واسڪو ڊي کان هرمز تائين: پنج سؤ ورهيه پراڻي سامونڊي قبضي جي ڪهاڻي

محمد احسان لغاري

تاريخ هميشه سڌي پيچري سان اڳتي ناهي وڌندي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان جا مثال، ۽ سامھون ايندڙ وارتائون ايتريون  ته هڪجهڙيون هونديون  آهن جو انهن کان اکٻوٽ ڪري نه ٿي سگھجي۔  اولهه ايشيا ۾ هن وقت جيڪي بحران هلي رهيا آهن، خاص ڪري ايران ۽ هرمز جي لَڪَ جي چوڌاري وڌندڙ خطرناڪ ڇڪتاڻ، جيڪا خدا نه ڪري ٽين مھاڀاري  جنگ جو دروازو ٿي، اهي ڪي رڳو اتفاقي جيو پوليٽيڪل/ سياسي واقعا ناهن. اهي هڪ تمام پراڻي اسٽريٽجڪ منطق جو تسلسل آهن، جنهن جي شروعات پنج صديون اڳ ان وقت ٿي هئي جڏهن يورپي سامونڊي طاقت پهريون ڀيرو هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي هئي.

هندي وڏي سمنڊ جو وڃائجي ويل نظام

۱۵ هين صدي جي پڄاڻيءَ تي جڏهن يورپي ٻيڙا هتي پهتا، ان کان اڳ هندي وڏو سمنڊ ڪو جنگ جو ميدان نه هو، پر اھو  گڏيل وڻج واپار جو اتاھ ماڳ ھو. سنسڪرت ٻولي ۾ ان کي ‘رتناڪرا’ (جواهرن جي کاڻ) چيو ويندو هو۔ اھو سامونڊ ۽ سندس گس  ھند۔سنڌ جي وڻجارن لاءِ نهايت مستحڪم واپاري ۽ ثقافتي نيٽ ورڪ ھئا. اھو واپاري سرشتو فوجي طاقت بدران فطري موسمن ۽ اخلاقي قدرن جي بنياد تي هلندو هو. چؤماسي جون هوائون (مونسون) واپار جي رفتار طئي ڪنديون هيون، جنهن ڪري عرب، اوڀر آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا واپاري هڪ ٻئي سان سھڪار ڪندا هئا. انهن لاڳاپن هڪ اهڙي عالمي سامونڊي ثقافت کي جنم ڏنو جيڪا ڀروسي ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل هئي. هن نظم کي ترتيب ڏيڻ ۾ اٺين صدي عيسوي ۾  اسلام جو پڻ اھم ڪردار هو. نبي ڪريم ﷺ جن، پاڻ به واپار ڪيو ھو ، انھن اهڙو اخلاقي ۽ واپاري  گھاڙيٽو ڏنو جنهن ۾ سچائي، معاهدي جي پاسداري ۽ ثقافتي مٽاسٽا تي زور ڏنل هو.

واپار رڳو پئسي جي ڏي وٺ نه، پر هڪ تهذيب هئي. ان دور ۾ ‘اندانگ -اندانگ لاوٽ ملاڪا ‘ ( ھاڻوڪو انڊونيشيا) جهڙا مقامي سامونڊي قانوني ضابطا به موجود هئا، جيڪي ثابت ڪن ٿا ته سمنڊ ڪي لاوارث نه هئا، پر اهي پنهنجي هڪ قانوني ۽ آئيني ڍانچي تحت هلندڙ هئا.

1494ع: سامونڊي تشدد جي شروعات

هي امن وارو پرسڪون توازن 15 هين صدي جي آخر ۾ تباھ ٿي ويو. 1494ع جي ‘ٽريٽي آف ٽورڊيسيلاس ‘ ذريعي علامتي طور غير يورپي دنيا کي اسپين ۽ پرتگال جي وچ ۾ ورهايو ويو، جڏهن ته 1498ع ۾ واسڪو ڊي گاما جي ھندستان واري علائقن تائين پھچڻ سان عملي طور تي هڪ اهڙي نئين دور جو بنياد پيو جيڪو هٿياربند واپار سان منسوب هو. يورپي ٻيڙا رڳو سامان کڻندڙ وسيلا نه هئا، بلڪه اهي ‘ترندڙ توپ خانا’ هئا. بحري ٻيڙن ۾ وڏين توپن جي موجودگي سامونڊي لاڳاپن کي ڳالهين بدران زبردستي ۽ ڏاڍ مڙهڻ ۾ بدلائي ڇڏيو.

