وفاق طرفان سنڌ خلاف ٿيندڙ ھر سازش جو مقابلو ڪنداسين:زين شاهه

ڪنڌڪوٽ/ غوثپور/ تنگواڻي (نمائندن وٽان) ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ ۽ سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن کي ھن مظلوم عوام سان ڪابه ھمدردي ۽ محبت ڪونھي، عوام مھانگائي، بدامني ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ۽ ڪرم تي زندگي گھاري رھيو آزهي، سنڌ اندر ڏوھن ۽ قبيلائي جھيڙن ھتان جي مظلوم عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، سيد زين شاهه ضلعي ڪشمور جي دوري دوران غوثپور شھر جي مک بس  اڏي تي گڏ ٿيل ڪارڪنن سان خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت جيڪا پندرنهن سالن کان پنھنجا مفاد پورا ڪرڻ خاطر سنڌ اندر ڦرلٽ ڪئي آهي، ان جو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، اسٽبلشمينٽ قبيلائي تڪرارن کي ھٿي ڏيندڙ سياستدانن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، عوام کي پنھنجي بقا خاطر جاڳڻو پوندو، وفاق طرفان سنڌ خلاف ٿيندڙ ھر سازش جو مقابلو ڪنداسين، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ ميڊيا ۽ ڪاڪنن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ اندر منشيات عام آهي مافيائون ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿينديون پيون وڃن، ملڪي ليول تي حڪومتي ادار ڊهندا پيا وڃن ڪٿي به انصاف نظر نه پيو اچي، سنڌ جي عوام مٿان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.