نيتن ياهو لاءِ سفارتي اڳڀرائي اسٽريٽجڪ ڌڪ ڇو؟

هاني هزائمه

جيئن جيئن واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن، تيئن تيئن هڪ ڳالهه وڌيڪ واضح ٿيندي پئي وڃي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن به ڪامياب معاهدي کي سفارتي ڪاميابي نه، پر هڪ اسٽريٽجڪ ڌڪ طور ڏسي رهيا آهن. ڪيترن ئي سالن کان نيتن ياهو پنهنجي علائقائي ۽ عالمي پاليسي جو وڏو حصو ايران کي هڪ اهڙي وجودي خطري طور پيش ڪرڻ تي ٻڌل رکيو آهي، جنهن کي رڳو دٻاءُ، اڪيلائپ ۽ فوجي طاقت جي مسلسل ڌمڪين ذريعي ئي روڪي سگهجي ٿو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن به اڳڀرائي تي ٻڌل معاهدو هن بيانيي کي چئلينج ڪندو. اهو ثابت ڪندو ته سفارتڪاري، ڀلي اها مڪمل نه هجي، تڏهن به اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿي جيڪو سالن جي ڇڪتاڻ ۽ محاذ آرائي حاصل نه ڪري سگهي: يعني تڪرار گهٽائڻ، رابطن جا رستا کولڻ ۽ هڪ وڏي علائقائي جنگ جي خطري کي ٽارڻ. اهو ئي سبب آهي جو اميد ڪئي پئي وڃي ته نيتن ياهو جاري ڳالهين مان نڪرندڙ ڪنهن به معاهدي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجي اختيار ۾ موجود هر سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا ذريعي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا.

سندن مقصد رڳو معاهدي جي شقن تي تنقيد ڪرڻ نه، پر اصل ۾ ان کي شروعات کان ئي ناڪام بڻائڻ ۽ ڌرين کي ٻيهر ساڳئي بي اعتمادي ۽ محاذ آرائي واري چڪر ۾ ڌڪڻ آهي، جيڪو ڏهاڪن کان سندن لاڳاپن تي ڇانيل رهيو آهي. هن "جنگ پسند” اسرائيلي قيادت جي تهران سان سفارتي لاڳاپن جي مخالفت جي هڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي. عوامي تقريرن، لابنگ مهمن ۽ آمريڪي قانونسازن سان سڌين اپيلن ذريعي نيتن ياهو هميشه انهن ڳالهين جي مخالفت ڪئي آهي، جيڪي ايران ۽ اولهه جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي آڻي سگهن. سندن حساب ڪتاب گهڻو تبديل نه ٿيو آهي: ايران سان مستقل ڇڪتاڻ اسرائيل جي اسٽريٽجڪ حيثيت کي مضبوط ڪري ٿي ۽ عالمي ڌيان ٻين علائقائي مسئلن بدران تهران تي مرڪوز رکي ٿي. نيتن ياهو جي نظر ۾ آمريڪا-ايران معاهدي جي ڪاميابي ٻن رخن واري سياسي شڪست هوندي.

پهرين شڪست خود معاهدو هوندو. واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي مفاهمت ان دليل کي ڪمزور ڪندي ته فوجي دٻاءُ ئي واحد قابل عمل رستو آهي. ان سان ايران خلاف جارحاڻي قدمن لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ جي اسرائيل جي صلاحيت به محدود ٿي سگهي ٿي. اهو هڪ وڏي علائقائي جنگ جي امڪان کي به گهٽائيندو، جنهن کي اسرائيل جي ڪجهه سياسي حلقن ڊگهي عرصي کان اسٽريٽجڪ فائدي وارو منظرنامو سمجهندا رهيا آهن. ٻي شڪست انهن رپورٽن ۾ لڪل آهي، جن موجب لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ واشنگٽن جون ڪوششون تهران سان هڪ وسيع مفاهمتي فريم ورڪ جو حصو بڻجي چڪيون آهن.

جيڪڏهن آمريڪا فوجي ڪاررواين کي محدود ڪرڻ ۽ لبناني محاذ تي وڏي جنگ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته علائقائي حالتن کي فوجي دٻاءُ ذريعي پنهنجي حق ۾ موڙڻ جي اسرائيل جي صلاحيت وڌيڪ محدود ٿي ويندي. نيتن ياهو لاءِ اها صورتحال انتهائي مايوس ڪندڙ ٿي سگهي ٿي. لبنان ۾ مسلسل فوجي دٻاءُ کي هميشه دفاعي ساک بحال ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، پر هاڻي آمريڪي مداخلت اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته واشنگٽن فوجي مهمن جي توسيع بدران علائقائي استحڪام کي وڌيڪ اهميت ڏئي رهيو آهي. هي نئين حقيقت نيتن ياهو کي هڪ ڏکئي موڙ تي آڻي بيهاري ٿي. هاڻي هو رڳو ايران جي ڳالهين واري ٽيم سان نه، پر هڪ اهڙي آمريڪي انتظاميا سان به منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪا وچ اوڀر ۾ هڪ ٻي ڊگهي جنگ کان بچڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿي.

