سنڌي سماج کي هميشه انسان دوست، روادار ۽ عورت جي عزت ڪندڙ سماج طور سڃاتو ويو آهي۔ سنڌي تهذيب ۽ روايتن ۾ عورت کي اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي۔ سنڌي سماج ۾ ست قرآن جي روايت، نياڻي جي احترام ۽ مهمان نوازي جهڙيون خوبيون صدين کان موجود رهيون آهن۔ جڏهن ڪنهن گهر ۾ نياڻي اچي پناهه وٺندي هئي ته دشمن به هٿ روڪي ڇڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته نياڻي آئي، بخشي ڇڏيو۔ اها روايت سنڌي سماج جي وڏي اخلاقي قوت سمجهي ويندي هئي۔ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جديد دور ۾ ساڳيو سماج، جيڪو عورت جي عزت ۽ احترام جي دعويٰ ڪندو رهيو آهي، اڄ عورتن خلاف ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ قتلن جو شاهد بڻجي ويو آهي۔ خاص طور تي غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل، عورتن کي ڪاري قرار ڏيڻ ۽ انهن کي سماج جي سامهون بي رحمي سان قتل ڪرڻ جهڙا واقعا سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ کي داغدار ڪري رهيا آهن۔
تاريخي طور سنڌي سماج ۾ عورت کي اعليٰ حيثيت حاصل رهي آهي۔ موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي صوفي ازم تائين عورت کي عزت ۽ احترام ڏنو ويو آهي۔ سنڌ جي صوفي شاعرن، خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، عورت کي بهادري، قرباني ۽ محبت جي علامت طور پيش ڪيو۔ مارئي، سسئي، نوري ۽ مومل جهڙيون ڪردار عورت جي عزت، وفاداري ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي ويون۔شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عورت صرف گهر جي چار ديواري تائين محدود نه رهي پر سماجي جدوجهد ۽ مزاحمت جي علامت طور پيش ڪئي وئي۔ مارئي وطن لاءِ جدوجهد ڪئي، سسئي محبت ۽ وفاداري لاءِ ريگستانن ۾ ڀٽڪي، جڏهن ته نوري عاجزي ۽ سادگي جي علامت بڻجي سامهون آئي۔غيرت جي نالي تي قتل، جنهن کي عام طور ڪارو ڪاري چيو وڃي ٿو، اصل ۾ هڪ سنگين ڏوهه آهي۔ هن رسم جو نه اسلام سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي سنڌي روايتن سان۔ اسلام ۾ واضح طور بيگناهه انسان کي قتل ڪرڻ کي سخت گناهه قرار ڏنو ويو آهي۔
انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ هر سال ڪيترين ئي عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو۔ مختلف انساني حقن جي ادارن جي رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 800 کان 1000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جن مان وڏي انگ جو تعلق سنڌ سان پڻ آهي۔ سنڌ اندر مختلف سالن دوران پيش آيل ڪجهه اهم واقعا:
گھوٽڪي ۾ نوجوان ناري ناديه لغاري کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪيو ويوخيرپور ۾ رابعه چانڊيو کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو، دادو ۾ نسرين چانڊيو کي قتل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ زرينا بروهي کي مبينا طور غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويوشڪارپور ۾ نوجوان عورت فرزانه جتوئي کي قتل ڪيو ويو. گمبٽ ڀرسان نوجوان نياڻي روبينه کي هجوم آڏو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، گمبٽ وارو واقعو خاص طور تي انتهائي افسوسناڪ رهيو، جتي روبينه ماڻهن آڏو رحم جي اپيل ڪندي رهي، پر ڪنهن به اڳتي اچي سندس جان بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي۔
سنڌ اندر صرف ڪارو ڪاري جا واقعا نه پر تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين سان هراساني جا واقعا پڻ سامهون ايندا رهيا آهن، جيڪي ڪيترين ئي نياڻين کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا جن ۾ ميرپورخاص ۾ شاگردياڻي نمرتا چنداني جو واقعو، جنهن جي پراسرار موت ملڪ ڀر ۾ بحث جو موضوع بڻيو حيدرآباد ۾ شاگردياڻي فاطمه سومرو مبينا هراسمينٽ بعد خودڪشي ڪئي لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل شاگردياڻي نمرتا چنداني جي موت بعد شاگردن احتجاج ڪيو سکر ۾ شاگردياڻي حنا بلوچ هراساني جي الزام بعد خودڪشي جي ڪوشش ڪئي
ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين پاران هراسمينٽ جون شڪايتون رپورٽ ٿيون اهي واقعا ظاهر ڪن ٿا ته عورتون نه صرف گهرن ۾ پر تعليمي ادارن ۾ به محفوظ ناهن۔پاڪستان جو آئين عورتن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، پر عملي طور قانون تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ سبب اهڙا واقعا جاري آهن۔ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ بااثر ماڻهو جوابدارن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا۔ پوليس، عدالتون ۽ حڪومتي ادارا جيڪڏهن موثر قدم نه کڻندا ته اهڙا واقعا جاري رهندا۔ ساڳئي وقت سماج کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔
سنڌ ۾ ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاڻ کي انسان دوست ۽ ترقي پسند قرار ڏنو آهي، پر عملي طور تي اهڙن واقعن تي صرف بيان جاري ڪيا وڃن ٿا۔ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کي ميدان ۾ اچي متاثر خاندانن جي مدد ڪرڻي پوندي۔ ميڊيا کي گهرجي ته عورتن جي مسئلن کي سنجيدگي سان اجاگر ڪري۔ بدقسمتي سان ڪجهه ميڊيا ادارا عورت کي تماشو بڻائي پيش ڪن ٿا، جنهن سان سماج ۾ عورت خلاف منفي سوچ وڌي ٿي۔عورتن خلاف ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ لاءِ تعليم کي هٿي ڏني وڃي، عورتن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جرگا سسٽم تي پابندي لڳائي وڃي، پوليس ۽ عدالتن کي مضبوط ڪيو وڃي، سماجي آگاهي مهم هلائي وڃي، سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ انسان دوستي، رواداري ۽ عورت جي عزت آهي۔ گمبٽ جهڙا واقعا سنڌ جي تهذيب لاءِ داغ آهن۔ روبينه، نمرتا ۽ ٻين متاثر نياڻين جا واقعا سماج لاءِ وڏو سوال آهن۔