لاهور(عوامي آوازنيوز)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي حڪومت جي ڪفايت شعاري (بچت) جي دعوائن تي سخت سوال اٿاريندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون پگهارون 500 سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن، جڏهن ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جون پگهارون 850 سيڪڙو تائين وڌايون ويون. ان سان گڏ ججن جون پگهارون به وڌايون ويون آهن ۽ کين اهڙيون گاڏيون ڏنيون پيون وڃن جيڪي هڪ ليٽر ۾ صرف 5 ڪلوميٽر هلن ٿيون. هن سوال ڪيو ته آخر عوام کي ڪيتري دير تائين دوکو ڏنو ويندو؟شاهد خاقان عباسي پنهنجي تفصيلي بيان ۾ حڪومت جي پيٽروليم ۽ توانائي پاليسين تي به تنقيد ڪندي چيو ته پيٽرول کي ان جي قيمت خريد کان گهٽ تي وڪرو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته حڪومت طرفان عوام کي رليف ڏيڻ جا دعويٰ دراصل انهن تي وڌيڪ بار وجهڻ برابر آهن.هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان صرف ٻن ڏينهن بعد پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون. ان دوران حڪومت پيٽروليم ليوي ڊيزل مان هٽائي پيٽرول تي منتقل ڪئي، ڇو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي وڪرو ڊيزل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.هن وزيراعظم جي ان بيان تي به سوال اٿاريو جنهن ۾ 80 رپيا في ليٽر ٽيڪس گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اهي 80 رپيا آخر ڪٿان ايندا؟ ڇو ته ماضي جو تجربو اهو ئي ڏيکاري ٿو ته هر اضافي بار عوام جي کيسي مان ئي پورو ڪيو ويندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ رجسٽرڊ موٽرسائيڪلون موجود آهن ۽ ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪل پيٽرول جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصو موٽرسائيڪل سوار استعمال ڪن ٿا. سندس مطابق هڪ موٽرسائيڪل اوسط طور مهيني ۾ 20 ليٽر پيٽرول استعمال ڪري ٿي، جنهن تي لڳ ڀڳ 7 هزار رپيا خرچ اچي ٿو، جن مان 3 هزار رپيا ٽيڪس جي مد ۾ حڪومت کي ملن ٿا.شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي ته ملڪ جو عام موٽرسائيڪل سوار ايترو ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي جيترو ڪو دڪاندار يا رڪن پارليامينٽ به نٿو ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن وقت سر ۽ صحيح پاليسي ٺاهي وڃي ها ته اڄ عوام کي اهڙين مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي ها.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تيل جي قيمتن جي تعين لاءِ هن وقت تائين پنج مختلف پاليسيون اختيار ڪيون آهن، پر ڪا به مستقل ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي نه ٺاهي وئي آهي. هن مطابق 2018 ۾ هاءِ آڪٽين ۽ ڪجهه ٻين فيول پراڊڪٽس کي ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويو هو، جنهن سبب انهن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي هئي. جيڪڏهن هاڻي پيٽرول کي به ڊي ريگيوليٽ ڪيو وڃي ته ان جي قيمت گهٽ ٿي سگهي ٿي ۽ ڪنهن کي غيرمعمولي منافعو ڪمائڻ جو موقعو به نه ملندو.