مالي نظام، خاص طور تي بئنڪنگ نظام، ڪنهن به سماج ۾ رڳو رقم جمع ڪرائڻ يا ڪڍرائڻ جي جاءِ ناهي هوندي، پر اهي هڪ مڪمل مالي ڍانچي جو مرڪز هوندا آهن۔ بلوچستان جي سياسي ۽ معاشي معاملن جي ماهر عزيز سنگهور موجب جديد دنيا ۾ بئنڪنگ نظام کانسواءِ ترقي جو تصور ممڪن ئي ناهي۔ بئنڪنگ نظام ماڻهن کي بچت جون سهولتون فراهم ڪن ٿا، قرض ڏين ٿا، سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪن ٿا ۽ مالي شفافيت کي هٿي ڏين ٿا۔ جڏهن ڪنهن ملڪ يا شهر ۾ بئنڪنگ نظام متاثر ٿئي ٿو ته ان جا اثر رڳو معيشت تائين محدود ناهن رهندا، پر سماجي سطح تي به ظاهر ٿيندا آهن۔
اڄ جي دور ۾ مالي نظام کي ترقي جو اهم ٿنڀو سمجهيو وڃي ٿو۔ جديد رياستن ۾ مالي نظام کي بنيادي ڍانچي جو حصو سمجهيو وڃي ٿو۔ جيئن رستا، اسپتالون ۽ اسڪول ضروري آهن، تيئن بئنڪ به هڪ بنيادي سهولت آهن۔ جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ اهو نظام موجود نه هجي يا ان ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي ته پوءِ ان علائقي جي سماجي زندگي جو هڪ اهم پهلو مفلوج ٿي وڃي ٿو۔ ان جا اثر سڀ کان وڌيڪ عام ماڻهن تي پون ٿا۔
سرڪاري ملازم، پينشن وٺندڙ، مزدور ۽ ننڍا ڪاروباري ماڻهو هن صورتحال کان سڌي طرح متاثر ٿين ٿا۔ جيڪي ماڻهو پنهنجي ماهوار آمدني لاءِ پگهار يا پينشن تي ڀاڙين ٿا، انهن کي پنهنجي رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ هڪ ننڍي واپاري لاءِ روزاني ڏي وٺ، چيڪن جي منظوري، رقم جي منتقلي ۽ ڪاروباري ادائيگيون بئنڪنگ نظام کانسواءِ ممڪن ناهن هونديون۔ جڏهن اهي سهولتون موجود نه هجن ته ڪاروباري سرگرمين جو متاثر ٿيڻ فطري ڳالهه آهي۔ ان جو سڌو اثر مقامي منڊين، روزگار جي موقعن ۽ واپاري سرگرمين تي پوي ٿو۔
بلوچستان جو ضلعو نوشڪي جاگرافيائي، تاريخي ۽ واپاري لحاظ کان هڪ اهم علائقو آهي۔ هي ضلع نه رڳو سرحدي واپار لاءِ اهم آهي، پر ماضي ۾ قافلن جي گذرگاهه طور به سڃاتو ويندو رهيو آهي۔ اهو انهن ضلعن مان آهي جتي غربت جي شرح تمام وڌيڪ آهي، جيڪا لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آهي۔ نوشڪي ڊويزن جي آبادي 207,834 آهي ۽ خواندگي جو تناسب لڳ ڀڳ 57 سيڪڙو آهي، پر عورتن ۾ پڙهائي جو تناسب تمام گهٽ آهي۔ آبادي جو لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو حصو ڏهن سالن کان گهٽ عمر وارن تي ٻڌل آهي ۽ نوشڪي لڳاتار دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، جنهن جا اثر سڌي طرح عوام تي پيا آهن۔
بئنڪنگ سهولتن جي کوٽ سبب نه رڳو ڪاروباري طبقو پر عام ماڻهو به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ لاڳاپيل بئنڪن جي سربراهن کي خط لکي اپيل ڪئي آهي ته بئنڪ شاخون هنگامي بنيادن تي بحال ڪيون وڃن، جيئن عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن کي پيش ايندڙ مسئلن جو جلد حل ٿي سگهي۔ ياد رهي ته هن سال جنوري ۾ دهشتگردن ۽ شرپسندن نوشڪي ۾ مالي ادارن جي عمارتن کي سخت نقصان پهچايو، جنهن سبب مالي سرگرميون لڳ ڀڳ مفلوج ٿي ويون آهن۔
نوشڪي جي جاگرافيائي اهميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ هتي جي معيشت جو وڏو حصو زراعت ۽ مال پالڻ تي ٻڌل آهي۔ هتي ڪڻڪ، جوَ ۽ خاص طور تي جيري جي پوک مشهور آهي۔ هتي جا آبادگار پنهنجون فصلون وڪڻڻ کان پوءِ رقم جي محفوظ رکڻ ۽ منتقلي لاءِ بئنڪن تي ڀاڙين ٿا۔ هڪ اهم پاسو پينشن وٺندڙن ۽ بزرگ شهرين جون ڏکيائون به آهن، جيڪي اڳ ئي ڪمزوري يا بيمارين جو شڪار هوندا آهن، انهن کي پنهنجي پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪرڻو پوي ٿو۔ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو خط لکڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، پر رڳو خط لکڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو جيستائين عملي قدم نه کنيا وڃن۔ جيڪڏهن رڪاوٽون موجود آهن ته عارضي شاخن يا موبائل بئنڪنگ يونٽن ذريعي به نظام کي بحال ڪري سگهجي ٿو۔ هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي۔ بلوچستان جا پري پهاڙي علائقا اڳ ئي بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار آهن، اهڙي حالت ۾ مالي نظام جي غير موجودگي ترقي جي عمل کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي۔ ضروري آهي ته هن مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي۔
سو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته بئنڪنگ نظام ڪنهن به سماج جي معاشي شهه رڳ هوندو آهي۔ انهن جي بندش يا غيرفعال ٿيڻ رڳو مالي سرگرمين کي نه، پر سڄي سماجي ڍانچي کي متاثر ڪري ٿو۔ ضلع نوشڪي جهڙي اهم علائقي ۾ بئنڪن جي بحالي رڳو عوامي ضرورت ناهي، پر انتظامي ذميواري به آهي۔ جيڪڏهن هن مسئلي کي فوري طور حل نه ڪيو ويو ته ان جا اثر مستقبل ۾ وڌيڪ سنگين ۽ ڊگها ٿي سگهن ٿا۔ تنهن ڪري بلوچستان جي صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ مقامي واپاري طبقو ۽ سياسي اڳواڻن کي به گهرجي ته هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺن ۽ هنگامي بنيادن تي عملي قدم کڻڻ، جيئن نوشڪي جي ماڻهن جون تڪليفون ختم ٿي سگهن ۽ علائقي جون معاشي سرگرميون ٻيهر بحال ٿي سگهن۔ بلوچستان ڪيترن ئي سالن کان بدامني جو شڪار رهيو آهي۔