تيل جو عالمي بحران\وفاقي سرڪار پاران اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد(ابصار عالم) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ”اسمارٽ لاڪ ڊائون“ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ڇو ته آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ جاري آهي، جنهن سبب آبناءِ هرمز  بند ٿي وئي آهي ۽ تيل ۽ گئس جي سپلاءِ رڪجي وئي آهي. ان سبب تيل گئس جو بحران پيدا ٿيو آهي، جنهن تي قابو پائڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون شروع ڪيو پيو وڃي.سرڪاري آفيسن ۾ جيڪي عام طور تي پنج ڏينهن ڪم ٿيندو آهي، هاڻي صرف ٽي ڏينهن آفيسون کوليون وينديون، وقت صبح ساڍي اٺين کان 3 وڳي تائين هوندو.  باقي ٻه ڏينهن آن لائن ڪم ٿيندو. هفتي ۾ صرف ٽي ڏينهن سرڪاري آفيسون کوليون وينديون. سروس آفيسن (جتي 6 ڏينهن ڪم ٿئي ٿو) اتي هاڻي چار ڏينهن ڪم ٿيندو، ساڍي اٺين کان ڏيڍ وڳي تائين، ۽ 50 سيڪڙو روٽري سسٽم لاڳو ٿيندو. آن لائن حاضري ۽ مانيٽرنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.60 سيڪڙو حاضري لازمي قرار ڏني وئي آهي. بجلي ۽ تيل  جي بچت لاءِ گاڏين جو استعمال گهٽايو ويندو. آفيسن جي گاڏين جي استعمال جو آڊٽ ڪيو ويندو ته اهي ذاتي ڪمن لاءِ استعمال نه ٿين. 60ڏينهن اندر 50سيڪڙو آفيس لوڊ کي سولر تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. يونيورسٽيون، ڪاليج، اسڪول هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن آن لائن ۽ ڪجهه ڏينهن فزيڪل هلندا. پرائيويٽ آفيسن ۾ به 50 سيڪڙو آن لائن ڪم شروع ڪرڻ جي تجويز آهي. مارڪيٽون ۽ شاپنگ سينٽر رات ساڍي 9 وڳي بند ٿيندا. شادي تقريبون “ون ڊش” سان 200 ماڻهن تائين ۽ رات 10 وڳي تائين محدود هونديون. انٽرنيٽ ۽ ٽيليفون ٽيڪس ۾ تبديليون ۽ ڪجهه ٽيڪسن ۾ اضافو پڻ تجويز هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.