آمريڪا ايران معاهدو: ٽرمپ پاران فرانس جي محل جي چونڊ

اويس توحيد

امن معاهدي تي صحيحن لاءِ ايراني صدر مسعود پزشڪيان تهران کي، جڏهن ته ٽياڪڙ ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد کي چونڊيو، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحيحن لاءِ واشنگٽن بدران پيرس کان لڳ ڀڳ ويهه کان پنجويهه ڪلوميٽر پري واقع تاريخي ورسائي محل جو انتخاب ڪيو. هي فرانس جي بادشاهت واري دور جو صدين پراڻو، شاندار ۽ تقريبن 700 ڪمرن تي مشتمل محل آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي رهي هئي ته ٽرمپ هن ئي محل کي ڇو چونڊيو؟ ظاهري طور چيو وڃي ٿو ته ٽرمپ جي سيون (G7) اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس ۾ موجود هئو ۽ عالمي اڳواڻن جي تقريب به انهيءَ محل ۾ ٿي رهي هئي. شايد اهو محض اتفاق هجي، پر حقيقت اها به آهي ته ٽرمپ صحيحن کان پوءِ فوري طور آمريڪا واپس روانو ٿي ويو، جڏهن ته ساڳي ڏينهن صحيحون ڪرڻ لازمي به نه هو. هو آمريڪا واپس وڃي به معاهدي تي صحيحون ڪري  پئي سگهيو يا وري ممڪن آهي ته ٽرمپ جي هي چونڊ ڄاڻي واڻي هجي ۽ هو تاريخ کي علامتي انداز ۾ ورجائڻ چاهيندو هجي. ڳالهه دراصل اها آهي ته انهيءَ ورسائي محل ۾ پهرين عالمي جنگ کان پوءِ جون 1919ع ۾ جرمني پنهنجي شڪست کان پوءِ آمريڪا ۽ مغربي اتحادي ملڪن سان امن معاهدو ڪيو هو. ان وقت جي آمريڪي صدر ووڊرو ولسن جا 14 نڪتا هئا، جيڪي جرمني جنگ بندي لاءِ قبول ڪيا هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ايران سان ٿيل امن معاهدي جا به 14 نڪتا آهن ۽ معاهدي جو مهينو به جون ئي آهي. ٽرمپ جي تاريخ بابت ڄاڻ کان سڀ واقف آهن. ممڪن آهي ته سندس "ميگا” تحريڪ جي ڪنهن ساٿي کيس اڌوري تاريخ ٻڌائي هجي.

جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي حامين لاءِ ايران کي پهرين عالمي جنگ ۾ شڪست کاڌل جرمني سان تشبيهه ڏيڻ چاهي ٿو ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سندن سموري رٿابندي ابتي ثابت ٿي آهي. جرمني کي انتهائي سخت شرطون مڃڻيون پيون هيون، جڏهن ته جيڪڏهن ايران-آمريڪا امن معاهدي يا "مفاهمتي يادداشت” جي شقن تي نظر وجهجي ته آمريڪا کي ايران جون گهڻيون شرطون قبول ڪرڻيون پيون آهن.

آمريڪا ايران جا لڳ ڀڳ 100 ارب ڊالر منجمد اثاثا بحال ڪرڻ ۽ ان تي لڳايل معاشي پابنديون ختم ڪرڻ تي به راضي ٿيو آهي. ان کان علاوه ايران جي تعمير نو لاءِ 300 ارب ڊالرن جو فنڊ قائم ڪرڻ جو به واعدو ڪيو ويو آهي. جنگ کان اڳ ٽرمپ ايران ۾ حڪومت جي تبديلي جا خواهشمند هئو، پر هاڻي ساڳي حڪومت سان معاهدو ڪيو ويو آهي. هو ايران جي ميزائل ۽ جوهري پروگرام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ چاهيندو هو، پر هاڻي سندن بيان آهي ته ايران ميزائل ٽيڪنالاجي به رکي سگهي ٿو ۽ کيس پرامن ۽ سول مقصدن لاءِ جوهري پروگرام رکڻ جو حق حاصل آهي. اهو تقريبن ساڳيو موقف آهي جيڪو ايران شروع کان اختيار ڪندو رهيو آهي. ٻين لفظن ۾، جنگ کان اڳ ۽ هاڻوڪن بيانن ۾ ڏينهن ۽ رات جيترو فرق نظر اچي ٿو.

