ڪراچي (رپورٽر) ايس ايس جي سي پاران گئس لائين وڇائڻ لاءِ نئين روڊ جي کوٽائي، ادارن وچ ۾ رابطن جي کوٽ تي شهري ناراض نظر آيا، ناقص انتظامي حڪمت عملي ۽ ادارن وچ ۾ رابطن جي کوٽ سبب گلشن اقبال ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تازو تعمير ٿيل نئين روڊ کي به کوٽي ڇڏيو ويو، جنهن کانپوءِ ٽائون انتظاميا موقعي تي پهچي ڪم فوري طور بند ڪرائي ڇڏيو، گلشن اقبال جي بلاڪ 13 اي حسن اسڪوائر کان بلاڪ 13 بي مصطفيٰ اسپتال تائين ڪلڪ منصوبي تحت ڪجهه مهينا اڳ نئون روڊ تعمير ڪيو ويو جنهن تي لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ رپيا خرچ آيو هو، هي روڊ علائقي جي بهترين روڊن مان هڪ سمجهي ويندي هئي ۽ روزانو سوين شهري ان کي متبادل رستي طور استعمال ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽي روڊ گذريل ڪيترن سالن کان تعميراتي ڪم هيٺ آهي، ذريعن موجب ايس ايس جي سي گذريل رات گئس جي مرڪزي لائين وڇائڻ لاءِ روڊ جي کوٽائي شروع ڪئي، جنهن سبب نئين تعمير ٿيل روڊ کي نقصان پهتو، گلشن ٽائون انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايس ايس جي سي کي ڇهه مهينا اڳ کوٽائي جي اجازت ڏني وئي هئي، پر موجوده صورتحال ۾ هي ڪم روڪيل هو، ڇاڪاڻ ته هي علائقي جو واحد هموار ۽ استعمال هيٺ روڊ هو، ٽائون اختيارين موجب کين اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ کوٽائي شروع ڪئي وئي، جنهن تي انتظاميا موقعي تي پهچي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته روڊ جي تعمير دوران سروس ڊڪٽ نه ٺاهيو ويو، جڏهن ته اهڙين منصوبن ۾ يوٽيلٽي لائينن لاءِ سروس ڊڪٽ جو هجڻ ضروري هوندو آهي، جنهن جي کوٽ سبب هاڻي روڊ کي کوٽڻو پيو، شهرين سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل روڊ کي چند مهينن اندر تباهه ڪرڻ انتظامي نااهلي جو ثبوت آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.