يوسف شاهين صاحب کي جنم ڏڻ مبارڪ!

ياسر قاضي

استاد بخاريءَ کان جڏهن ڪنھن ڳالھه تي سائين جي ايم سيّد ڪاوڙيو (يا بخاري صاحب کي ايئن لڳو ته هو کائنس رُسيو آهي) ته استادَ ”منھنجو نالو لکو… منھنجو نالو لکو… ڊوھُه گُڏڻو آ گڏجي، ته ڇو ٿا ڊڄو…“ جھڙو شاھڪار نظم لکيو، پر جڏھن سائين جي ايم سيّد، شيخ اياز کان ڪنھن ڳالھه تي رُسيو، ته هن کيس پرچائڻ لاءِ اھڙو ڪو نظم ڪونه لکيو، نه ئي هن کيس پرچائڻ جي پاڻ ڪا ڪوشش ڪئي. ان رُسامي جي خبر هونئن ته ٻنھي قداور ھستين جي ويجهي سموري حلقي کي هئي، پر ٻنهي کي پرچائڻ لاءِ اڳرائي سواءِ ان جي ٻئي ڪنھن ڪانه ڪئي، جنھن پاڻ ڪنھن جاءِ تي اهو چيو هو، ته:

ڪا ته سِٽَ سڻائي، واتان ورجايو

هيڏو هِنَ عليلَ کي، ڇو ٿا ستايو!؟

ڏاڍو ڏونگرن کي، ڄاڻان ٿو سُڃاڻان ٿو

اِنَهن کي مون آهي ڏاڍو ٿڪايو

هي ڏکيا ڏينھن ”يُوسف“ ويندا گذري

ڏُکن ڪينَ ڪنھن سان، آھي نڀايو

اهو يوسف شاھين ئي هو، جنھن انھن ناراضيءَ وارن ڏينھن ۾ جڏھن سائين جي ايم سيّد عليل هو ۽ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ داخل هو، ته شيخ اياز کي حُجت مان پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويھاري، جناح اسپتال وٺي اچي سائينءَ سان ملرايو ۽ ٻنھي جو رنجُ رُسامو دُور ڪرايو.

”سائين، پوءِ ڪنھن ڪنھن کان معافي ورتي!؟“ مون يوسف صاحب کان انٽرويُوءَ ۾ سوال ڪيو.

”خبر ناهي… ڇاڪاڻ ته مان ٻنھي کي نويڪلو ڇڏڻ لاءِ سگريٽ پيئڻ جي بھاني سان اسپتال جي ڪمري مان نڪري آيس، ته ڀلي هڪٻئي سان دل کولي شڪوه شڪايتون ڪري وٺن… آءٌ جڏھن ڪلاڪ سوا کانپوءِ واپس ڪمري ۾ آيس ته ٻئي خوشگوار مُوڊ ۾ مليا… ۽ ٻنھي جا رنجَ رُساما دُور هئا…“ سائين يوسف شاھين وراڻيو.

