لنڊن(ثقلين امام)نار فارس جي ڏاکڻي ساحلن ۽ ريگستانن تي آباد رياستن جي ڪهاڻي ويهين صديءَ جي حيرت انگيز معجزن مان هڪ آهي. هي رڳو ڪجهه ملڪن جي تاريخ ناهي، پر هڪ اهڙي ارتقائي اڏام يا ڪوانٽم ليپ چئي سگهجي ٿي، جنهن گمنام قبائلي بستين کي دنيا جي طاقتور ترين معاشي مرڪزن ۽ فنانشل هبز ۾ بدلائي ڇڏيو.اڻويهين صديءَ ۾ هي خطو ڪنهن هڪ عالمي طاقت جي مڪمل ڪنٽرول ۾ نه هو، پر هتي طاقت جا ننڍا ننڍا مرڪز هوندا هئا. برطانوي سامراج جي اچڻ کان اڳ، هن خطي جي وڏي حصي تي سلطنتِ عثمانيه جو اثر هو، ٻئي طرف مسقط ۽ عمان جي پنهنجي هڪ عظيم الشان سامونڊي سلطنت هئي جيڪا مشرقي آفريقا جي ساحلن خصوصاً زنزيبار تائين پکڙيل هئي. جڏهن ته اندرون ملڪ مختلف قبائلي اتحاد مڪمل خود مختيار هئا. ان دور ۾ معيشت جو دارومدار کجور جي پوک، اٺن جي پرورش ۽ سمنڊ مان موتي ڪڍڻ تي هو. سياسي وفاداريون بين الاقوامي سرحد بدران قبيلي جي سردار يا شيخ سان وابسته هونديون هيون.جڏهن برطانيه هتي قدم رکيو ته سندس مقصد انهن علائقن کي فتح ڪرڻ نه، پر پورچوگالين ۽ ڊچن کي ڪڍي بحري رستن تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪرڻ هئي ته جيئن برٽش انڊيا تائين تجارتي رستا محفوظ رهي سگهن. اڻويهين صديءَ ۾ جن علائقن کي اڄ اسان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، ڪويت ۽ عمان جي نالي سان سڃاڻون ٿا، اهي ڪنهن به بين الاقوامي تعريف موجب خود مختيار رياستن واري حيثيت نه رکندا هئا. برطانيه انهن سان جيڪي معاهدا ڪيا، انهن کي زيرِ حفاظت علائقا چيو ويو. 1853ع جي "ٽريٽي آف پرپيچوئل پيس” تحت انهن علائقن کي "ٽروشيل اسٽيٽس” جو نالو ڏنو ويو. انهن معاهدن جو مطلب هو ته اهي قبائلي سردار پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۽ دفاع برطانيه حوالي ڪري بدلي ۾ سيڪيورٽي خريد ڪري رهيا هئا.ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ جڏهن هتان تيل جا کوهه نڪرڻ لڳا ته انهن رياستن جو ارتقا هڪ ڊرامائي موڙ وٺي ويو. هتان ان تصور جو آغاز ٿئي ٿو جنهن کي ماهر "فئملي ڪارپوريشنز” چون ٿا. جڏهن مغربي تيل ڪمپنين (جهڙوڪ بي پي ۽ آرامڪو) هتي رخ ڪيو ته هنن رياستن سان نه، پر سڌو سنئون حڪمران خاندانن سان معاهدا ڪيا. اهي معاهدا سياسي کان وڌيڪ ڪاروباري هئا، جتي تيل جي رائلٽي سڌو سنئون شاهي خاندان جي خانگي اڪائونٽس ۾ ويندي هئي. حڪمران خاندان هڪ "بورڊ آف ڊائريڪٽرز” وانگر ڪم ڪندو هو، جيڪو تيل جي رقم قبائلي وفاداريون خريد ڪرڻ يا پنهنجي عياشين تي خرچ ڪندو هو. ان دور ۾ رياستن جي حيثيت ملڪن بدران تيل پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي "اسٽيٽ ايجنسين” جهڙي هئي. مثال طور برونائي کي سلطنت بدران "شيلٽينيٽ چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اتي شيل ڪمپني جو راڄ هو. سعودي عرب جو قصو سڀ کان منفرد آهي. هي ڪڏهن به برطانوي سيڪيورٽي ۾ نه رهيو، پر شاهه عبدالعزيز تلوار جي زور تي نجد ۽ حجاز کي متحد ڪيو. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان جي پٺيان برطانيه جي مدد هئي، جيڪو سلطنتِ عثمانيه کي ٽوڙڻ چاهي پيو. آرامڪو ڪمپني سعودي عرب جي ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آرامڪو رڳو هڪ تيل جي ڪمپني نه هئي، پر ان سعودي عرب ۾ روڊ، ايئرپورٽ ۽ اسپتالون ٺاهيون. هي هڪ طرح سان ”رياست اندر رياست“ هئي. آمريڪي ڪمپنيون سعودي خاندان کي تحفظ ڏينديون هيون ۽ بدلي ۾ سستو تيل حاصل ڪنديون هيون.