جيتوڻيڪ واشنگٽن ۽ تهران اڃا پنهنجا سڀ اختلاف حل ڪرڻ کان گهڻو پري آهن، پر ٻنهي ڌرين کي لڳي رهيو آهي ته هو مسلسل ڇڪتاڻ جي وڏي قيمت کي سمجهي رهيا آهن. وسيع علائقو به انهن نقصانن کان چڱي طرح واقف آهي. خليجي ملڪن ۽ ٻين ڪيترن ئي عرب رياستن بار بار فوجي ٽڪراءُ بدران سفارتي حل جي حمايت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جون معيشتون، سلامتي جا مفاد ۽ ترقياتي منصوبا مستقل بحران نه، پر استحڪام تي دارومدار رکن ٿا. اهي علائقائي ۽ عالمي طاقتن جي مقابلي ۾ اضافي نقصان  بڻجڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿا رکن. سفارتڪاري کي ڪنهن ناممڪن ڪمال جي معيار تي نه پرکڻ گهرجي، پر ان جي متبادل سان ڀيٽڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو سفارتڪاري کي سبوتاز ڪرڻ جون ڪوششون خطي جي هر ماڻهو لاءِ ڳڻتي جو سبب هئڻ گهرجن. وچ اوڀر اڳ ئي ڏهاڪن جي جنگين، پراڪسي تڪرارن ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي تمام وڏي قيمت ادا ڪري چڪو آهي. ڳالهين جو هر ضايع ٿيل موقعو آخرڪار وڌيڪ عدم استحڪام، وڌيڪ تباهي ۽ وڌيڪ غير يقيني صورتحال جو سبب بڻيو آهي.

انهن ڳالهين مان ڪا به ڌر اها دعويٰ نٿي ڪري ته آمريڪا-ايران معاهدو مڪمل يا مثالي هوندو. ڪو به معاهدو مڪمل نه هوندو آهي. اختلاف برقرار رهندا ۽ ان تي عملدرآمد کي يقينن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. تنهن هوندي به سفارتڪاري کي ڪنهن ناممڪن معيار تي پرکڻ بدران ان جي متبادل سان ڀيٽڻ گهرجي. ۽ اهو متبادل بلڪل واضح آهي. نئين محاذ آرائي، وڌندڙ فوجي آپريشن، وڌيڪ علائقائي ڌڙا بندي ۽ اهڙو تڪرار جيڪو ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو. جيئن جيئن ڳالهيون جاري آهن، تيئن نيتن ياهو واقعي هر ممڪن سياسي ڪارڊ استعمال ڪري سگهن ٿا ته جيئن اهڙي معاهدي کي ناڪام بڻائي سگهجي، جنهن کي هو اسرائيل جي مفادن لاءِ نقصانڪار سمجهن ٿا.

هو سياسي اتحادين کي متحرڪ ڪرڻ، خوف کي هوا ڏيڻ ۽ اهڙيون رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، جن جو مقصد ڳالهين کي ٻيهر شروعاتي نقطي تي آڻڻ هجي. پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي علائقو هڪ ڀيرو ٻيهر سفارتڪاري جي مخالفن کي پنهنجو مستقبل طئي ڪرڻ جي اجازت ڏيندو؟ وچ اوڀر هن وقت ڇڪتاڻ ۽ مفاهمت جي وچ واري چوواٽي تي بيٺو آهي. مستقل محاذ آرائي جا حامي سمجهوتي جي مخالفت جاري رکندا، پر جنگين کان ٿڪجي ويل هن خطي لاءِ سفارتڪاري جي ڪاميابي، ڀلي اها ڪيتري به نامڪمل هجي، هڪ ٻي نسل تائين جنگين جو منهن ڏسڻ کان گهڻو وڌيڪ اميد ڀريو رستو پيش ڪري ٿي.

جيڪڏهن آخرڪار ڪو حتمي معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته ان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها نه هوندي جيڪا ڪاغذ تي لکيل هوندي، پر اها هوندي ته اهو ثابت ڪندو ته ڳالهه ٻولهه اڃا تائين انهن ماڻهن تي غالب اچي سگهي ٿي، جيڪي لامتناهي بحرانن مان سياسي فائدو حاصل ڪندا رهيا آهن.

 

You might also like