ڳالهين جو ٻيون دور: هوشمندي ۽ لچڪ جي ضرورت

مبصر

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن ٻيهر ڳالهين جي ٻئي دور جو اشارو ڏنو آهي۔ امڪان آهي ته اهي ڳالهيون به اسلام آباد ۾ ٿينديون۔ هڪ طرف ڳالهين جي ٻيهر شروعات خوش آئند آهي، ته ٻي طرف پهرين دور ۾ ڏيکاريل سخت روين جي تسلسل سبب ڳالهين جي ٻيهر ملتوي ٿيڻ جو خدشو به موجود آهي۔ ٻنهي ڌرين لاءِ ضروري آهي ته هو هڪ ٻئي کي پرکڻ يا وقت ضايع ڪرڻ بدران، معاملن تي صاف ۽ کلي ڳالهه ڪن ۽ هڪ ٻئي آڏو واضح ڪن ته ڪهڙيون ڳالهيون قبول نٿيون ٿي سگهن۔ اهڙي قسم جي سنجيده تڪرارن ۾ اهو ڪا غيرمعمولي سفارتي روايت ناهي ته عوامي بيانن ۽ حقيقي موقفن ۾ فرق هوندو آهي۔ پر جيئن اسلام آباد ۾ پهرين دور کان پوءِ محسوس ٿيو، لڳي ٿو ته ڌريون پنهنجا مطالبا ته کڻي آيون هيون، پر سندن مذاڪراتي ٽيمون پنهنجي ملڪن جي اڳواڻن جي عوامي موقف کان آزاد ٿي حقيقي لچڪ ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيون۔ ان ڪري ٻنهي طرفن اهو چيو ته گهڻن نڪتن تي اتفاق ٿيو، پر ڪجهه معاملا اڃا حل طلب رهجي ويا۔

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻئي دور ۾ جيڪڏهن ڪجهه ڳالهيون حل طلب رهجي وڃن، تڏهن به ڳالهين کي ختم نه ڪيو وڃي، پر ڪنهن حتمي جنگبندي واري معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن دنيا ۾ هن جنگ سبب پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي۔ جڏهن جنگبندي ٿي ويندي ۽ ڌريون هڪ ٻئي لاءِ احترام جو ماحول پيدا ڪنديون، تڏهن اختلافن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکي سگهجي ٿي۔ اختلاف رکڻ يا انهن کي بعد ۾ حل ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي، پر ڪنهن هڪ سبب کي بنياد بڻائي خطرناڪ جنگ جاري رکڻ آمريڪا ۽ ايران ٻنهي لاءِ تمام مهانگو پئجي سگهي ٿو۔

اسلام آباد ۾ پهرين دور دوران ميزبان ملڪ وڏي مهارت سان اها ڪوشش ڪئي ته ڳالهين بابت غيرضروري قياس آرائين کان بچيو وڃي۔ ان ڪري عالمي ميڊيا کي محدود معلومات ملي۔ ايستائين جو وفدن سان گڏ آيل صحافين کي به اندروني ڳالهين بابت گهڻي ڄاڻ نه ڏني وئي۔ بعد ۾، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جارحاڻن بيانن ۽ آبنائي هرمز بند ڪرڻ جهڙن سخت فيصلن باوجود، ايران ۽ آمريڪا ڳالهين بابت گهڻي معلومات ميڊيا سان شيئر نه ڪئي۔ اها هڪ دانشمند حڪمت عملي آهي، جيڪا اعتماد پيدا ڪري ٿي ۽ ڳالهين ۾ شامل ڌرين کي اهو موقعو ڏئي ٿي ته هو بند ڪمرن ۾ کلي دل سان پنهنجو موقف پيش ڪن، بغير ميڊيا جي دٻاءَ جي۔

