هرمز بحران: آمريڪي ناڪابندي سان امن ڳالهين کي خطرو

زاهد حسين

آمريڪا جي صدر جو اهو قدم ته هرمز جي سامونڊي گهٽي مان ايندڙ ۽ ويندڙ سڀني ايراني جهازن کي روڪيو وڃي، هڪ نازڪ جنگ بندي لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويو آهي ۽ واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ وڌيڪ ڳالهين جي ڪنهن به امڪان کي به نقصان پهچائي سگهي ٿو. اهو فيصلو اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ڳالهين کان صرف ڪلاڪن پوءِ ڪيو ويو، جيڪي ڪنهن باضابطا ٺاهه تي ختم ته نه ٿيون، پر وڌيڪ ڳالهين جا در ضرور کولي ويون. هن ناڪابندي ذريعي آمريڪي قيادت چاهي ٿي ته ايران کي انهن شرطن کي مڃڻ تي مجبور ڪري، جيڪي گذريل هفتي اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين دوران پيش ڪيا ويا هئا. پر هن اهم سامونڊي لنگهه تائين رسائي محدود ڪرڻ واري هن جارحاڻي قدم سان شايد اهو حاصل نه ٿي سگهي، جيڪو آمريڪا جي ڇهن هفتن واري فوجي مهم حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ايران ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن بحري ناڪابندي ختم نه ڪئي وئي ته هو خليج ۾ آمريڪي فوجي اثاثن تي حملا ٻيهر شروع ڪندو، جنهن سان صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي سگهي ٿي. ايران جي تيل جي وڪري کي بند ڪرڻ جي آمريڪي ڌمڪي علائقي ۽ ان کان ٻاهر جي ملڪن کي به هن تڪرار ۾ ڇڪي سگهي ٿي.

هي اڳڀرائي پاڪستان ۽ ٻين علائقائي ملڪن جي انهن ڪوششن لاءِ ڌچڪو سمجهي پئي وڃي، جيڪي هن نازڪ ڳالهين جي عمل کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيون ويون هيون. طاقت جي زور تي هلندڙ سفارتڪاري هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. بهرحال، اڃا به اميد موجود آهي ته وڌندڙ عالمي ۽ گهريلو دٻاءَ هيٺ آمريڪي قيادت پوئتي هٽي ۽ ڳالهين جي ميز ڏانهن واپس موٽي. اهڙو اشارو به ڏنو ويو آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان وڃڻ لاءِ تياري ظاهر ڪئي وئي آهي.

گذريل هفتي واقعي هڪ تاريخي لمحو هو، جڏهن آمريڪي ۽ ايراني عملدار 1979ع کان پوءِ پهريون ڀيرو تقريبن اعليٰ ترين سطح تي اسلام آباد ۾ مليا. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون جنگ جي ڇانوَ ۽ اعتماد جي کوٽ جي باوجود ٿيون، پر 21 ڪلاڪن تي ٻڌل انهن ڳالهين برف ضرور ڳاري، جيتوڻيڪ ڪو به ٺاهه نه ٿي سگهيو. اهي گذريل 47 سالن ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڀ کان اهم ڳالهيون هيون، جن ۾ ڪيترن ئي معاملن تي بحث ٿيو، پر ڪجهه اهم اختلافن ڳالهين کي بي نتيجا ڇڏي ڏنو. ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب، ڳالهين جي ٻئي دور جا امڪان مضبوط آهن.

اهو غيرحقيقي هو ته ٻن جنگ ڪندڙ ڌرين کان اميد رکجي ته هو پهرين ئي ويهڪ ۾ مڪمل امن ٺاهه تي پهچي ويندا. بهرحال، اها اميد ضرور هئي ته گهٽ ۾ گهٽ هو جنگ بندي کي وڌائڻ ۽ وڌيڪ ڳالهين لاءِ هڪ واضح ڍانچو ٺاهڻ تي متفق ٿيندا، جيڪو بدقسمتي سان نه ٿي سگهيو ۽ غيريقيني صورتحال پيدا ٿي وئي. بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ٻه وڏا مسئلا ڳالهين ۾ رڪاوٽ بڻيا. ايران جو ايٽمي پروگرام ۽ هرمز جي سامونڊي گهٽي تي ڪنٽرول. ٻڌايو پيو وڃي ته آمريڪا ايران کان گهٽ ۾ گهٽ 20 سالن لاءِ سڀني ايٽمي سرگرمين، خاص طور تي يورينيم جي واڌاري کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. تهران گهڻي عرصي کان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي خواهش کي رد ڪندو رهيو آهي، پر هو عالمي عدم ڦهلاءَ واري معاهدي تحت پنهنجن حقن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن تحت هو هٿيارن جي سطح کان هيٺ يورينيم جي واڌ جاري رکي سگهي ٿو. اهو مسئلو گهڻي عرصي کان تڪرار جو مرڪز رهيو آهي، جيتوڻيڪ ايران ڪجهه لچڪ به ڏيکاري آهي. ان کان علاوه، آمريڪا اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ايران پنهنجو سمورو واڌايل يورينيم حوالي ڪري. ايران آمريڪا جي ان اسرار تي به اعتراض ڪيو آهي ته سندس تيل جو ذخيرو ملڪ کان ٻاهر موڪليو وڃي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪي قيادت اڳ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته گذريل جون ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي بمباري ايران جي ايٽمي تنصيبات کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ واڌايل يورينيم انهن تباهه ٿيل هنڌن جي ملبي هيٺ دفن ٿي ويو آهي.