هي امن معاهدو پاڪستان جي مثالي سفارتڪاري ۽ علائقي جي اهم طاقتن، خاص طور قطر ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ممڪن بڻيو آهي. هن معاهدي جا ٻه مرحلا آهن. پهرين مرحلي ۾ مفاهمتي يادداشت جي منظوري کان پوءِ آبنائي هرمز کي ٻيهر سامونڊي جهازن جي آمدرفت لاءِ کولڻو پوندو. هي قدم سڄي دنيا ۽ خاص طور خليجي رياستن لاءِ وڏي راحت جو سبب بڻجندو. خليجي ملڪن هن جنگ دوران وڏي قيمت ادا ڪئي ۽ ايران جي مسلسل حملن باوجود غير معمولي تحمل جو مظاهرو ڪيو.

معاهدي موجب فوري طور علائقي جي سڀني محاذن، جن ۾ لبنان به شامل آهي، فوجي ڪاررواين جو خاتمو لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ ٽرمپ ۽ جي ڊي وينس ٻئي لبنان کي جنگ بندي ۾ شامل ڪرڻ جا مخالف هئا. پر هاڻي لبنان ۾ جنگ بندي تي رضامندي، ٽرمپ ۽ وينس پاران اسرائيل ۽ نيتن ياهو جي جنگي پاليسين تي کلي تنقيد، وچ اوڀر بابت آمريڪي پاليسي ۾ تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن جنگ دوران گهڻن آمريڪين جو موقف رهيو ته هي سندن جنگ نه هئي، پر آمريڪا کي اسرائيل جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو. شايد انهيءَ سبب انهن اڳواڻن کي اسرائيل تي وڌيڪ تنقيد ڪرڻ جو موقعو مليو.

ٽرمپ کي مڊ ٽرم چونڊن کي منهن ڏيڻو آهي، جڏهن ته وينس ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ آمريڪي صدر بڻجڻ جا خواهشمند آهن. اختلافن جو سلسلو ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي وچ ۾ سخت لهجي واري فون ڪال کان شروع ٿيو. جڏهن نيتن ياهو معاهدي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ بيروت تي بمباري ڪئي ته ٽرمپ سخت بيان ڏيندي چيو ته آمريڪي سهڪار کان سواءِ اسرائيل جي ڪا خاص حيثيت ناهي. هاڻي وينس به اسرائيل تي تنقيد ڪندڙن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. تازو جنگ ۽ ان جي نتيجي ۾ بدلجندڙ وچ اوڀر ۾ بظاهر اسرائيل ۽ آمريڪا جا مفاد هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رهيا آهن. هن جنگ جي علائقي تي پوندڙ اثرن سبب آمريڪا جي فوجي ساک کي به نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي مغربي مبصر هن جنگ جي نتيجن ۽ معاهدي کي ايران جي "اسٽريٽجڪ فتح” قرار ڏئي رهيا آهن.

بهرحال، ايران کي به سخت نقصان برداشت ڪرڻا پيا آهن. سياسي ۽ فوجي اڳواڻن جون فوتگيون، بنيادي ڍانچي جي تباهي، ڪمزور معيشت ۽ عالمي اڪيلائپ مان نڪرڻ هاڻي معاهدي جي پاسداري ۽ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپن تي دارومدار رکي ٿو. ايندڙ 60 ڏينهن ۾ جوهري پروگرام ۽ معاشي پابندين بابت ڳالهيون انتهائي حساس ۽ پيچيده مرحلي ۾ داخل ٿينديون. لبنان ۾ اسرائيل فوجي ڪارروايون جاري رکي سگهي ٿو ته جيئن امن معاهدي کي سبوتاز ڪري سگهجي. تنهن هوندي به ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي محتاط موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته هن معاهدي جي منظوري مسعود پزشڪيان پاران ايراني قوم ۽ مزاحمتي محاذ جي مفادن جي ضمانت سبب ڏني وئي آهي. هي معاهدو اڃا به نازڪ مرحلي ۾ آهي ۽ ٻنهي ڌرين تي ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. جيئن مستقبل ۾ آمريڪا کي اسرائيل تي ضابطو رکڻو پوندو، تيئن ايران کي به هر معاملي تي آبنائي هرمز بند ڪرڻ يا بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. صرف اهڙي صورت ۾ ئي باقاعده ۽ نتيجا خيز ڳالهيون ممڪن ٿينديون.

 

You might also like