تعليم ۽ صحت، سهولتون نه پر انسان جون بنيادي ضرورتون آهن!

حميد منگي

ڪجهه ماڻهن، اسان جي ذهنن ۾ اهي ڳالهيون ويهاري ڇڏيون آهن ته، انسان جون بنيادي ضرورتون الڳ شيون آهن ۽ بنيادي سهولتون ٻيون شيون آهن، جڏهن ته عقل ۽ علم پاڻ کي سمجهائن ٿا ته، ضرورتن ۽ سهولتن ۾ هاڻي ڪوبه فرق ناهي رهيو۔ بنيادي ضرورتن ۾ پاڻ کي ٻڌايو ويندو رهيو آهي ته صاف پاڻي، کاڌ خوراڪ واريون شيون ۽ رهائش بنيادي ضرورتون آهن۔ جڏهن ته تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، بجلي ۽ گئس سميت ٻين شين کي بنيادي سهولتن ۾ ڳڻايو ويندو رهيو آهي۔ جيڪڏهن پاڻ ايمانداري سان جائزو وٺون ته، انسان جون اهي بنيادي ضرورتون تڏهن ئي پوريون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ضرورتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سهولتون موجود هونديون۔ ڪجهه مثال ٿا وٺون، جيڪڏهن اسان جي صحت درست نه آهي، پاڻ اڻپڙهيل ۽ ڄاڻ کان خالي هونداسين يا ڪم ڪار تي وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ناهي ته، پاڻ پنهنجون ضرورتون ڪيتري حد تائين حاصل ڪري سگهنداسين۔

هاڻي ڪو مڃي يا نه مڃي پر پاڻ کي يا ته اهو سمجهڻو پوندو، اڄوڪي جديد دئور ۾ بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن ۾ ڪو به فرق ڪونهي، يا وري انسان کي اهو مڃڻو پوندو ته ضرورتون حاصل ڪرڻ کان اڳ سهولتن جي گهرج پوي ٿي، اصل ۾ اهي سهولتون ئي اسان کي صاف پاڻي، سٿري کاڌ خوراڪ جي شين ۽ رهائشن تائين پهچائڻ جا مضبوط، محفوظ رستا آهن۔ هتي ٻي ڳالهه کي سمجهڻ جي به ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته، سمورين سهولتن مان سڀ کان وڌيڪ اهم شين، تعليم جنهن سان ڄاڻ ۽ شعور وڌي ٿو ۽ صحت سبب انسان وڏي ۾ وڏو ڪم به آساني سان ڪري سگهي ٿو، انهن ٻنهي کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي جو، ان جا ٻيا متبادل ذريعا آهن ئي ڪونه، باقي ٻيون سهولتون جن ۾ بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ گئس جا متبادل ذريعا موجود آهن۔ پر ان جو اهو مقصد هرگز نه وٺڻ گهرجي ته اهي سهولتون ڀلي نه ملن ته ڪا ڳالهه ناهي، انهن جي اهميت به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهم آهي، ڇو ته انهن بنا تيز ترقي وارو تصور ممڪن ئي ڪونهي۔

اسان جا اڪثر لکيا پڙهيا ماڻهو به علم، عقل ۽ شعور کي بنيادي ضرورت بجاءِ سهولت قرار ڏئي ڄڻ ته اڻپڙهيلن تائين اهو پيغام پهچائين ٿا ته، اڳ ۾ پيٽ پوڄا پوءِ علم، انهيءَ حوالي سان هو اهو عذر به پيش ڪندا آهن ته، پيٽ خالي هوندو ته، علم ڪٿان سمجهه ۾ ايندو، هو اهي مثال هرگز ناهن ڏيندا ته علم، عقل ۽ شعور نه هوندو يا صحت سڌريل نه هوندي ته، پاڻ ڪمائي ڪري دال ۽ اٽو ڪٿان آڻي پنهنجو، پنهنجي ٻچن ۽ گهرڀاتين جو پيٽ پالينداسين۔ هن سڄي بحث جو مقصد اهو آهي ته، پاڻ کي خاص طور تي تعليم، صحت کي بنيادي سهولتون نه، بنيادي ضرورتون سمجهي حاصل ڪرڻ گهرجن۔ جيسيتائين پاڻ تعليم سان اهو رويو رکنداسين تيسيتائين علم اسان جي ويجهو ڪيئن ايندو ۽ ڪيئن اسان  جي رهنمائي ڪندو۔ اچو ته علم سهولت نه پر اڄوڪي دئور جي وڏي ۾ وڏي ضرورت سمجهي پرايون ۽ صحت کي انسان جي اصل سگهه سمجهي حاصل ڪيون۔

جڏهن ته اسان جو حڪمران طبقو، انهن ٻنهي اهم سهولتن کي معمولي سمجهي، هر بجيٽ ۾ معمولي رقم رکندا آيا آهن، نتيجي طور اهي ٻئي ادارا هاڻي تباهي ڪناري تي پهچي چڪا آهن۔ حڪمرانن توڙي اعليٰ عملدارن کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته صحت ”مسيحائي“ ۽ تعليم ”پيغمبري“ پيشا آهن، انهن ٻنهي پيشن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ سان اسان اڳتي نه، پوئتي ئي ويندا رهيا آهيون۔ جڏهن ته حڪمرانن ٻنهي شعبن جي اعليٰ عملدارن جي نااهلي سبب انهن ٻنهي پيشن کي ڪجهه طاقتور ماڻهن هاڻي مڪمل طور تي ڪاروبار ۽ عوامي لٽ ڦر جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي۔ جنهن جي هر سطح تي مخالفت ٿيڻ گهرجي ۽ پڻ خاص طور تي استادن ۽ ڊاڪٽرن جي تنظيمن سميت سياسي سماجي، ۽ علمي ادبي تنظيمن کي به گهرجي ته، اهي انهيءَ حوالي سان پنهنجو ضروري ڪردار ادا ڪن۔ هن معاملي تي ڪوتاهي ڪرڻ سان ايندڙ وقت جي تاريخ اسان کي رڳو سستي واري لقب سان نه نوازيندي پر، ڏوهاري قرار ڏيندي۔

 

You might also like