جنگ آمريڪا لاءِ ڌٻڻ بڻيل،چين جي شڪست،ايران مضبوط ٿيندو؟

بيجنگ(عوامي آواز نيوز)چيني ماهر  پروفيسر جيانگ هڪ حيران ڪندڙ تجزيو پيش ڪيو آهي، جنهن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار رڳو علائقائي جنگ نه پر عالمي طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ وارو اهم موڙ بڻجي سگهي ٿو پروفيسر جيانگ موجب هي جنگ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ هوندي ڪنهن به ڌر جي واضع فتح نظر نٿي اچي آمريڪا هڪ “ڌٻڻ” ۾ ڦاسي چڪو آهي،سندس خيال ۾ آمريڪا جيڪڏهن پوئتي هٽندو ته عالمي ساک متاثر ٿيندي، ۽ جيڪڏهن جنگ جاري رکندو ته معاشي ۽ فوجي نقصان وڌندو،هن چيو ته ايران جنگ کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو ،آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول ذريعي وڏو معاشي فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن جهازن تي فيس لڳائي وڃي ته اربين ڊالر آمدني ممڪن آهي،هن چيو ته ايران ممڪن طور وڏي مالي معاوضي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو آمريڪا اڳ ئي قرضن هيٺ دٻيل آهي پيٽرو ڊالر سسٽم کي به خطرو ٿي سگهي ٿو پروفيسر جيانگ مطابق آمريڪا هاڻي صرف ايران سان نه، پر پنهنجي عالمي حيثيت بچائڻ لاءِ به وڙهي رهيو آهي،هن چيو ته سڀ کان وڏو نقصان شايد چين کي ٿيندو ڇو ته چين جي توانائي گهڻو ڪري نار جي  ملڪن تي دارومدار رکي ٿي توانائي ۾ رڪاوٽ سان چين جي معيشت ۽ ٽيڪنالاجي ترقي متاثر ٿيندي،هن چيو ته اسرائيل خطي ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿو،روس تيل جي وڪرو مان فائدو وٺي رهيو آهي،گڏيل عرب امارات  جي معيشت عدم استحڪام سبب خطري ۾ اچي سگهي ٿي ،هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا زميني جنگ شروع ڪري (مثلاً آئل ٽرمينلز تي قبضو)، ته صورتحال ويتنام جهڙي ٿي سگهي ٿي ننڍي ڪارروائي وڏي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ڪجهه حلقا هن جنگ کي مذهبي ايجنڊا سانجوڙي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ منطقي فيصلا گهٽجي ويندا آهن جيڪو عالمي امن لاءِ خطرناڪ آهي پروفيسر جيانگ چيو ته جاپان ٻيهر مضبوط ٿي سگهي ٿو چين کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو مغربي دنيا ۾ به اندروني تبديليون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.