ليڊي هيلٿ ورڪرن مٿان چمبڙ ۾ حملو، کين تحفظ ڪير ڏيندو؟

ثوبيا کوسو

چمبڙ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ دليل لنجواڻي ۾ پوليو مهم دوران هڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي ليڊي هيلٿ ورڪرن تي حملو ڪري نه صرف کين زخمي ڪيو ويو پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو ويو، مليل ڄاڻ موجب ليڊي هيلٿ ورڪر خالده ۽ حرمت جڏهن معصوم ٻارن کي پوليو کان بچاءَ لاءِ ڦڙا پيارڻ جي مهم ۾ مصروف هيون ته انهن تي سروٽن سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اهي سخت زخمي ٿي پيون، حملو ڪندڙن هٿيارن جي زور تي ٻنهي عورتن کي لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو،

واقعي کان پوءِ آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ يونين ايمپلائز جي صدر حليمان لغاري هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سخت احتجاج ڪيو ۽ چمبڙ ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ايف آءِ آر ۾ علي محمد ولد دين محمد، مسمات الله بچائي سميت يارنهن ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي،جن ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي شامل آهن، پريس ڪانفرنس دوران حليمان لغاري جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، پر افسوس جو اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ليڊي هيلٿ ورڪرن ۾ سخت بيچيني ۽ خوف پيدا ٿي ويو آهي،هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نامزد جوابدار آزاد گهمي رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري سگهن ٿا، جنهن سبب ليڊي هيلٿ ورڪرن جي جان کي سنجيده خطرو لاحق آهي. هن انتظاميا کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سڄي ضلعي ۾ پوليو ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، جنهن جي مڪمل ذميواري ضلعي انتظاميا تي هوندي، حليمان لغاري ٻڌايو ته واقعي بابت ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار، فوڪل پرسن ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين ڪو به اثرائتو قدم نظر نٿو اچي. هن چيو ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته جيڪي ليڊي هيلٿ ورڪرز سخت گرمي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائينديون آهن ۽ گهر گهر وڃي معصوم ٻارن کي خطرناڪ بيماري کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪنديون آهن، انهن تي به اهڙي قسم جا حملا ڪيا وڃن ٿا.

پر اهو واقعو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن مٿان حملا هڪ خطرناڪ روايت بڻجي چڪا آهن. گذريل ڪيترن سالن دوران پوليو مهم دوران ڪيترين ئي ليڊي هيلٿ ورڪرن پنهنجي جان وڃائي آهي،جڏهن ته ڪيترين کي زخمي ڪيو ويو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ڪوهاٽ، پشاور ۽ ڪوئيٽا جهڙن علائقن ۾ به پوليو ٽيمون بار بار نشانو بڻجنديون رهيون آهن،جتي دهشتگردن ۽ شدت پسندن نه صرف فائرنگ ڪئي پر بم حملا به ڪيا، ڪيترن واقعن ۾ پوليس اهلڪار جيڪي انهن ٽيمز جي حفاظت لاءِ مقرر هوندا آهن، اهي به شهيد ٿي چڪا آهن، ڪيترين ليڊي هيلٿ ورڪرن کي صرف پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي ڪجهه هنڌن تي مذهبي افواهن ۽ غلط فهمين سبب به انهن عورتن تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ذاتي تڪرارن کي به پوليو مهم جي آڙ ۾ نبيريو ويو،سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، جتي ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، تشدد جو نشانو بڻايو ويو يا کين ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. چمبڙ، جيڪو اڳ به اهڙن واقعن سبب خبرن ۾ رهيو آهي، هتي به حفاظتي انتظامن جي کوٽ واضح نظر اچي ٿي،

سوال اهو آهي ته جيڪي عورتون پنهنجي زندگيون خطري ۾ وجهي معصوم ٻارن کي پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري کان بچائڻ لاءِ گهر گهر وڃن ٿيون، انهن کي تحفظ ڪير ڏيندو؟ ڇا رياست جو فرض صرف مهم هلائڻ تائين محدود آهي يا انهن جي جان ۽ عزت جي حفاظت به ان جي ذميواري آهي؟ سنڌ هاري ڪميٽي ضلع ٽنڊوالهيار پڻ هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ارباب رستماڻي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ خاص طور تي چمبڙ جهڙن علائقن ۾ اڳ به ڪيترائي ڀيرا ليڊي هيلٿ ورڪرن مٿان حملا ٿي چڪا آهن جن ۾ ڪيترين عورتن کي زخمي پڻ ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود انتظاميا طرفان ڪو به مستقل حل يا حفاظتي انتظام ناهن ڪيا ويا، هن وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي سان لاڳاپيل عورتون جيڪي انساني خدمت ۾ مصروف آهن انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، پر بدقسمتي سان انهن کي اڪيلو ڇڏيو ويو آهي هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن اهي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجون خدمتون جاري رکي سگهن. علائقي جي سماجي حلقن، صحافين ۽ شهري تنظيمن پڻ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته پوليو جهڙي خطرناڪ بيماري خلاف جاري مهم سخت متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر سڄي سماج تي پوندا.

اسان جو سماج اهڙو ته پٺتي پئجي چڪو آهي جو ڪنهن ڳوٺ ۾ استاد نه ايندو تڏهن به پوليو جو بائيڪاٽ ڪندا، ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه هونديون تڏهن به پوليو جو بائيڪاٽ ڪندا، انهن سڀني مسئلن جو حل پوليو جو بائيڪاٽ هرگز ناهي، ٻيا به ڪيترائي رستا آهن جو انتظاميا کي مجبور ڪري سگهجي ٿو باقي پوليو جو بائيڪاٽ ڪري معصوم ٻارڙن جون زندگيون مفلوج ڪرڻ يا انهن کي اپاهج ڪرڻ دانشمندي نه پر جهالت آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.