اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي جيل ۾ طبيعت خراب

لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) جيل ۾ قيد اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي حالت خراب ٿي وئي، کيس استعمال داخل ڪيو ويو، اسماعيل ڏاهري کي ساهه جي تڪليف سبب ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو، ذريعن موجب اسماعيل ڏاهري جي وارثن موجب گرمي ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار کي بغير وينٽيليشن رکيو ويو، خراب کاڌو فراهم ڪري کيس بهتر علاج نه ڏنو ويو، اسماعيل ڏاهري جي خاندان طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته کيس گذريل ڪجهه ڏينهن کان سخت گرمي ۾ بغير پکي ۽ مناسب هوا واري بند سيل ۾ رکيو ويو، خاندان موجب ان جاءِ تي هوا جي آمد و رفت تقريبن نه هئڻ جي برابر هئي ۽ کيس ڪيترن ڏينهن پراڻو ۽ ناقص کاڌو ڏنو ويندو هو، سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ اسماعيل ڏاهري جي وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سندس طبي حالت گذريل 3 کان 4 مهينن کان خراب هئي ۽ کيس ڪڏهن ڪڏهن رت جون الٽيون به ٿينديون هيون، باوجود ان جي کيس اسپتال  منتقل نه ڪيو ويوم سياسي اڳواڻن سان معاملو به اٿاريو ويو پر ڪا سنجيده ڪارروائي نه ٿي، اسماعيل ڏاهري جي حالت خراب آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.