پاڪستان کي احتياط ۽ توازن سان اڳتي وڌڻ گهرجي

اعجاز ممنائي

ايران_آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تقريبن ڏيڍ مهيني  کان هلندڙ جنگ عارضي طور تي بند ٿي هئي ۽ ان دوران اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جون ڳالهيون پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيون جيڪي بنا نتيجي ختم ٿي ويون ۽ ٻنهي ملڪن جا سربراهه پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا، پر ٻنهي ملڪن جا خطرا برقرار آهن ڇو ته آمريڪا توڙي ان جا حامي ملڪ اسرائيل کي جارحيت کان نه ٿا روڪين. پر جيئن ته پاڪستان جي قيادت مفاهمت جو رستو اختيار ڪندي ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آندو جنهن مان اميد هئي ته ڇڪتاڻ ڪجهه گهٽ ٿيندي پر ائين نه ٿي سگهيو ايتري تائين جو آمريڪي نائب صدر بيان ڏيندي چيو ته ايران اسان جو ڪوبه مطالبو مڃڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته ايران چوي ٿو امريڪا اسانجي ڏهن مطالبن مان هڪ به فوري طور تي مڃڻ لاءِ تيار ناهي۔ جڏهن ته ٻنهي ملڪن پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي ڇوته جنگ کان وٺي ڳالهين دوران، پاڪستان خاموش تماشائي نه رهيو آهي پر هڪ سرگرم ثالث جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهنڪري اهي ڪوششون هاڻي ثمر ڏئي رهيون آهن، اميد ڪري سگهجي ٿي ته هي نيڪ نيتي مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ وڏن فائدن جا دروازا کوليندي.

سچ اهو آهي ته هن جنگ اعليٰ سياست جو هڪ نئون نقشو به ٺاهڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل کي هن صورتحال جو شڪار سمجهيو ويو، ڇوته ملڪ جو مستقبل خطري ۾ هو، روس، اتر ڪوريا ۽ ڪجهه يورپي ملڪن پنهنجون ترجيحون واضح ڪيون ۽ خليج ۾ تيل جي فراهمي جو سڀ کان اهم رستو جنگ جو مرڪز بڻجي ويو. ايران هن رستي تي پنهنجي گرفت برقرار رکي، جنهن جي ڪري عالمي معيشت دٻاءُ ۾ اچي وئي ۽ دنيا کي احساس ٿيو ته وچ اوڀر ۾ استحڪام ڪيترو اهم آهي.جڏهن هي ليک لکي رهيو آهيان، تڏهن صورتحال اها هوندي ته آمريڪا ۽ ايران هڪ ڀيرو ٻيهر ابنائي هرمز تي اڃان وڌيڪ ڪشيدگي هوندي ڇوته آمريڪي صدر ٽرمپ جو تازو بيان سامهون آيو آهي ته هرمز جو گهيراءُ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان ۾ ٿوري دير لڳندي اهو محسوس ٿي رهيو آهي هڪ ڀيرو ٻيهر جنگي صورتحال پيدا ٿيندي.

بهرحال پاڪستان هڪ ڀيرو وري ٻنهي ملڪن کي ڳالهين وسيلي مسئلو حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن جنگ ۾ هاڻي تائين جي صورتحال مان، اهو تصور ڪرڻ ڏکيو ناهي ته اڄ جي دور ۾، اهو ڪيتري به طاقت ۽ ٽيڪنيڪل برتري ڏيکاري، ان کي آخرڪار ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو. ان جو مطلب آهي ته طاقت سان گڏ، دنيا ۾ سفارتڪاري کي به اهميت ڏني ويندي، ۽ بلاشبہ، هن وقت پاڪستان هن سفر ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو.اها به هڪ حقيقت آهي ته آمريڪا کي احساس ٿيو آهي ته جنگ جو رستو  ناڪاميء ڏانهن وٺي وڃي ٿو جنهن جو ثبوت ان کي عراق افغانستان لبنان فلسطين ۽ شام جهڙن ملڪن سان وڙهڻ مان مليو آهي.هو سمجهي ٿو ته رڳو طاقت جي استعمال سان عارضي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا، پر مستقل امن نه ٿو آڻي سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن صورتحال حد کان وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ۽ عالمي دٻاءُ وڌي ويو، ته ڪارروائي کي ڳالهين ڏانهن اچڻو پيو.اها به هڪ حقيقت آهي ته ٻئي ڌريون هن جنگ ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏئي رهيون آهن، پر شايد انهن کي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اصل فاتح اهو آهي جنهن پنهنجي معيشيت بچائي۔جيڪڏهن پاڪستان اها ئي دانشمندي جاري رکي ته صورتحال پاڪستان لاءِ هڪ معاشي موقعو بڻجي سگهي ٿي. ڪو به ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته جڏهن ڪو ملڪ عالمي بحران ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو، ته بين الاقوامي ادارا ۽ طاقتون ان سان اقتصادي تعاون وڌائين ٿيون. قرضن ۾ رليف، نئين سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدا اهڙن موقعن تي جنم وٺندا آهن.

هن وقت پاڪستان کي سفارتي سطح تي هڪ نئين سڃاڻپ پڻ ملي آهي. يورپ، ايشيا ۽ ٻين ملڪن ان حقيقت کي ڀليڪار ڪيو آهي ته پاڪستان امن لاءِ مفيد ڪوششون ڪري رهيو آهي هنن ڪوششن جي نتيجي ۾، جنگ بندي يقيني طور تي مستقل امن ۾ تبديل ٿي ويندي. ان جو مطلب آهي ته پاڪستان هاڻي صرف هڪ علائقائي ملڪ ناهي پر هڪ ذميوار عالمي ملڪ بڻجي رهيو آهي. هن ڪردار جا مقامي سطح تي به دور رس اثر پئجي سگهن ٿا. جڏهن ڪنهن ملڪ جي اهميت وڌي ٿي، ته ان جي فوجي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تعاون جا دروازا به کُلي وڃن ٿا. گڏيل مشقون، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس تعاون ٿيڻ لڳن ٿا. پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي پيشه ورانه صلاحيت ۽ مالي مدد لاءِ مشهور آهن، ۽ هن جنگ ۾ انهن جو ڪردار سندن شهرت کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿو.

پر هن سڄي منظرنامي ۾،ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته هي رستو آسان نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري ٻئي ڌريون وري جنگ طرف وڃن ٿيون ته ان جا اثر سڄي خطي تي پوندا. "انهي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي وڏي احتياط ۽ توازن سان قدم کڻڻا پوندا. ڪنهن به پاسي جو حصو بڻجڻ بدران، اسان امن پسند جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار جاري رکڻو پوندو. اڄ، جيڪڏهن دنيا راحت جو ساهه کڻي ٿي، ته ان ۾ مرڪزي ڪردار پاڪستان جو هوندو موجوده صورتحال پاڪستان لاءِ هڪ نعمت ۽ موقعو ٻئي آهي. جيڪڏهن اسان عقلمندي، صبر ۽ قومي مفاد کي ذهن ۾ رکندي فيصلا ڪريون ٿا، ته پاڪستان لاءِ نئين معاشي، سفارتي ۽ دفاعي طاقت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي راء جو صحيح طريقي سان استعمال ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ توڙي قوم جو ڀلو سوچيون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.