اهو واضح هو ته ايران ڪافي لچڪ ڏيکاري آهي، پر آمريڪي انتظاميا لاءِ اهو ڪافي نه هو. ايراني عملدارن ڳالهين ۾ رنڊڪ جو سبب آمريڪا جي سخت موقف ۽ گهري اعتماد جي کوٽ کي قرار ڏنو. بهرحال، تهران جو چوڻ آهي ته هو ايٽمي مسئلي تي وڌيڪ ڳالهين لاءِ تيار آهي. هرمز جي سامونڊي گهٽي ۾ آزاد اچ وڃ جي بحالي به هڪ وڏو تڪراري مسئلو رهيو. ايران هن سامونڊي رستي تي پنهنجو ڪنٽرول ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪو نه صرف آمريڪا پر ٻين ملڪن لاءِ به ناقابل قبول آهي، جيڪي کليل اچ وڃ جو مطالبو ڪن ٿا. اهي اهڙا مسئلا هئا، جيڪي جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن ها. پر ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته آمريڪي صدر، پنهنجي غيرمتوقع طبيعت باوجود، اهڙو انتهائي قدم کڻندو، جيڪو عالمي قانون تحت جنگ جو اعلان سمجهيو وڃي ٿو. بحري ناڪابندي عالمي برادري جي مفادن جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته اها ايران جي بندرگاهن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ سڀني جهازن کي متاثر ڪري ٿي. هن ناڪابندي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ چين آهي، جيڪو ايران کان تيل خريد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دلچسپ طور، گذريل مهيني آمريڪا عالمي تيل جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ايران جي تيل تي پابنديون نرم ڪيون هيون، پر هاڻوڪو قدم قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻيو آهي. چين هن ناڪابندي جي سخت مذمت ڪندي ان کي غيرذميواراڻو ۽ خطرناڪ قرار ڏنو آهي. هڪ الڳ بيان ۾ چيني صدر وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته دنيا کي ٻيهر جهنگ جي قانون ڏانهن موٽڻ نه ڏنو وڃي. بهرحال، اهو ڏسڻو آهي ته چين ۽ ٻيا تيل خريد ڪندڙ ملڪ آمريڪي بحريه طرفان پنهنجي جهازن کي روڪڻ تي ڪهڙو ردعمل ڏيندا. هن علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي طاقت جو استعمال وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

آمريڪي قدمن تي ان جي اتحادي ملڪن به تنقيد ڪئي آهي، جنهن سان آمريڪا وڌيڪ اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ رڳو اسرائيل هن ناڪابندي جي حمايت ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت، فرانس ۽ برطانيا هن هفتي لڳ ڀڳ چاليهه ملڪن جو اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ هرمز جي سامونڊي گهٽي کي ٻيهر کولڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود، ڪجهه ميڊيا رپورٽن موجب ايندڙ هفتي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ٿيڻ جا امڪان موجود آهن. آمريڪي عملدارن اشارو ڏنو آهي ته ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ رابطا جاري آهن، جڏهن ته پاڪستان پنهنجو ٽياڪڙي وارو ڪردار جاري رکيو پيو اچي.

اسلام آباد ۾ ٿيل گذريل هفتي جون ڳالهيون پاڪستان جي سفارتي حيثيت کي امن قائم ڪندڙ ملڪ طور مضبوط ڪيو آهي. بهرحال، اهو واضح ناهي ته ٻيو دور به اسلام آباد ۾ ٿيندو يا نه، پر پاڪستان جو غيرجانبدار ٽياڪڙي وارو ڪردار جاري رهڻ جو امڪان آهي. اهو ملڪ جي امن سفارتڪاري لاءِ هڪ اهم ڪاميابي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.