بيروت/تهران/واشنگٽن(ع آ نيوز) اسرائيل پاران ايران-آمريڪا امن معاهدي کي ڦٽائڻ جي سازش ڪندي بيروت تي ميزائل حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، اسرائيل حزب الله جو ڪمانڊر مارڻ جي دعوي ڪئي آهي، جڏهن ته ايران حملن جو جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. لبناني ميڊيا موجب، بيروت جي ڏکڻ حصي ۾ هڪ عمارت تي هوائي حملي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿيا. زخمين مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، ٻئي طرف اسرائيلي ميڊيا چيو ته ٻن اسرائيلي جنگي جهازن بيروت جي ڏکڻ حصي کي چار گائيڊڊ ميزائلن سان نشانو بڻايو. اسرائيلي ميڊيا موجب، لبنان کان حزب الله جي جوابي حملي کي نظر ۾ رکندي اسرائيلي علائقن ۾ خطري جي خبرداري کي وڌايو ويو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيا آهن جڏهن آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي ويجهو آهن. ايران موجب هن مرحلي تي فوري ترجيح لبنان سميت سڀني محاذن تي جنگ جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اڄ صبح بيروت تي حملو نه ٿيڻ گهرجي ها، اسرائيلي حملي سان ايران امن معاهدي جي عمل ۾ خلل نه پوندو. ٽرمپ چيو ته اسان وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي جي تمام ويجهو آهيون، جنهن ۾ لبنان به شامل آهي، سڀني ڌرين کي تڪرار گهٽائڻ گهرجي، لبنان ۾ اسرائيل طرفان وڌيڪ حملا نه ٿيڻ گهرجن، پر ساڳئي طرح حزب الله پاران اسرائيل خلاف ڪو به حملو نه ٿيڻ گهرجي، هي هڪ ڊگهي ۽ خوبصورت امن جي شروعات ٿي سگهي ٿي، اچو ته ان کي ضايع نه ٿيڻ ڏيون. ٽرمپ چيو ته اسرائيلي حملي امن ٺاهه کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ روڪي ڇڏيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هاڻ هي صحيحن جي تقريب ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٿيندي.