ايران پاران ڪويت ۾ آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران/بيت المقدس (م ڊ) ايراني ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران ڪويت ۾ هڪ آمريڪي جنگي جهاز کي نشانو بڻائي ڪيرائي وڌو آهي. ايراني ذريعن موجب، جهاز کي ڪويت جي فضائي حدن اندر نشانو بڻايو ويو. ٻئي طرف،اسرائيل جي مختلف علائقن تي ميزائل حملن جي لهر جاري آهي. اسرائيل جي اترئين ۽ وچين حصن ۾ خطرن جا سائرن وڄندا رهيا، جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا موجب غزہ سان لڳندڙ شهر عسقلان ۾ ٻن مختلف هنڌن تي ايراني ميزائل اچي ڪريا آهن. ميزائل حملن کانپوءِ علائقي ۾ خوف واري لهر پکڙجي وئي آهي. ان صورتحال دوران اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو ايراني ميزائل حملي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ نقصان جو جائزو ورتو. اسرائيلي اختيارين پاران حملن جي جواب ۾ سخت ڪارروائي جا اشارا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

  1. جنگ ۾ شدت آئي ته پورو خطو خطرناڪ صورتحال ۾ ڦاسي سگهي ٿو: چين

بيجنگ (م ڊ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گو جياڪون خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جاري جنگ ۾ شدت آئي ته پورو خطو هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ ڦاسي سگهي ٿو. بيجنگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترجمان چيو ته طاقت جو استعمال مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيندو ۽ ان سان خطي ۾ عدم استحڪام وڌندو. چيني ترجمان وڌيڪ چيو ته طاقت جي استعمال سان صورتحال سڌرڻ بدران ويتر خراب ٿيندي، تنهنڪري تمام ڌرين کي گهرجي ته اهي فوجي ڪارروايون فوري طور تي روڪي ڇڏين ۽ معاملا حل ڪرڻ لاءِ مذاڪرات جي رستي تي واپس اچن. هن زور ڏنو ته چين خطي ۾ امن جو حامي آهي ۽ پرامن سفارتڪاريءَ تي يقين رکي ٿو. گو جياڪون چيو ته چين عالمي تيل جي فراهمي لاءِ اهم لنگهه آبنائي هرمز جي صورتحال بابت تمام لاڳاپيل ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي کي محفوظ بڻائي سگهجي. چين پاران عالمي برادري تي به زور ڏنو ويو آهي ته هو وچ اوڀر ۾ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.