شايد انهيءَ حڪمت عملي سبب ئي ٻنهي ملڪن ٻيهر پاڪستان ۾ ملڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي۔ پاڪستان به سيڪيورٽي، سفارتي سهولت ۽ رازداري جو جيڪو ماحول مهيا ڪيو، ان سبب ئي ٻيهر اسلام آباد کي چونڊيو ويو آهي۔ ٽرمپ به پاڪستان جي ٽياڪڙي تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير بابت مثبت ڳالهيون ڪيون، جيڪي ڪنهن به ممڪن معاهدي لاءِ مددگار ٿي سگهن ٿيون۔ البت ايران جي اڳواڻن کي به حالتن جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي پنهنجو رويو ترتيب ڏيڻ گهرجي۔ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ بنيادي اختلاف ٻن معاملن تي آهي: پهريون، يورينيم جي افزودگي جو حق؛ ٻيو، آبنائي هرمز کي عالمي سامونڊي لنگهه طور برقرار رکڻ۔ پهريون موقف ايران جو آهي ته هڪ خودمختيار ملڪ طور کيس پرامن مقصدن لاءِ يورينيم افزودگي جو حق حاصل آهي۔ جڏهن ته ٻئي معاملي ۾ آمريڪا جو موقف عالمي اصولن مطابق آهي، ڇو ته آبنائي هرمز ايران ۽ عمان جي وچ ۾ واقع آهي ۽ ڪنهن هڪ ملڪ کي ان کي بند ڪرڻ جو حق نه هجڻ گهرجي۔ ايران لاءِ اهو به سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪجهه سالن لاءِ يورينيم افزودگي تي پابندي لڳي وڃي ته ان سان سندس خودمختياري کي ڪو وڏو نقصان نه ٿيندو، پر جيڪڏهن ان معاملي تي ضد جاري رهي ۽ جنگ وڌي وڃي ته عوام لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون۔ ايراني قيادت کي اهو ڏسڻ گهرجي ته آمريڪا جنگ بند ڪرڻ لاءِ ڪيترو مجبور آهي، ان بدران اهو سمجهڻ وڌيڪ اهم آهي ته ايران لاءِ هن جنگ مان نڪرڻ ڪيترو ضروري آهي۔ جنگبندي جو معاهدو ايران تي لڳل واپاري ۽ معاشي پابندين ۾ نرمي آڻي سگهي ٿو، جيڪا گذريل 47 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٿي سگهي ٿي۔

ايران جا ڪيترائي اثاثا، خاص ڪري آمريڪا ۾، منجمد آهن، جن جي ماليت 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي۔ جيڪڏهن اهي وسيلا آزاد ٿين، ته ايران جنگ سبب ٿيل نقصان جي تلافي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو۔ پر بغير امن معاهدي جي آمريڪا اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندو۔ ساڳئي وقت، جيڪڏهن جنگ جي نقصانن جو ازالو ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، ته ڳالهين ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇو ته آمريڪا لاءِ اهڙو واعدو ڪرڻ جنگ کي غيرقانوني تسليم ڪرڻ برابر هوندو، جيڪو ٽرمپ انتظاميا لاءِ قبولڻ مشڪل آهي۔

ايران پاران عرب ملڪن کان به جنگي نقصانن جو ازالو گهرڻ مناسب ناهي، ڇو ته انهن ملڪن نه جنگ ۾ حصو ورتو ۽ نه آمريڪا جي کليل حمايت ڪئي۔ اهڙي ضد سبب عرب ملڪ به پنهنجي نقصانن جو ازالو گهرڻ شروع ڪري سگهن ٿا۔ اهو سچ آهي ته ايران خلاف جنگ غيرقانوني هئي، پر موجوده عالمي حالتن ۾ نه عالمي اصولن جي پابندي رهي آهي ۽ نه ئي  گڏيل قومن جو اثر اڳ جهڙو رهيو آهي۔ ان ڪري ضروري آهي ته هوشمندي سان هن تڪرار جو حل ڳوليو وڃي۔ ايران کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙا ملڪ جنگ جاري رکڻ چاهين ٿا ۽ ڪهڙا امن جا خواهشمند آهن۔ دشمنن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ بدران، امن جي راهه اختيار ڪرڻ ئي دانشمندي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.