ايران-آمريڪا ڳالهيون، پاڪستان جون ڪوششون علائقائي امن لاءِ انتهائي اهم آهن: چين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ بابت اسلام آباد جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني سفير جيانگ زائي دونگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقي جي صورتحال تي ويچار ونڊيا ويا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران جيانگ زائي دونگ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي لڳاتار ڪوششن کي ساراهيو.
سندن چوڻ هو ته اهي ڪوششون ”علائقي ۽ ان کان اڳتي پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهن.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.