ويھين صديءَ واري سنڌ جي هنن ٻن جبل جيڏين هستين سان ايترو ويجهو ۽ حُجائتو رھندڙ يُوسف شاھين به ته ڪو عام ماڻهو ناهي، هو لڳ ڀڳ مني صديءَ جي عالمي تاريخ جو نه رڳو اکين ڏٺو گواھه آهي، بلڪه سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي تاريخ جو پاڻ به هڪ باب آهي. دنيا هڪ ته يوسف شاھين (1926ع ــ 2008ع) نالي مصري فلم هدايتڪار کي سُڃاڻي، جيڪو 1950ع کان 2008ع ۾ پنھنجي لاڏاڻي تائين مصري فلم انڊسٽريءَ ۾ سرگرم رهيو ۽ قاهره انٽرنيشنل فلم فيسٽيول پاران شايع ٿيل ٽاپ 100 مصري فلمن جي فھرست ۾ شامل 12 فلمن جو ڊائريڪٽر هو ۽ ٻيو 3 اپريل 1939ع تي جنم وٺندڙ، نصرپور ڄائي اسان واري يوسف شاھين کي سُڃاڻي، جنھن نه رڳو ”متان ڏرو ڏاڍَ کان…“، ”شل گهوٽُ ٿئين، اڻ موٽُ ٿئين… جيجل اها آسَ، امڙ اها آسَ…“ ۽ ”آئي ڙي آئي، سا ساعت سھائي… مرويسون سڌ نه ڏيسون… هر ڪنھن وات وائي…“ جھڙا انقلابي گيتَ لکي قوم جي لھوءَ کي گرمايو ۽ قومي تحريڪن کي ترنگ ۽ ترانا بخشيا، بلڪه سنڌي صحافت ۾ هڪ ليجينڊري صحافيءَ طور اهي انقلابي ڪارناما انڪام ڏنا، جيڪي اڄ تائين هڪ مثال آهن. تاريخدان جي حيثيت سان هن نه رڳو سنڌو ماٿر جي، پر يورپ ۽ امريڪا جي به ان انداز ۾ تاريخ لکي، جو خود اتان جي عالمن ۽ اسڪالرن چيو ته اسانکي پنھنجي تاريخ ان انداز ۾ خبر ڪانه هئي، جنھن انداز ۾ سنڌ جي يوسف شاھين سمجهائي ۽ ٻُڌائي آهي. هي اهو يوسف شاھين آهي، جنھن اسانکي ”ورلڊ ڪنفيڊريشن آف پيپل“، ”وليم دي باسٽرڊ“، ”رائيز اينڊ فال آف گاڊز“، ”حق موجود“ (اردو)، ”رائيز اينڊ فال آف سنسڪرت“، ”فال آف نيٽو لينگويجز آف دي امريڪا“، ”آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ“، ”سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر شاھه لطيف“ (سنڌي)، ”پيھي منجهه پاتال“ (سنڌي) ۽ ”عالمي تاريخ جو مطالعو“ (پنج ڀاڱا) جھڙا ڪتاب ڏئي دنيا جي تاريخ جي اڻ ڌرين پھلوئن سان رُوشناس ڪرايو. جنھن سؤلي ٻوليءَ ۾ ڏوھه ۽ سزا جي تاريخ ٻڌائي. هي اهو يوسف شاھين آهي، جيڪو هر صديءَ ۾ ڪروڙن جي انگ ۾ ٿيندڙ انسان ذات جي قتلام تي رت جا ڳوڙھا روئندي، ان عالمي دھشتگرديءَ جي خاتمي جو تمنائي آهي ۽ عالمي امن جو خواھان آهي، جيڪو دنيا جي ڪُوڙين سرحدن کي نٿو مڃي ۽ دنيا کي اڳ جيان سرحدن کان آجو ڏسڻ چاھي ٿو، جنھن تي ڪنھن جي به اجاره داري نه هجي ۽ علم جي حصول کان وٺي طمع کان آجي هر حاصلات لاءِ جيڪو جيڏانھن چاهي، اچي وڃي سگهي. هي اهو ’شاھين‘ آهي، جيڪو پنھنجي فڪري ۽ قلمي اڏارَ سان تاريخ نويسيءَ رستي دليلن سان اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌو ماٿر تھذيب ئي دنيا جي هر تھذيب جي ماءُ آهي ۽ هن ئي ڌرتيءَ جي نه رڳو هنرمندن دنيا کي زراعت، هنر، موسيقي، دندان سازي، مجسمي ۽ فن سيکاريو، بلڪه سنڌو ماٿر جا ’برهاسپتيءَ‘ جھڙا عظيم ڏاھا (جن منجهان گهڻن جا نالا تاريخ ميساري ڇڏيا)، مھاتما سڌارٿ گوتم ٻُڌ جھڙن انساني تاريخ جي عظيم انسانن جا به استاد رھيا. هي اهو يوسف شاھين آهي، جنھنکي دنيا جي تاريخ آڱرين جي اَڻيُن تي ازبر آھي.

اسان سنڌ جي مزاحمتي شاعرن، جن 60ع توڙي 80ع واري ڏھاڪي ۾ وقت جي آمرَ جي سفاڪ اکين ۾ اکيون ملائي، پنھنجي قلمي جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ پنھنجي قلم مان شعلا اوڳاڇيا ۾ فقط چند نالا کڻندا آهيون، پر انھن ۾ يوسف شاھين کي الائي ڇو ناھيون ڳڻيندا. ڀلا وقت جي غاصب سان دڙڪو ڏئي مخاطب ٿي، هي سٽون سرجڻ بنا غيرمعمولي جرئت جي ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي:

