ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري اسلم خان ۽ مجلسِ عاملا پاران ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي ميمبر صحافي نادر خان خلاف داخل ڪيل ڪيس جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي آزادي اظهار ۽ صحافت تي حملو قرار ڏنو ويو، بيان موجب نيشنل سائبر ڪرائم انوسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) پاران نادر خان خلاف ڪيس اهڙي وقت درج ڪيو ويو آهي جڏهن ملڪ کي غير معمولي حالتن کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ قومي هڪجهڙائي جي ضرورت آهي، ٻڌايو ويو آهي ته هي ڪيس پورٽ قاسم تي ايندڙ جهاز سان لاڳاپيل مبينه LPG اسمگلنگ جي رپورٽ جي بنياد تي درج ڪيو ويو، جنهن تي ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پريس ڪلب جا عهديدار ٻڌائن ٿا ته ڪيس بغير نوٽيس ۽ انڪوائري جي رواجي قانوني طريقيڪار کي نظر انداز ڪندي درج ڪيو ويو، جيڪو بظاهر هڪ رسميت پسند ڪارروائي محسوس ٿئي ٿو، اهڙا قدم نه صرف صحافت جي آزادي کي دٻائڻ جي ڪوشش آهن، پر حقيقتون ظاهر ڪندڙ صحافين کي هراساڻ ڪرڻ جي برابر آهي، اهو به چيو ويو آهي ته عجلت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ قانون جي غلط استعمال جو تاثر ڏئي ٿو، جيڪو ڪنهن به جمهوري سماج لاءِ نقصانڪار آهي.
سوشل ميڊيا اٿارٽي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد(بيورو)سوشل ميڊيا اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي۔سينيئر قانوندان اياز شوڪت کي 5 سالن لاءِ سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي جو پهريون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔اٿارٽي جي ٻين ميمبرن ۾ سهيل اقبال ڀٽي، عدنان خان، محمد سلمان ظفر، فهد ملڪ ۽ سعد علي شامل آهن۔گهرو وزارت طرفان چيئرمين ۽ 5 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 5 سالن جي مدي لاءِ هوندو۔ايياز شوڪت هن کان اڳ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو عيد کان پوءِ چيئرمين طور پنهنجو عهدو سنڀاليندو۔اٿارٽي جي قيام کان پوءِ ڪو به ماڻهو جيڪو جعلي يا غلط معلومات کان متاثر ٿيو هجي، شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته اداري کي لاڳاپيل مواد بلاڪ ڪرائڻ جو اختيار به حاصل هوندو۔نوٽيفڪيشن موجب اٿارٽي شڪايت ملڻ کان پوءِ 24 ڪلاڪن اندر حڪم جاري ڪندي۔