ميمز ٺاهين ٿا، نوجوان نسل جو چوڻ آهي ته هو پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو کليل اظهار ڪرڻ چاهي ٿي. جنگ جو معاملو هجي يا ڪو ٻيو سماجي يا سياسي مسئلو، هو بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا.پر پوءِ سوال اهو آهي ته هو روڊن تي نڪري عملي احتجاج ڇو نٿا ڪن؟ هڪ نوجوان چيو ته ان ۾ حڪومت جو به وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن اسان احتجاج لاءِ ٻاهر نڪرون ٿا ته اسان کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٿو. اسان پنهنجن حقن لاءِ آواز نٿا اٿاري سگهون، ڇو ته جتي به توهان ڪنهن ناانصافي خلاف ڳالهائيندا آهيو، سڀ کان پهرين توهان کي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي وينديون آهن،هڪ ٻئي نوجوان چيو ته يقيناً ڪيترائي ماڻهو ڪوشش ڪن ٿا، پر ڏينهن جي آخر ۾ جيڪا بي وسي جو احساس هوندو آهي، اهو هر شيءِ تي غالب اچي ويندو آهي، هڪ ڊجيٽل ماهر چيو ته رڳو ميمز ٺاهڻ سان ڪا نظرياتي تحريڪ پيدا نٿي ڪري سگهجي. ميمز پاڻ ۾ ڪو نظريو ناهن. نظريو ٺاهڻ لاءِ سماج کي گهڻي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي آهي. ان لاءِ خيال، فڪر ۽ انهن جي نسل در نسل منتقلي ضروري هوندي آهي.هن چيو ته جنريشن زي ڪنهن هڪ نظرياتي مقصد تي گهڻو وقت نٿي لڳائي، پر جن معاملن تي وقت ڏئي ٿي، انهن ۾ هوءَ واقعي تمام اڳتي آهي. مثال طور موبائل فون جو استعمال، سوشل ميڊيا، آن لائن مارڪيٽنگ ۽ آن لائن ڪمائي جهڙن شعبن ۾ هي نسل تمام مضبوط آهي. انهن معاملن ۾ پراڻي نسل انهن جو مقابلو ئي نٿي ڪري سگهي،هن خبردار ڪندي چيو ته ايندڙ نسل تي ان جو اثر اهو پوندو ته جنريشن زيڊ شايد پنهنجا نظريا يا فڪري ورثو ايندڙ نسل ڏانهن منتقل نه ڪري سگهي، جنهن سبب ايندڙ نسل نظرياتي طور تي اڃا وڌيڪ ڪمزور ۽ خالي ٿي سگهي ٿي.”رپورٽ جي آخر ۾ چيو ويو آهي:اصل ڳالهه رڳو ميمز جي ناهي، پر ان نسل جي آهي جيڪا شور شرابي واري ماحول ۾ وڏي ٿي، غيريقيني حالتن ۾ جوان ٿي ۽ هاڻي خوف جي پاڇي هيٺ پنهنجو مستقبل ڳولي رهي آهي.”اهڙي صورتحال ۾ جنريشن زي طنز کي پنهنجي آواز بڻائي ڇڏيو آهي، مزاح کي سوال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ميم کي احتجاج جو ذريعو بڻايو آهي.”پر وڏو سوال اڃا به اهو آهي ته ڇا هي رڳو هڪ عارضي ردعمل آهي يا پوءِ پاڪستان جي مستقبل جي هڪ نئين ٻولي بڻجڻ وارو آهي؟”رپورٽ جي پڄاڻي تي هڪ نوجوان چوي ٿو ته هاڻي ٿيڻو ڇا آهي؟ وڌ ۾ وڌ اهو ئي ٿيندو ته اسان مري وينداسين.”