ميهڙ شهر مان گم ٿيل 6 سالن جي معصوم نياڻي اجالا پروين سولنگي کي لڳ ڀڳ اڍائي مهينا گذري چڪا آهن، پر ائين لڳي رهيو آهي ته سندس والدين جي زندگي انهيءَ ڏينهن تي اچي بيهي رهي آهي جنهن ڏينهن هوءَ اوچتو سندن وچ مان گم ٿي وئي هئي. وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي، ڏينهن هفتن ۾ ۽ هفتا مهينن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، پر هڪ ماءُ جو انتظار ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ هڪ پيءُ جي بيچيني گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي. گهر جا اهي ڪمرا، جتي ڪڏهن معصوم اجالا جي ٽهڪ گونجندا هئا، اڄ خاموشيءَ جي اهڙي ماحول ۾ ٻڏل آهن جن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. هر صبح هڪ نئين اميد سان شروع ٿئي ٿي ۽ هر رات هڪ نئين مايوسيءَ سان ختم ٿي وڃي ٿي. انتظار جي اذيت اهڙي هوندي آهي، جنهن جو درد رڳو اهو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو جنهن جي دل جو ٽڪرو سندس اکين کان ڏور هليو ويو هجي.
اجالا جي ماءُ لاءِ شايد هاڻي ڏينهن ۽ رات جو فرق به ختم ٿي ويو آهي، سندس ذهن ۾ هر وقت پنهنجي نياڻيءَ جو چهرو گردش ڪندو رهي ٿو ۽ کاڌي پيتي، آرام توڙي سڪون جا سڀ احساس سندس زندگي مان ختم ٿي چڪا آهن. دروازي جي معمولي کڙڪي تي به سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آهي، هر فون ڪال تي گهڙي پل لاءِ سندس اميد جا ڪرڻا روشن ٿيندا آهن، ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو ڏانهن نهاريندي سندس دل چوندي آهي ته شايد اڄ اجالا واپس اچي وئي آهي. پر جڏهن اهي سڀ احساس سندس دل جو بار هلڪو نه ڪري سگهن ته ڇا ڪو هڪ ماءُ جي درد جو پئمانو ڪري سگهي ٿو؟ هڪ ماءُ جي دل تي ڇا گذرندي هوندي جڏهن هوءَ پنهنجي ٻارڙي جو خالي بسترو، سندس رانديڪا ۽ ڪپڙا ڏسي ٿي، جتي هر شيءِ ۾ نياڻي جي موجودگي ته محسوس ٿئي پر هوءَ معصوم پاڻ ڪٿي به نظر نه اچي. اهو درد ڪنهن به حساس انسان جي دل کي ٽوڙڻ لاءِ ڪافي آهي.
سندس پيءُ به انهيءَ اذيت مان گذري رهيو آهي، جنهن جو تصور به روح ڏهڪائي ٿو ڇڏي. هڪ پيءُ جيڪو پنهنجي ٻار جي حفاظت، تعليم ۽ روشن مستقبل جا خواب ڏسندي زندگي جي خوشي کي محسوس ڪندو هجي، تنهن کان جڏهن اوچتو اهي خواب کسجي وڃن ته سندس اندر جي قيامت جو اندازو رڳو هو پاڻ ئي لڳائي سگهي ٿو. هر روز دروازي تي وڃڻ، نون ماڻهن سان ملڻ، نوان واعدا ٻڌڻ ۽ پوءِ خالي هٿين واپس موٽڻ هاڻي سندس روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، پر انهن سڀني نراسائين جي باوجود هن جي دل ۾ اڃا به اها آس زندهه آهي ته ڪنهن ڏينهن سندس ڌيءَ کيس واپس ضرور ملندي.
هن سڄي واقعي جو سڀ کان ڏکوئيندڙ پاسو اهو آهي ته اسان جو معاشرو اهڙن سنگين واقعن کي ڪجهه ڏينهن بحث جو موضوع بڻائي پوءِ وساري ويهي رهي ٿو. شروعاتي ڏينهن ۾ ماڻهن جون همدرديون، بيان، سوشل ميڊيا پوسٽون ۽ اظهارِ افسوس سامهون اچن ٿا، پر پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪجهه خاموش ٿي وڃي ٿو، ڄڻ هڪ معصوم نياڻي جي گمشدگي به عام واقعن وانگر وقت جي مٽي هيٺ دفن ٿي وئي هجي. اڄ به اجالا جي والدين لاءِ هر گذرندڙ پل هڪ نئين تڪليف آهي، پر باقي دنيا لاءِ هي معاملو شايد پراڻو ٿي چڪو آهي. اها بيحسي اسان جي اجتماعي سوچ بابت وڏو سوال اٿاري ٿي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن معصوم ٻار سان اهڙو حادثو پيش اچي ٿو ته اهو صرف هڪ خاندان جو مسئلو نٿو رهي، اهو پوري سماج جي ذميواري بڻجي وڃي ٿو، جيڪو هر والدين جي دل ۾ خوف پيدا ڪري ٿو.
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي گمشدگي جو هي پهريون واقعو ناهي، ڪيترن سالن کان مختلف نالن سان اهڙيون دردناڪ ڪهاڻيون سامهون اينديون رهيون آهن. پريا ڪماري جو نالو به ماڻهن جي ذهنن ۾ آهي، جڏهن ته فضيلا سرڪي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون سالن کان پنهنجي گهرن کان پري آهن. انهن جي مائرن جا ڳوڙها سڪي ويا، سندن والدين پوڙها ٿي ويا، سندن گهرن جا دروازا انتظار ۾ کليل رهيا، پر انتظار جو سفر مڪمل نه ٿي سگهيو. هر نئين واقعي سان پراڻا زخم ٻيهر تازا ٿي وڃن ٿا ۽ اهو احساس وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ته شايد اسان اڃا تائين پنهنجن ٻارن لاءِ هڪ محفوظ سماج جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهيون.
انهيءَ صورتحال ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آخر پنهنجين ذميوارين کان عاري ڇو بڻجي چڪا آهن؟ ڇا انساني حقن جون تنظيمون، سماجي ادارا، سياسي ڌريون ۽ معاشري جا بااثر ماڻهو اهڙن معاملن ۾ مستقل آواز بلند ڪرڻ جا پابند نه آهن؟ اجالا جي واپسي رڳو هڪ گهر جي خوشي نه هوندي، پر اهو سماج ۾ انسانيت جي زنده هجڻ ۽ حڪومتي ادارن تي عوام جي اعتماد جي بحاليءَ جو وڏو ثبوت هوندي. جيستائين اجالا پنهنجي گهر واپس نٿي پهچي، تيستائين سندس ماءُ جي اکين جو انتظار ۽ پيءُ جي بيچيني اسان سڀني جي اجتماعي ضمير تي هڪ قرض رهندي.