ڪانئرَ، ڪاڻا! ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو

تُنھنجا پاپي پنڌَ پُراڻا، ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو

نيٺ ٿيندو، حساب ٿيندو، توکان اڄ سُڀاڻان

ڄاڻان ٿو، سُڃاڻان ٿو…

صحافت جي ميدان ۾ يوسف شاھين جيڪي ايڊيٽوريل انقلاب آندا، انھن تي لکڻ لاءِ هن جھڙا اڻ ڳڻيا ليک درڪار آهي، پر اخباري مالڪ جي حيثيت سان هن سنڌ جي ڏتڙيل صحافين لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا، انھن جي هن ملڪ جي انگريزي ۽ اردو اخبارن به بعد ۾ تقليد ڪئي. مثال طور يوسف صاحب، ملڪ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي اخبارن جي ملازمن لاءِ ”ويج بورڊ“ قائم ڪيو، جيڪو هر سنڌي صحافتي ادارو قائم ڪري، ته اڄ سنڌي صحافين جو مستقبل غيرمحفوظ نه هجي. شيخ اياز، سنڌي ساھت جو ته وڏو نالو هو، پر يوسف شاھين نه هجي ها ته کيس صحافت جي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي حُجت ساڻس ٻيو ڪو نه ڪري سگهي ها ۽ يوسف صاحب جي روزاني ”برسات“ اخبار جي چيف ايڊيٽر جي حيثيت سان اياز جيڪي عظيم الشان اداريا لکيا (جيڪي سنڌي نثر جو شاھڪار آهن) ڪڏھن به نه لکجي سگهن ها. هڪ ڪامياب تاجر طور يوسف صاحب هر ڪاروبار ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پنھنجن سونن هٿن سان، ديانتداريءَ سان واپار ۾ به پنھنجو نالو ڪڍيو. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جڏھن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ اڃا ”سپر هاءِ وي“ به ڪونه ٺھيو هو، تڏھن ان سڄي رستي تي، نوري آباد ۾، جيڪو واحد ريسٽورنٽ هو، اهو يوسف شاھين صاحب جو هو. (جنھن جي پلاٽ تي اڄڪلهه هڪ مقامي سياستدان قبضو ڪيو آهي.)

سياست جي ميدان ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي قابلِ اعتماد ساٿيءَ طور هو نه رڳو پي پي پيءَ جو سينيٽر رھيو، بلڪه مٿين سِٽُن جھڙيون تخليقون سرجڻ جي ڏوھه ۾ ان کان اڳ واري مارشلائي دؤر ۾ مختلف وقتن تي ’سرڪاري مھمان‘ به رھيو ۽ موجوده صدرِ پاڪستان، آصف علي زرداريءَ جو جيل جو ساٿي پڻ رھيو.

کيس نه صحافت جي ميدان ۾ چڱ مُڙسيءَ جو شوق آهي، نه ادبي اسٽيجن تي صدارتي صدريون پائڻ، مھمان خاص طور اسٽيجون والارڻ، ادبي ادارن جي سربراهيءَ پٺيان ڊوڙڻ ۽ پنھنجا پئسا خرچ ڪري پاڻ سان رھاڻيون ملھرائڻ يا پنھنجن ڪتابن جون مھورتون ڪرائڻ جي هٻڇَ… هو 87 ورهن جي ڄمار ۾ اڄ به سراسري طور 8 ڪلاڪ پڙهي ۽ لکي ٿو. رشتن پاران اڪيلو ٿيڻ جي باوجود به هو اکرن جي اُنسَ ۾ اڪيلو ناھي. پراڻن سياسي ساٿين جي بيوفائيءَ باوجود هُو ڪنھن کي ميار ڏيڻ بنا، هڪ ڪُنڊَ وٺيو، پنھنجي لکڻ پڙھڻ جي ڪرت کي جُنبيل آهي، ته جيئن پنھنجي حياتيءَ ۾ هن قوم کي وڌ ۾ وڌ پنھنجي ڏاهپَ جو ونڊُ ڏئي سگهي.

اڄ اسان يوسف شاھين صاحب جي 87 هين جنم ڏينھن جي موقعي تي سنڌ جي ساڃاھه پاران کيس ڀيٽا پيش ڪندي، جنم ڏينھن جُون واڌايُون ڏيندي، کيس سندس ئي سرجيل سٽون ارپيون ٿا، جنھن پنھنجي جيون جي هڪ ساعت به ويھي ڪانھي وڃائي:

ويھي ڪين وڃائي، ڪا ساعت سوائي

تنين لاءِ آئي، موٽي مُندَ بھارَ جِي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.