رتوديرو (پ ر) سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 14هين ورسي جي موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران رتيديري ۾ شهيد جي مزار تي جلسي گاھ ۾ قومي جلسو ڪيو ويندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر ديدار شام پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي 14 ورسي جي حوالي سان اڄ شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي شام جو 7 وڳي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد جلسي گاھ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ شهيد جي 14 ورسي جو مرڪزي جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جلسي کي اهم خطاب ڪندو، پريس پڌرائي ۾ صنعان خان قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي لازوال جدوجهد کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، اڄ به هر مشڪل گهڙي ۾ سنڌي قوم شهيد بشير خان قريشي کي ياد ڪري ٿي، اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ شهيد کي ياد ڪري قومي سلام پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته اڄ شهيد جي ياد ۾ مُک جلسو رتيديري ۾ ٿيندو جنهن جلسي ۾ شرڪت لاءِ شهيد جي دوستن، عاشقن کي دعوت ڏيان ٿو،