جي يو آءِ پاران پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف جمعي تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ هر فرد کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، جنهن خلاف ايندڙ جمعي تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جي يو آءِ جي مرڪزيمجلس شوريٰ جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ عام ماڻهوءَ جو سڪون ڦري ورتو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گهرو تشدد، ٽرانس جينڊر ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي سميت ٻيا شريعت مخالف قانون ختم ڪيا وڃن، جڏهن ته زال کي مڙس جي ملڪيت ۾ 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ بابت قانون جون تياريون ڪيون پيون وڃن. فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان جو موقف آهي ته ن ليگ جي حڪومت جعلي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي بيساکين تي بيٺل آهي، اسان کي حق حاصل آهي ته اهڙي حڪومت خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪريون، جي يو آءِ اسلامي قانونن جو دفاع ڪندي. هن چيو ته 12 اپريل تي مردان کان اجتماع جي صورت ۾ حڪومت خلاف ميدان ۾ نڪرنداسين. اسان رياستي نذاڪتن کي نظر ۾ رکندي چيو هو ته پارليامينٽ جو ان ڪيمرا اجلاس سڏايو وڃي ۽ عالمي صورتحال تي اسان کي اعتماد ۾ وٺي ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي، اسان اولهه ۽ اوڀر واريون سرحدتون بند ڪرائي ڇڏيون آهن. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ فلسطين، ايران سميت ٻين اسلامي ملڪن تي حملا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.