فرانس ۾ ماڊلنگ ڪرڻ تي اڳوڻي افغان اينڪر تي تنقيد

پيرس(عوامي آواز نيوز) افغانستان سان تعلق رکندڙ اڳوڻي صحافياڻي ۽ ٽي وي اينڪر گلالي ڪريمي جو لباس ۽ نئون طرزِ زندگي هن وقت افغان سماج ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.گلالي ڪريمي هاڻي فرانس ۾ ماڊل طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي به سرگرم آهي، جتي سندس ترتيبوار لڳ ڀڳ 2 لک 80 هزار ۽ 2 لک 30 هزار پوئلڳ آهن.هوءَ افغانستان ۾ اڳوڻي حڪومت جي دور  ۾ نجي ٽي وي چينلن شمشاد ٽي وي ۽ لمر ٽي وي سان ڪم ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پيرس ۾ بيگم ٽي وي سان به وابسته رهي آهي.تازو ڊيوئچه ويلي دري 2 جون تي سندس باري ۾ "قنڌار کان پيرس تائين: گلالي ڪريمي جي تڪراري ڪهاڻي” جي عنوان سان هڪ وڊيو رپورٽ جاري ڪئي.رپورٽ موجب، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي افغان سندس لباس ۽ آن لائن موجودگي کي افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي روايتن جي ابتڙ قرار ڏين ٿا.گلالي ڪريمي پيرس ۾ پنهنجي ماڊلنگ، لباس ۽ نئين طرزِ زندگي جو دفاع ڪندي چيو:مان پاڻ کي خوبصورت ۽ پُرڪشش ڏسڻ چاهيان ٿي. اهو انداز مون کي سُٺو لڳي ٿو، مون کي خوشي ڏئي ٿو، تنهنڪري مان اهڙا ئي ڪپڙا پائڻ پسند ڪريان ٿي،هن چيو ته هاڻي مان فلمي دنيا ۽ ماڊلنگ ۾ ڪم ڪري رهي آهيان، تنهنڪري يقيناً منهنجو لباس افغانستان واري سوچ کان مختلف هوندو. ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته منهنجو لباس ۽ انداز مون کي فحش فلمن ڏانهن وٺي ويندو، ۽ جڏهن مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌان ٿي ته مون کي ڏک ٿيندو آهي.گلالي ڪريمي ٻڌايو ته هن اڳ ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جو انٽرويو پڻ ڪيو هو، جنهن دوران هن کيس پنهنجي لباس بابت محتاط رهڻ جي صلاح ڏني هئي.هن اهو به انڪشاف ڪيو ته پيرس ۾ رهندڙ ڪجهه افغان ماڻهن مٿس حملو ڪيو، جنهن سبب سيڪيورٽي خدشن جي ڪري هن کي هينئر تائين چار ڀيرا پنهنجو رهائشي پتو تبديل ڪرڻو پيوهن چيو ته مون تي حملو ڪيو ويو ۽ مون کي چيو ويو ته تون پشتون ڇوڪري آهين، تنهنڪري توکي اهڙا ڪپڙا نه پائڻ گهرجن.”

 

You might also like