پنجاب ۾ ضروري شين تي 10 کان 20 سيڪڙو سبسڊي جي تجويز

 لاهور(م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ ضروري شين تي رليف ڏيڻ لاءِ تجويزون تيار ڪيون ويون آهن. پنجاب اسيمبلي جي ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ، حڪومت ضروري شين جي قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ مختلف سبسڊي ماڊل تيار ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سهولت مارڪيٽن ۾ ضروري شين تي 10 کان 20 سيڪڙو سبسڊي جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي، ۽ مارڪيٽن جي رجسٽرڊ ڪاروباري ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سهولت مارڪيٽن ذريعي سبسڊي ڏيڻ جي ماڊل کي وڌيڪ اثرائتو قرار ڏنو ويو آهي، سهولت مارڪيٽن ۾ صارفين کي سڌو سنئون رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.