تهران/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)ايران جنگ بندی لاءِ آمريڪي تجويزون رد ڪري ڇڏيون آهن۔ايراني اختيارين موجب ايران آمريڪي تجويزن جو جائزو ورتو ۽ انهن کي غير مناسب قرار ڏنو. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اجازت نٿو ڏئي سگهي ته هو جنگ جي خاتمي جو وقت مقرر ڪري، ۽ ايران علائقائي ٽياڪڙ ذريعي پيغام ڏنو آهي ته هو پنهنجو دفاع جاري رکندو۔ايراني اختيارين ٻڌايو ته جنگ جي خاتمي جي پهرين شرط حملن جو بند ٿيڻ ۽ ايراني عهديدارن جي قتل جو خاتمو آهي، ۽ ايران جون دفاعي ڪارروائيون تيستائين جاري رهنديون جيستائين ايراني شرطن تي عمل نه ڪيو وڃي۔اختيارين موجب جنگ بندی جو فيصلو صرف ايران جي شرطن تي ٿيندو. ايران جنگ جي ٻيهر شروعات کي روڪڻ لاءِ مضبوط ۽ ضمانت ٿيل قدمن جو مطالبو ڪري ٿو، ۽ اهو به چاهي ٿو ته ايران ۾ جنگ سبب ٿيل نقصان جو تعين ڪيو وڃي ۽ ان جي ادائيگي جي ضمانت ڏني وڃي۔ايراني اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته ايران تي جاري جنگ ۽ خطي ۾ ٻين مزاحمتي گروپن خلاف ڪارروائيون روڪيون وڃن، ۽ آبنائي هرمز تي ايران جي خودمختياري کي تسليم ڪيو وڃي،هڪ اعليٰ ايراني عهديدار موجب ايران جو ابتدائي ردعمل آمريڪا تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان وسيلي موڪليو ويو آهي۔جنگ بندی لاءِ ايران پنج شرط رکيا آهن، حملن ۽ ايراني عهديدارن جي قتل جو خاتمو، جنگ جي ٻيهر شروعات کي روڪڻ لاءِ مضبوط ۽ ضمانت ٿيل قدم، ايران ۾ جنگ سبب ٿيل نقصان جو تعين ۽ ادائيگي جي ضمانت، ايران تي جاري جنگ ۽ خطي ۾ ٻين مزاحمتي گروپن خلاف ڪارروائين جو خاتمو، ۽ آبنائي هرمز تي ايران جي خودمختياري کي تسليم ڪرڻ۔ياد رهي ته جنگ بندی لاءِ ايران کي آمريڪا جون 15 نقطن تي ٻڌل تجويزون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ايران تي پابندين ۾ نرمي به شامل آهي۔ خبر ايجنسي موجب پاڪستاني عهديدار ٻڌايو ته انهن تجويزن ۾ ايران جي جوهري پروگرام ۽ ميزائل پروگرام جو خاتمو به شامل آهي، ان کان علاوه آبنائي هرمز کي کولڻ، انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) طرفان ايران جي نگراني، ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سول جوهري تعاون به شامل آهي۔آمريڪي خبر ايجنسي دعويٰ ڪيو آهي ته ڳالهين لاءِ ايران جي جوهري پروگرام ۽ ميزائل پروگرام جو خاتمو به آمريڪي تجويزن ۾ شامل آهي۔ايران کي آمريڪي تجويزون پهچائڻ وارن ٻن پاڪستاني ۽ هڪ مصري عهديدار آمريڪي خبر ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي۔خبر ايجنسي موجب هڪ پاڪستاني عهديدار ٻڌايو ته ايران کي آمريڪا جون 15 نڪاتي تجويزون پهچايون ويون آهن، جن ۾ ايران تي پابندين ۾ نرمي به شامل آهي۔خبر ايجنسي مطابق پاڪستاني عهديدار چيو ته ايران جي جوهري پروگرام ۽ ميزائل پروگرام جو خاتمو به آمريڪي تجويزن ۾ شامل آهي، ان کان علاوه آبناءِ هرمز کي کولڻ به انهن تجويزن ۾ شامل آهي۔ بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) طرفان ايران جي نگراني به هن منصوبي جو حصو آهي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سولين جوهري تعاون به تجويزن ۾ شامل آهي۔هڪ اعليٰ پاڪستاني عهديدار خبر ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پاڪستان جو عزم غير متزلزل آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار جي حل لاءِ سڀني فريڪين سان رابطي ۾ آهي، ۽ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پاڪستان جي وابستگي پختي ۽ واضح آهي۔پاڪستاني ۽ مصري عهديدار موجب ايران ۽ آمريڪا جي عهديدارن جي ملاقات جمعي تي پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿي۔مصري عهديدار مطابق 15 نڪاتي تجويزون جنگبندي تائين پهچڻ لاءِ هڪ جامع معاهدو آهن، ۽ هٿياربند گروهن کي ايران جي حمايت ڏيڻ تي پابندي به انهن تجويزن ۾ شامل آهي۔بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جي سربراهه رافيل گروسي موجب آمريڪا-ايران ڳالهين جو امڪان هن هفتي اسلام آباد ۾ آهي، ۽ اهي ڳالهيون صرف جوهري معاملي تائين محدود نه هونديون، پر ميزائل، ايران سان جڙيل مليشيا ۽ سيڪيورٽي ضمانتن تي به مشتمل هونديون۔ان کان علاوه هڪ سينئر ايراني عهديدار خبر ايجنسي کي ٻڌايو ته پاڪستان جنگبندي لاءِ آمريڪا جون موڪليل تجويزون ايران تائين پهچائي ڇڏيون آهن، ۽ ڳالهين لاءِ پاڪستان يا ترڪي جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ترڪي به جنگ ختم ڪرائڻ ۾ مدد ڪري چڪو آهي
واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا پاران ايران ڏانهن مبينا طور تي موڪليل 15 نڪاتي منصوبي بابت ڪا سرڪاري تصديق موجود ناهي، پر اسرائيل جي چينل 12 ۽ ٻين ميڊيا رپورٽن ۾ ڪجهه تفصيل سامهون آيا آهن۔رپورٽن مطابق منصوبي ۾ شامل مبينا مطالبا هي آهن:نطنز، اصفهان ۽ فردو ۾ جوهري تنصيبات کي غير فعال ڪري ختم ڪرڻ جوهري سرگرمين تي بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي جي شفاف نگراني ايران جو خطي ۾ هٿياربند پراڪسيز جو استعمال ختم ڪرڻ ۽ گروهن کي فنڊنگ ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ بند ڪرڻ اڳ ۾ گڏ ڪيل جوهري صلاحيتن کي ختم ڪرڻ جوهري هٿيار حاصل نه ڪرڻ جو واعدو ايران اندر يورينيم افزودگي تي پابندي ۽ سڀ افزودہ مواد عالمي ايجنسي حوالي ڪرڻ آبنائے ہرمز کي آزاد بحري زون قرار ڏيڻ ۽ ڪنهن به پابندي کان پاڪ رکڻ ميزائل پروگرام بابت حد بندي، تعداد مقرر ڪرڻ ۽ صرف دفاعي استعمال تائين محدود ڪرڻ منصوبي تحت ايران کي جيڪي فائدا ملڻ جون ڳالهيون رپورٽن ۾ شامل آهن:بوشهر ۾ سول نيوڪليئر بجلي منصوبي لاءِ آمريڪي مدد ايران تي لڳل سموريون پابنديون ختم ڪرڻ پابندين جي ٻيهر لاڳو ٿيڻ جي خطري جو خاتمو اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ڳالهين دوران ممڪن طور هڪ مهيني جي جنگبندي ٿي سگهي ٿي، پر ان جي به ڪا سرڪاري تصديق نه ٿي آهي ۽ نه ئي وائيٽ هائوس طرفان ڪا تفصيل جاري ڪئي وئي آهي