حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي طرفان پيٽروليم شين ۾ واڌ خلاف عوامي رابطا مھم شروع ڪرڻ سميت پريس ڪلب تائين ريلي ۽ حيدر چوڪ تي جلسي جو اعلان ڪيو ويو. اهڙو اعلان تيل جي وڌندڙ اگهن خلاف آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي طرفان حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جي آڊيٽوريم ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو. جنهن جي ميزباني ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ ڪئي. ڪنوينشن ۾ سنڌ جي مختلف هاءِ ڪورٽ بار سميت ضلعي ۽ تعلقي بارن مان وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن ايڊووڪيٽ مير منڱريو، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ سمير زمان، ايڊووڪيٽ اسما سمون، ايڊووڪيٽ فيصل مغل، ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري تيل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ڳاٽي ٽوڙ ٿي ويون آهن. جنهن سبب غريب عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته وڪيل برادري اڳ ۾ به عوامي مسئلن تي تحريڪون هلائيندي رهي آهي ۽ هاڻي به سندرو ٻڌي ميدان تي لٿي آهي. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ غريب عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي طرفان پيٽروليم شين ۾ واڌ خلاف باقاعده تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو، اسرار چانگ ٻڌايو ته اڄ کان عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ويندي. جنهن دوران هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون وينديون. هن چيو ته اڄ شام حيدر چوڪ کان تلڪ چاڙهي تائين ريلي ڪڍي ويندي. دڪاندارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪري کين احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اربع جي ڏينهن صبح 11 وڳي ڊسٽرڪٽ بار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويندو. اسرار چانگ اعلان ڪيو ته خميس ڏينهن شام جو حيدر چوڪ تي وڏو عوامي جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.