ڀلي بددعائون ملن،رياست کي نقصان پهچڻ نه ڏيندس:علي پرويز ملڪ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته عالمي سطح تي جنگي حالتن سبب پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي ۽ توانائي مارڪيٽن تي سخت دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري تيل جون وڌندڙ قيمتون مجبوراً عوام ڏانهن منتقل ڪرڻيون پيون آهن۔قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آبناءِ هرمز جي بندش عالمي سپلائي چينکي متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب خام تيل جون قيمتون وڌي تاريخي سطح 170 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون آهن۔وزير موجب حڪومت ڪفايت شعاري اختيار ڪندي پنهنجن خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سپلائي ۾ رڪاوٽ اچڻ بعد فوري مشاورت ذريعي حل ڳوليو ويو ۽ بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، جڏهن ته وزيراعظم جي قيادت ۾ تيل جي خريداري ۽ فراهمي جا مؤثر انتظام ڪيا ويا،هن ٻڌايو ته قطر سان 10 سالن وارو ايل اين جي معاهدو به هرمز بحران سبب متاثر ٿيو، پر حڪومت متبادل بندوبست ڪري عوام کي وڏي توانائي بحران کان بچايو،هن  چيو ته حڪومت 140 ارب رپين جي بچت ڪندي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي گڏ ڪري ايل اين جي ۽ توانائي بحران جو حل ڪڍيو ويو۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي توانائي بحران دوران پنهنجي پاليسين ۾ عوامي مفاد کي اوليت ڏني، جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي ذميواريون نڀايون۔ٻئي پاسي  وفاقي ناڻي وارو وزيرمحمد اورنگزيب چيو ته خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم فوري طور هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا صورتحال تي لڳاتار ڪم ڪري رهي آهي۔هن چيو ته پيٽروليم ڪميٽي روزاني بنيادن تي حالتن جو جائزو وٺي رهي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي مسلسل نگراني جاري آهي،ٻئي پاسي علي پرويز ملڪ چيو آهي ته هو رياست کي نقصان ٿيڻ نه ڏيندو، ۽ جيڪڏهن ڪو کيس بددعا ڏيڻ چاهي ته ڏئي، هو وزيراعظم جي اعتماد تائين پيٽروليم وزير طور پنهنجون ذميواريون جاري رکندو۔هن واضح ڪيو ته هو پنهنجي ذميوارين کي پوري ايمانداري ۽ سنجيدگي سان نڀائيندو ۽ ملڪ جي مفادن کي اوليت ڏيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.