گڏيل عرب امارات ستن ننڍين امارتن جو اتحاد آهي، جيڪو 1971ع ۾ وجود ۾ آيو. شيخ زائد بن سلطان انهن کي هڪ وفاق ۾ پروئي ڇڏيو ته جيئن سعودي عرب يا ايران کين هڙپ نه ڪري وڃن. دبئي هڪ "اسٽيٽ ڪارپوريشن” جو ماڊل پيش ڪيو، جتي حڪومت هڪ جديد فنانشل ڪمپني وانگر هلي ٿي، جنهن جو مقصد رڳو واپار، سياحت ۽ نفعو ڪمائڻ آهي.ڪويت، قطر ۽ بحرين به اهڙا ئي ماڊل اختيار ڪيا. ڪويت 1953ع ۾ پهريون ڀيرو "سوويرن ويلٿ فنڊ جو تصور متعارف ڪرايو. قطر پنهنجي گئس جي ذخيرن ذريعي پاڻ کي "سافٽ پاور” ۾ تبديل ڪيو، جتي الجزيره نيٽ ورڪ ۽ ورلڊ ڪپ جي ميزباني ذريعي هو عالمي سياست تي اثر انداز ٿئي ٿو. عمان وري سلطان قابوس جي قيادت ۾ پاڻ کي هڪ غير جانبدار ٽياڪڙ طور مڃايو.انهن رياستن “رينٽيئر اسٽيٽ“جو ماڊل اختيار ڪيو، جتي حڪومت عوام کان ٽيڪس نه وٺندي آهي، پر تيل جو نفعو عوام ۾ ورهائي کين وفاداريءَ تي مجبور ڪندي آهي. نتيجي ۾ عوام سياسي حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ بدران معاشي خوشحاليءَ تي سمجهوتو ڪري ورتو.1971ع ۾ جڏهن برطانيه نار مان نڪتو ته سيڪيورٽي جو ذمو نئين عالمي ٺيڪيدار، آمريڪا، سنڀالي ورتو. تيل جو واپار ڊالر ۾ ٿيڻ لڳو، جنهن سان "پيٽرو ڊالر” جي حڪمراني شروع ٿي. "ڪارٽر ڊاڪٽرائن” تحت نار کي آمريڪي مفاد جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ سڄو خطو آمريڪي فوجي اڏن ۾ بدلجي ويو. پر اڄ، ايڪيهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾، هڪ وڏي اسٽريٽجڪ تبديلي اچي چڪي آهي.28فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ٿيندڙ حملي ۽ ان کانپوءِ ايران جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ آمريڪي فوجي اڏن جي افاديت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن آمريڪي اڏا پنهنجي حفاظت نه ڪري سگهيا ته اهي خليجي رياستن جي حفاظت ڇا ڪندا؟ آرامڪو تي ڊرون حملا ۽ ايراني ميزائلن ثابت ڪيو ته آمريڪي "سيڪيورٽي امبريلا” ۾ هاڻي وڏا سوراخ ٿي چڪا آهن. "تيل بدلي تحفظ” وارو معاهدو هاڻي خطري ۾ آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته انهن رياستن جو مستقبل ڇا آهي؟ تاريخ جو سبق آهي ته جڏهن سيڪيورٽي گارنٽر ڪمزور ٿيندو آهي ته جغرافيو به محفوظ ناهي رهندو. هاڻي انهن کي پنهنجي بقا لاءِ واشنگٽن بدران ايران سان معاملا بهتر ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن اهي رياستون جمهوريت يا عوامي شموليت ڏانهن نه وڌيون ته سندن تختا اونڌا ٿي سگهن ٿا. سعودي عرب، قطر ۽ امارات جو ايران سان تازو رابطو ان تبديل ٿيندڙ سوچ جو حصو آهي ته هاڻي آمريڪا هتان وڃي رهيو آهي يا وڃي چڪو آهي.انهن نار جي بادشاهتن جو ارتقا هاڻي ان فيصلي ڪندڙ موڙ تي آهي، جتي بقا جو رستو پرڏيهي فوجي اڏن ۾ نه، پر حقيقي سياسي سڌارن ۽ علائقائي سمجهوتن ۾ لڪل آهي. کين قبائلي سرداري نظام مان نڪري هڪ جديد رياست طور پاڻ کي ثابت ڪرڻو پوندو. ورنه، ڪارپوريٽ دنيا جي اصولن موجب، ناڪام ٿيندڙ يونٽس جو مقدر رڳو خاتمو يا ڏيوالپڻو ئي هوندو آهي.تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ٻاهرين سڪيورٽي ختم ٿيندي آهي ته رياستون يا ته اندروني اصلاح ڪن ٿيون يا بحران ۾ هليون وڃن ٿيون.نار فارس هاڻي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جتي قبائلي بادشاهتن کي جديد رياستن ۾ تبديل ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جو چئلينج درپيش آهي.