فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان مک جوابدار قرار، چالان جمع

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي باني عمران خان خلاف ممنوع فنڊنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. جاچ اختيارين پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ ٻين خلاف چالان جمع ڪرايو آهي. چالان ۾ پي ٽي آءِ جي باني  عمران خان کي غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ مکيه جوابدار قرار ڏنو ويو آهي. رجسٽرار آفيس چالان جي ڇنڊڇاڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي  مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا اسلام آباد بينڪنگ ڪورٽ جي جج عبدالغفور ڪاڪڙ جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. پي ٽي آءِ جي باني سميت 11 جوابدارن تي تقريباً 1800 ٽرانزيڪشن ذريعي مختلف ملڪن مان پارٽي اڪائونٽس کي فنڊ ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن ۾ "نيا پاڪستان” جي نالي تي 2.1 ملين ڊالر جا غير قانوني فنڊ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه رقم "ووٽ آن ڪرڪيٽ لميٽيڊ” نالي ڪمپني ذريعي پڻ موڪلي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.