63 سيڪڙو آمريڪي شهري ٽرمپ جي پاليسين جا مخالف بڻجي ويا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نشرياتي اداري اين بي سي نيوز پاران جاري ڪيل تازي سروي موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقبوليت ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي ۽ 63 سيڪڙو آمريڪي شهري سندس پاليسين جا مخالف ٿي ويا آهن. سروي جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صدر ٽرمپ جي مقبوليت سندس ٻئي صدارتي مدي جي گهٽ ترين سطح 37 سيڪڙو تائين ڪري پئي آهي. رپورٽ موجب، 66 سيڪڙو شهرين ايران سان جنگ جي صورتحال ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ٽرمپ انتظاميا کي نشانو بڻايو آهي. خاص طور تي آمريڪي نوجوانن ۾ جنگ جي خلاف سخت ڪاوڙ ڏٺي وئي آهي، جتي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن 74 سيڪڙو ماڻهن ايران تي وڌيڪ حملن جي مخالفت ڪئي آهي. سروي ۾ شامل صرف 32 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته هو مهنگائي بابت صدر جي پاليسين مان مطمئن آهن، جڏهن ته 68 سيڪڙو شهرين ان کي ناڪام قرار ڏنو. انگن اکرن موجب، ريپبلڪن پارٽي جي ووٽرن ۾ ٽرمپ جي حمايت اڃا به 83 سيڪڙو آهي، پر گذريل ٻن مهينن جي ڀيٽ ۾ ان ۾ به 4 سيڪڙو جي لاٿ آئي آهي. مجموعي طور تي، اڪثريت جو خيال آهي ته آمريڪا هن وقت غلط رخ ۾ وڌي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.