بلاول جي وزيراعظم سان ملاقات،لاڪ ڊائون ۽ سنڌ جي ترقياتي رٿائن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سان چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔وزيراعظم نار جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي امن لاءِ ڪيل سفارتي ڪوششن بابت بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو۔وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾گڏيل دلچسپي وارن سياسي ۽ ملڪي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي۔بلاول ڀٽو زرداري جنگ جي تناظر ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ امڪاني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي پاليسي جي تعريف ڪئي۔وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت طرفان سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو پڻ ورتو۔بلاول ڀٽو زرداري مشڪل حالتن ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي جي صحيح رخ طئي ڪرڻ ۾ وزيراعظم جي حڪمت عملي ۽ قدمن جي ساراهه ڪئي۔ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاه، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيما،ناڻي وارو  وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو مشير رانا ثناء الله ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به شريڪ هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.