بشير ميمڻ گورنر نه ٿيڻ تي ڪاوڙيل؟ليگي اڳواڻ کي نهال هاشمي آڏو چماٽ

ڪراچي(ارباب چانڊيو) ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي  ۽ مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ، نئين مقرر ٿيل گورنر سنڌ نهال هاشمي جي موجودگي ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي هڪ شخص کي ٿڦ وهائي ڪڍي،ڳالهه صرف ٿڦڙ تائين محدود نه هئي، بلڪه سندس گهر ۾ ٿيل ملاقات دوران، جتي گورنر سنڌ نهال هاشمي، وزيراعظم جي يوٿ پروگرام جا فهد شفيق، خرم ڀٽي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا، انهن سڀني جي سامهون اهو واقعو پيش آيو.گورنر سنڌ بشير ميمڻ جي گهر پهتو،پارٽي ذريعن موجب، گفتگو دوران بشير ميمڻ چيو ته توهان منهنجو شڪريو ادا ڪرڻ ڇو آيا آهيو؟ توهان کي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري گورنر بڻايو آهي، توهان انهن جو شڪريو ادا ڪريو. ان تي نهال هاشمي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته توهان اسان جا وڏا آهيو، اسان  توهان وٽ شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.ان گفتگو دوران ماحول آهستي آهستي تڪراري ٿي ويو. فهد شفيق، جيڪو وزيراعظم  يوٿ پروگرام ۾ ايڊوائيزر آهي، ٻڌايو ته بشير ميمڻ جي رويي ۾ سختي نظر آئي. هن موجب، بشير ميمڻ نه صرف انهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو، پر خرم ڀٽي کي به سمجهائڻ جي ڪوشش دوران اوچتو ٿڦ هڻي ڇڏي.فهد شفيق جو چوڻ آهي ته هي رويو بي ادبي جي انتها هئي ۽ بشير ميمڻ جو مزاج برداشت کان ٻاهر هو. هن چيو ته هن سڄي واقعي بابت پارٽي قيادت کي زباني طور آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هو نواز شريف ڏانهن تحريري شڪايت به موڪليندو.رپورٽ موجب، صحافيءَ طرفان بشير ميمڻ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس موقف حاصل نه ٿي سگهيو. البته ٻين موجود ماڻهن هن واقعي جي تصديق ڪئي آهي ته اهڙو واقعو واقعي پيش آيو.جڏهن سبب بابت پڇيو ويو ته ٻڌايو ويو ته بشير ميمڻ کي گورنر نه بڻايو ويو، ۽ سندس خيال ۾ آصف علي زرداري سندس نالو ڪٽائي نهال هاشمي کي گورنر بڻايو. ان سبب هو ناراض آهي ۽ ان ناراضگي جو اظهار پنهنجي ئي گهر ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو.ساڳي وقت اهو به سوال اٿيو آهي ته خرم ڀٽي ۽ فهد شفيق سان ٿيل رويي جو ازالو ڪيئن ٿيندو، ڇا معاملو معافي سان ختم ٿيندو يا پارٽي اندر ان تي ڪو باضابطه فيصلو ڪيو ويندو؟فهد شفيق جو چوڻ آهي ته هي معاملو هو پارٽي قيادت تائين پهچائي چڪو آهي ۽ تحريري طور به آگاهه ڪندو، ڇو ته سندس خيال ۾ اهڙو رويو ناقابل برداشت آهي۔ٻئي پاسي اهو به چيو ويو ته شايد بشير ميمڻ جي ناراضگي ڪنهن اڳوڻي پروگرام يا ملاقات سان جڙيل هئي، جنهن سبب هو اڳ کان ناراض هئا ۽ ان جو اظهار هن واقعي ذريعي ٿيو۔آخر ۾ سوال اهو به آهي ته ڇا پارٽي اندر برداشت جو فقدان وڌي رهيو آهي؟ ۽ ڇا گورنر جي آئيني عهدي جو احترام برقرار رکيو ويو يا نه؟ ۽ مستقبل ۾ اهڙن معاملن کي ڪيئن روڪيو ويندو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.