سگا جي ثقافتي سرگرمين جو مختصر جائزو

پروفيسر خالد حسين چنا

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌي ثقافتي اهڃاڻن کي روشناس ڪرائڻ ۽ انهن کي بچائڻ سان گڏ پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ هڪ الڳ شعبو 1981 ۾ قائم ڪيو جيڪو سيڪريٽري ثقافت جي  نگراني ۾ ڪم ڪري ٿو. ماضي ۾ عظيم شخصيتن سگا جي سيڪريٽري ثقافت جو شعبو سنڀاليو آهي. اهو سفر ڊاڪٽر شريف ميمڻ، برڪت علي چوهاڻ، فتاح عابد، ممتاز ڪلهوڙو، علي گوهر کهاوڙ، محمد عثمان پنهور، لال محمد پنهور، غلام قادر گل چنا، راز علي ڀٽو کان ٿيندي موجوده دور جي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاھاڻي تائين پهچي ٿو. جنهن لڳاتار يادگار ثقافتي پروگرام ڪرائي سگا جي تاريخ ۾ نواڻ پيدا ڪئي آهي. ان لاءِ شھاب الدين شاھاڻي کي جس پيش ڪجي ٿو.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد جعفري جي اڳواڻي ۾ مشهور راڳي شفيع فقير کي ايوارڊ پيش ڪري هڪ تسلسل کي قائم رکيو آهي. حقيقت ۾ سگا سر سنگيت ۾ خانصاحب منظور علي خان کي 1977 ۾ گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو. اهڙي طرح سالياني تقريبن ۾ عابده پروين کي 1978، جيجي زرينه بلوچ کي 1981، سيد صالح محمد شاهه 1981ع، شيخ اياز 1981ع، استاد خميسو خان الگوزينواز 1982، مائي ڀاڳي 1982،  تاجل بيوس 1982، اياز گل 1984، بيدل مسرور 1990 کان ويندي گذريل سال تائين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن  مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي 195 گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏئي چڪي آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هڪ رضاڪارن جي تنظيم آهي جنهن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهر. ڪم ڪبو ته غلطيون پڻ ٿينديون جن مان سکندي اڳتي لاءِ بهتر نموني ڪم ڪرڻ جو سبق ملي ٿو. باقي ڪم نه ڪبو ته ڪا تنقيد به نه ٿيندي. اسان جي دوست شھاب الدين شاھاڻي سگا جي ثقافت جي شعبي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون آهن. تازو ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سگا جي ثقافت شعبي طرفان سنڌ جي مشهور راڳي شفيع فقير جي مان هڪ يادگار محفل مچائي وئي جنهن ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا.

شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت ٿيڻ کان وٺي اهڙا ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرائي چڪو آهي. سنڌ جي مزاحمتي شاعر آڪاش انصاري سان ممتاز آڊيٽوريم ۾ هڪ يادگار شام ملهائي وئي. اهڙي طرح سنڌي  موسيقي جا روشن ستارا جي عنوان سان حيدرآباد ۾ اوپن ايئر ۾ مچ ڪچهري دوران مٿئين نالي سان هڪ پروگرام ٿيو جنهن م سنڌ جي نالي وارن فنڪارن حصو ورتو ۽ ديبا سحر کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.

گورک هل اسٽيشن کي سنڌ جي ڪوه مري سڏيو وڃي ٿو جيڪو سطح سمنڊ کان 5،000 فوٽ مٿي آهي جتي فور باءِ فور گاڏي کان سواءِ پهچڻ ئي ناممڪن آهي، اتي بلند و بالا پهاڙن جي چوٽي تي  سگا جي ثقافت شعبي طرفان گورک سيمينار ڪرايو ويو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو گڏ ٿيا سوين ماڻهن جي شموليت هئي. انهن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام پڻ ڪيو ڪيو ويو هو.  ڪامياب پروگرام  ٿيڻ بعد سنڌ جي ثقافت کي هٿي ملي. گورک هل اسٽيشن تي ڪيترا سياح اچڻ لڳا آهن

هڪ ٻيو يادگار پروگرام سگا طرفان "بڊو جبل تي سيمينار” منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٽي بي سينٽر جي ٺهيل شاندار پر ويران بلڊنگ کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ کي گذارش ڪئي وئي، سگا جي نشاندهي تي منسٽر هيلٿ عذرا پيچوهو اتي دورو ڪيو ۽ اتان جي رهواسين لاءِ اسپتال کولڻ لاءِ پي پي ايڇ آءِ کي حڪم ڪيو.  هينئر اسپتال ڪم ڪري رهي آهي ۽ ماروئڙن جي صحت جو مسئلو حل ٿي ويو. گڏوگڏ او جي ڊي ايس ڪمپني کي حڪم ڪيو ته هتي جبل جي چوٽي تي رهندڙ ماڻهن کي روزاني 2 ٽينڪر پاڻي جا مهيا ڪيا وڃن. ان سيمينار نه صرف بڊي جبل جي آسپاس رهندڙن لاءِ ڪافي سهولتون پيدا ڪيون پر سنڌ جي سياحت کي پڻ ترقي ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.