دوحا(عوامي آواز نيوز)ترڪيه جو پرڏيهي وزير حيڪان فيدان ايران کي “دوستاڻو مشورو” ڏنو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان جاري جنگ کي وچ اوڀر جي ٻين ملڪن تائين نه وڌايو وڃي۔غير ملڪي خابرو ايجنسي موجب، دوحا ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته خطي جي ملڪن تي ايران جا حملا ناقابلِ قبول آهن۔ سندس بقول جيتوڻيڪ اسرائيل هن جنگ جو بنيادي ذميوار آهي، پر ايران تي به “تاريخي ذميواري” عائد ٿئي ٿي ته هو خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ نه وڌائي۔هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه آمريڪا ۽ تهران ٻنهي سان رابطي ۾ آهي ته جيئن صورتحال کي بهتر نموني سمجهي سگهجي، ۽ ترڪيه تنازع جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو۔