پاڪستان جي سياسي تاريخ جو سڀ کان وڏو الميو اهو رهيو آهي ته هتي قومي سوالن کي ڪڏهن به سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. سنڌ بلوچستان پختونخوا سرائيڪي وسيب ۽ ٻين قومن جي وسيلن ثقافت ٻولي ۽ سياسي اختيارن بابت جيڪي سوال 1947ع ۾ موجود هئا انهن مان گهڻا اڄ به زنده آهن. رياست قومي حقن جي بحث کي سياسي مسئلي بدران سيڪيورٽي مسئلو سمجهندي رهي آهي، جنهن سبب بي اعتمادي، محرومي ۽ مزاحمت جنم وٺندي رهي آهي
آئين کي رياست ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو چيو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ آئين بار بار طاقت جي سياست جو شڪار رهيو آهي ڪڏهن آئين کي معطل ڪيو ويو ڪڏهن ان جي تشريح طاقتور ڌرين جي مفادن مطابق ڪئي وئي ته ڪڏهن صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن سان لاڳاپيل شقن کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو نتيجي ۾ وفاق ۽ مختلف قومن جي وچ ۾ سياسي فاصلا وڌندا ويا
ان صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڪردار انهن سياسي اشرافي قوتن جو رهيو آهي جيڪي پاڻ کي جمهوريت جا علمبردار سڏائين ٿيون سنڌ جا وڏيرا بلوچستان جا سردار خيبر پختونخوا جا خان ۽ پنجاب جا چوڌري ڏهاڪن کان اقتدار جا حصيدار رهيا آهن. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهي عوام جا حقيقي نمائندا هئا ته پوءِ سندن علائقن ۾ غربت بيروزگاري، اڻپڙهيل هجڻ صحت جي کوٽ ۽ بنيادي سهولتن جي بدحالي ڇو برقرار آهي
سنڌ جي وڏيراشاهي تي به سنجيده سوال اٿن ٿا جيڪي ماڻهو پاڻ کي جمهوريت پسند وفاق پرست يا قومپرست سڏائين ٿا ڇا انهن پنهنجي پارٽين اندر جمهوريت قائم ڪئي آهي؟ ڇا اقتدار عام ڪارڪن تائين منتقل ٿيو آهي يا اڄ به سياست چند خاندانن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي قبضي ۾ آهي. عوام کي حق حاصل آهي ته هو پڇي ته جمهوريت جي نالي تي هلندڙ سياست عوام کي طاقت ڏني آهي يا صرف اشرافيه کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي
لساني جهيڙا به هن ملڪ جي حڪمران سياست جو هڪ پراڻو هٿيار رهيا آهن جڏهن به عوام پنهنجي معاشي حقن وسيلن جي مالڪي بيروزگاري تعليم ۽ صحت بابت سوال اٿاريا آهن ته ڪيترن ئي موقعن تي عوام کي ٻولي نسل ۽ سڃاڻپ جي بنيادن تي هڪ ٻئي جي سامهون بيهاريو ويو آهي. سنڌي اردو ڳالهائيندڙ، پٺاڻ بلوچ سرائيڪي يا پنجابي عوام جا اصل مسئلا ساڳيا آهن پر حڪمران طبقا ۽ سياسي واپاري انهن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي پنهنجو اقتدار بچائيندا رهيا آهن
حقيقت اها آهي ته لساني تڪرارن مان نه مزدور کي فائدو مليو آهي، نه هاري کي نه بيروزگار نوجوان کي ۽ نه ئي عام شهري کي. فائدو هميشه انهن طبقن کي ٿيو آهي جيڪي عوام کي ورهائي اقتدار جا مزا ماڻيندا رهيا آهن هڪ طرف قومن جا حق دٻايا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف انهن قومن جي عوام کي هڪ ٻئي خلاف بيهاري اصل مسئلن کان ڌيان هٽايو وڃي ٿو
ٻئي طرف عالمي سرمائيداري نظام به اهڙين حالتن مان فائدو وٺندو رهيو آهي جڏهن قومون مزدور ۽ پورهيت طبقا ورهايل هجن ته وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ معاشي پاليسين کي پنهنجي مفادن مطابق هلائڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو آهي عالمي مالياتي ادارا قرضي پاليسيون ۽ معاشي انحصار اهڙي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪندا آهن جڏهن ته مقامي اشرافيه ان نظام جي محافظ بڻجي بيٺي هوندي آهي
رجعت پرستي به هن سڄي راند جو اهم حصو رهي آهي جڏهن به عوام پنهنجي حقن وسيلن ۽ آئيني اختيارن بابت سوال اٿاريندو آهي ته انهن سوالن کي مذهبي جذبات لساني نفرتن يا مصنوعي تڪرارن ۾ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي نتيجي ۾ عوام اصل دشمن کي سڃاڻڻ بدران پاڻ ۾ ئي ورهائجي ويندو آهي
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي سوالن کي سياسي انداز ۾ حل ڪيو وڃي آئين جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي، قومن جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي ۽ لساني جهيڙن کي اقتدار جي سياست جو هٿيار بڻائڻ بدران مختلف قومن جي وچ ۾ برابري، احترام ۽ گڏيل جدوجهد کي هٿي ڏني وڃي ڇو ته تاريخ جو سبق واضح آهي جيڪي قومون ۽ عوام پاڻ ۾ وڙهندا آهن انهن جا وسيلا ٻيا کڻي ويندا آهن ۽ جيڪي قومون پنهنجي حقن جمهوريت آئيني بالادستي ۽ سماجي انصاف لاءِ گڏجي بيهنديون آهن، اهي ئي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪنديون آهن