واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪا جي انٽيليجنس چيف تلسي گبارڊ چيو آهي ته ايران گذريل سال آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان پوءِ پنهنجي جوهري افزودگي جي صلاحيت ٻيهر بحال نه ڪري رهيو هو۔واشنگٽن ۾ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي آڏو شاهدي ڏيندي هن ٻڌايو ته 2025ع ۾ ٿيل آمريڪي ڪارروائي، جنهن کي “آپريشن مڊنائيٽ هيمر” سڏيو ويو، ان جي نتيجي ۾ ايران جو جوهري پروگرام سخت متاثر ٿيو هو ۽ ان کان پوءِ ان کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نظر نه آئي آهي۔هي بيان آمريڪي صدر ٽرمپ جي ان موقف جي ابتڙ آهي، جنهن ۾ هو ايران جي جوهري سرگرمين کي جنگ جي هڪ وڏي وجهه قرار ڏيندو رهيو آهي۔ جڏهن ته بين الاقوامي ماهرن جو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران اهڙو ڪرڻ چاهي به ته ان مقصد تائين پهچڻ ۾ کيس ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا۔آمريڪي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي ۾ آمريڪي ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس تلسي گبارڊ کي سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پيو، ڪميٽي جي ميمبرن هن کان سوال ڪيو ته جڏهن هن گذريل سال جون ۾ چيو هو ته ايران جي ايٽمي افزودگي جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي، ته پوءِ بعد ۾ وائيٽ هائوس ڇو چيو ته ايران جي فوري خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ نئين مهم شروع ڪئي وئي آهي۔ ميمبرن پڇيو ته جيڪڏهن جون ۾ خطرو ختم ٿي ويو هو ته اهو ٻيهر ڪيئن پيدا ٿيو۔تلسي گبارڊ ڪيترائي ڀيرا سوالن باوجود واضح جواب نه ڏئي سگهي ۽ هن چيو ته اهو طئي ڪرڻ صدر جو اختيار آهي ته ڪو خطرو موجود آهي يا نه۔ڪميٽي جي هڪ ميمبر اهو به نشاندهي ڪئي ته هنن پنهنجي لکت واري جواب ۾ ايران جي ايٽمي افزودگي ختم ٿيڻ جو بيان شامل ڪيو هو، پر پنهنجي تقرير ۾ اهو ڇو نه ورجايو۔ ان تي هنن جواب ڏنو ته وقت جي کوٽ سبب ائين نه ٿي سگهيو۔ان سڄي سيشن دوران انٽيليجنس بيانن ۽ حڪومتي موقف وچ ۾ تضاد تي به سوال اٿاريا ويا، جنهن سبب ڪميٽي ۾ بحث خاصو گرم رهيو۔