سوشل ميڊيا: هڪ جائزو

ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو

اڄ جي تيز رفتار ڊجيٽل دور ۾، جيڪڏهن اسان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائينداسين ته هڪ عجيب، پراسرار ۽ فڪر انگيز منظر نظر ايندو. هر هٿ ۾ هڪ چمڪندڙ سڪرين آهي، هر اک ان جي هپنوٽائيز ڪندڙ سحر ۾ قيد آهي، ۽ هر آڱر بنا ڪنهن مقصد جي مسلسل اسڪرولنگ جي سحر ۾ مبتلا آهي. اها سحر انگيز ۽ طلسمي دنيا ٻي ڪا ناهي، پر سوشل ميڊيا آهي. سوشل ميڊيا هاڻي رڳو ٽيڪنالاجي جو هڪ اوزار يا تفريح جو ذريعو ناهي رهيو، پر هي هڪ مڪمل متوازي ڪائنات بڻجي چڪو آهي. هڪ اهڙو جديد انساني سماج، جنهن انسان کي پنهنجي شڪنجي ۾ ائين جڪڙي ڇڏيو آهي، جو هاڻي حقيقي دنيا کان وڌيڪ مجازي (ورچوئل) دنيا سچي ۽ ويجهي لڳڻ لڳي آهي.ادبي، فڪري ۽ نفسياتي نقطه نگاهه کان ڏسجي ته سوشل ميڊيا انساني تاريخ جو هڪ عجيب ترين شاهڪار آهي. هي انسان لاءِ هڪ ئي وقت سندس علمي معراج به آهي ته سندس اخلاقي ۽ روحاني زوال جو سبب به. يڪڏهن اسان هن پليٽ فارم جي هاڪاري رخ تي نظر وجهنداسين، ته معلوم ٿيندو ته هن ڪائنات جو سڀ کان وڏو معجزو اهو آهي ته هن دنيا جي جاگرافيائي سرحدن کي مسمار ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي مٽ مائٽ ۽ دوست صديون اڳ رڳو خطن ۽ يادن جي آسري ڏور رهندا هئا، اهي اڄ هڪ ڪلڪ جي فاصلي تي، وڊيو ڪال جي ذريعي ائين سامهون بيٺا آهن، ڄڻ ساڳي ڪمري ۾ موجود هجن. علم، ادب، شاعري ۽ فڪر جا چشمي هاڻي ڪنهن خاص شاهي لائبريري، وڏي يونيورسٽي يا درٻاري اشرافيه جا محتاج ناهن رهيا. علم جو درياءُ هاڻي ڊجيٽل لهرن تي ترندو، هر عام و خاص جي گهر تائين، هن جي تڪيئي تي رکيل موبائل تائين وهي آيو آهي.ان سان گڏوگڏ، اهي گمنام ۽ باصلاحيت نوجوان، جن وٽ پنهنجو فن پيش ڪرڻ لاءِ ڪو وسيلو نه هو، جيڪي ڪنهن ٽي وي چينل يا اڪيڊميءَ جي درن تائين پهچي نه سگهندا هئا، اڄ اهي پنهنجي سمارٽ فون جي ڪيمرا اڳيان پنهنجي ڏات جو اظهار ڪري، راتو رات سڄي دنيا ۾ چمڪي رهيا آهن. سوشل ميڊيا مظلومن جو سهارو بڻيو آهي، هن گونگن کي ڳالهائڻ جي زبان ڏني آهي ۽ آمراڻي سوچن جي اڳيان عوامي شعور جي هڪ مضبوط ديوار بيهاري ڇڏي آهي. جڏهن به سماج ۾ ڪو ظلم ٿئي ٿو، ته هي پليٽ فارم هڪ گونج بڻجي ايوانن کي لوڏي ڇڏي ٿو. اهو ان جو هوائن جهڙو روشن ۽ معطر رخ آهي.

تصوير جو ٻيو رخ تمام گهڻو تاريڪ ۽ روح کي ڏڪائي ڇڏيندڙ آهي. جتي هن ٽيڪنالاجي اسان کي سڄي دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، اتي اسان کان اسان جو پاڻ کسي ورتو آهي. اسان اڄ هڪ اهڙي اڪيلائيءَ جي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو متبادل نٿو ملي. اسان جا فيس بڪ، انسٽاگرام يا واٽس ايپ تي هزارين فرينڊز ۽ فالوئرز ته موجود آهن، پر جڏهن روح ڪنهن گهري درد مان گذرندو آهي، ته دل جو حال اورڻ لاءِ ڪو هڪ سچو دوست به ميسر ناهي هوندو. اسان گهر جي هڪ ئي ڪمري ۾، هڪ ئي صوفي تي، مائٽن ۽ دوستن سان گڏ ويهي به هڪ ٻئي کان ڪيترا ئي  ميل پري هوندا آهيون. جسماني طور گڏ هوندي به، اسان جا ذهن ڊجيٽل وايرل دنيا جي ويرين ۾ گم هوندا آهن. اسان اکيون ملائي ڳالهائڻ جي خوبصورت روايت وساري ويٺا آهيون.سوشل ميڊيا انساني نفسيات تي جيڪي وڏا وار ڪيا آهن، تن مان هڪ اسان جي صبر، تحمل ۽ گهرائيءَ جو خاتمو آهي. هتي هاڻي ڪنهن لکڻي يا فڪر کي پڙهڻ جو وقت ڪنهن وٽ ناهي، هر ڪنهن کي سيڪنڊن ۾ تفريح گهرجي. هتي محبت ۽ پيار کان وڌيڪ، نفرت، تعصب ۽ فرقيواريت تيزي سان ڦهلجي ٿي. ڪوڙ کي سچ جو تيز چمڪندڙ لباس پارائي اهڙو پيش ڪيو ويندو آهي، جو عام انسان جي صحيح ۽ غلط کي سڃاڻڻ جي صلاحيت ئي مفلوج ٿي وڃي ٿي.

 

You might also like