نئون ديرو/لاڙڪاڻو(نمائندا) صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هيليڪاپٽر ذريعي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا جتي هنن قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضريڀري گل رکي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي گهرو صوبائي وزير سهيل انور سيال پڻ موجود هو، شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واپس نئون ديرو هائوس پهچي ويا. ان کان اڳ ملڪي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو هائوس کان هيليڪاپٽر جي ذريعي خيرپور جي ڳوٺ صادق ڪلهوڙو ۾ زرعي زمينن جو معائنو ڪيو. خيرپور کان واپسي تي هيليڪاپٽر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا.صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نئون ديرو هائوس ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن تي به مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ناڻي کاتي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم مصنوعات جو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ ٻيا سکر کان نئون ديرو هائوس پهتا جتي هنن صدر مملڪت آصف علي زرداري سان خصوصي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ ۾ امن امان، معاشي صورتحال، توانائي جي شعبي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ وفاقي گهرو وزير ملڪي صدر کي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جاري ڪاررواين ۽ سرحدي سلامتي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو۔ پاڪ-افغان ڇڪتاڻ ۽ علائقائي سيڪيورٽي چئلينجز جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ ناڻي کاتي جي وفاقي وزيرِ ۽ وزيرِ پيٽروليم معاشي حالات، توانائي جي شعبي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي پسمنظر ۾ حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني۔ ملڪي صدر آصف علي زرداري وفاقي وزيرن کي هدايت ڪئي ته علائقي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي معاشي پاليسين ۾ عوامي رليف کي ترجيح ڏني وڃي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن جو بار گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي ته جيئن عام ماڻهن کي سهولت فراهم ٿي سگهي.