پ پ جي دٻاءَ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن جي بدلي روڪي وئي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي تجويز ڪيل بدلين واري معاملي ۾ دلچسپي رکندڙ حلقن کي اڱاري ڏينهن ان وقت جزوي جهٽڪو لڳو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي دٻاءُ سبب  ٻن ججن جي بدلي في الحال روڪي وئي. ذريعن موجب حڪومتي قدم ۾ پيپلز پارٽي جي مداخلت سبب جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس ارباب ايم طاهر جا نالا گهٽ ۾ گهٽ هن وقت لاءِ بدلين واري فهرست مان ڪڍيا ويا آهن. ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري جي ملڪ واپسي تي ان معاملي کي ٻيهر اٿارڻ جو امڪان آهي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته ويجهي مستقبل ۾ انهن ٻنهي ججن جي تبادلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. هي اڳڀرائي حڪومت جي انهن اڳوڻن اشارن جي ابتڙ آهي، جن ۾ چيو ويو هو ته پيپلز پارٽي پنهنجن خدشن باوجود جڊيشنل ڪميشن آف پاڪستان ۾ تمام تجويز ڪيل بدلين جي حمايت ڪندي. ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو هو ته جڊيشنل ڪميشن ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جسٽس خادم حسين سومرو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس ارباب ايم طاهر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز تي اعتراض واريا هئا، پر حڪومتي ذريعن کي پڪ هئي ته ووٽنگ وقت کين پي پي جي حمايت حاصل ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.