ڪابل(ع آ نيوز)آمريڪي جاچ اداري مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ ۾ افغان طالبان جي حڪومتي ڍانچي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ موجب افغان طالبان جا 20 سيڪڙو کان وڌيڪ اڳواڻ بم ڌماڪن ۽ آپگهاتي حملن جا ماسٽر مائينڊ آهن.هوڏانهن افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته طالبان جي 33 رڪني ڪابينا ۾ 13 کان 14 ميمبر گڏيل قومن جي پابندين جي فهرست ۾ شامل آهن. افغان ميڊيا موجب پابندين جي موجوده فهرست ۾ طالبان سان سلهاڙيل مجموعي طور 135 ڄڻن ۽ 5 ادارن جا نالا به شامل آهن.