واسڪو ڊي گاما جي 1502ع واري ٻئي سفر هن وحشياڻي تبديلي کي چٽو ڪري ڇڏيو. هن پاران حاجين جي ٻيڙي کي ساڙڻ، ڪاليڪٽ تي بمباري ڪرڻ ۽ قيدين جا عضوا ڪٽڻ جهڙا عمل ڪو اتفاق نه هئا. اهي اصل ۾ ڏھڪاءُ ذريعي هڪ نئون نظام مڙهڻ جي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي هئي. واپار هاڻي گڏيل فائدو نه، پر اهڙي ھڪ هٽي (مونوپولي ) بڻجي ويو جنهن کي بندوق جي زور تي برقرار رکيو ويو.

ڪارٽاز سسٽم: واپار کان ضابطي تائين

پرتگالين هن تشدد کي ‘ڪارٽاز سسٽم’ ذريعي هڪ اداري جي شڪل ڏني. هي هڪ سامونڊي لائسنس جو نظام هو، جنهن تحت هندي وڏي سمنڊ ۾ هلندڙ هر ٻيڙي لاءِ اجازت نامو وٺڻ ۽ فيس ڀرڻ لازمي هئي. هن نظام سڄي سمنڊ کي هڪ ڪنٽرول ٿيل معاشي علائقي ۾ بدلائي ڇڏيو، جتي اجازت کانسواءِ هلندڙ ٻيڙن کي قبضي ۾ ورتو ويندو هو ۽ انهن جي عملي کي بي درديءَ سان قتل ڪيو ويندو هو. جيڪو ڪڏهن هڪ آزاد وڻجارن جو  رستو هو، اهو هاڻي هڪ ‘ٽول گيٽيڊ’ سامونڊي سلطنت بڻجي چڪو هو. رستن تي قبضي ذريعي واپار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هيءَ منطق پرتگالين کانپوءِ ختم نه ٿي، پر اها وڌيڪ مضبوط ٿي. بعد ۾ ايندڙ يورپي سلطنتن ۽ اڄوڪي عالمي طاقتن به ساڳيون حڪمت عمليون اختيار ڪيون آهن، رڳو توپن جي جاءِ هاڻي معاشي پابندين، ھزارن ڪلو وزن جي بمن جو اڇلائڻ، ڪارپيٽ بمباري، ناڪا بندي ۽ جاسوسي نظام ورتي آهي.

عالمي ڦهلاءُ ۽ انساني تباهي:

هي سامونڊي ڏاڍ وارو انقلاب صرف هندي وڏي سمنڊ تائين محدود نه رهيو، پر ان سڄي دنيا ۾ پکڙجي انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهي کي جنم ڏنو. آمريڪا ۾ يورپين جي پهچڻ جي رڳو ڏيڍ صدي اندر اتي جي مقامي آبادي ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي اچي وئي. بيمارين، جبري مزدوري، قتلام ۽ ماحولياتي گھمسان گڏجي سڄي جي سڄي تهذيبن کي مٽائي ڇڏيو. هي رڳو هڪ فتح نه هئي، پر هڪ مڪمل نظام جي تبديلي هئي. ڌرتي، پاڻي، فطرت ۽ ماحول  کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو ۽ معاشرن کي ٻاهرين قبضو ڪندڙن جي پورائي لاءِ مجبور ڪيو ويو. نون علائقن جي مليل نام نهاد ‘دريافت’ اصل ۾ انهن علائقن جي آبادي کي تاراج ڪرڻ واري  بربادي ۽ دنيا جي نئين سماجي ۽ سياسي جاگرافي جي شروعات هئي.

اھم گھٽَ ۽ گھيڙ: طاقت جي جاگرافي

هن سموري تبديليءَ جي بنياد ۾ هڪ بنھہ سادي پر اٽل حقيقت هئي: جيڪڏهن توهان اهم سامونڊي لڪن (گھٽَ ) کي ڪنٽرول ڪريو ٿا، ته توهان سڄي عالمي واپار جا مالڪ آهيو. سورهين صدي ۾ ان جو مطلب هرمز ۽ ملاڪا جا لڪ هئا. پرتگالي ماھر حڪمت عملي ساز الفونسو ڊي البوڪرڪ اهو سمجهي ورتو هو ته ڪجهه اهم جڳهن تي قبضو ڪري ان سڄي وسيع واپاري نيٽ ورڪ تي غير معمولي طاقت حاصل ڪري سگهجي ٿي.

ويھين صدي تائين واپاري جنسون بدلجي ويون، مصالحن جي جاءِ تيل ورتي، پر جاگرافيائي اهميت ساڳي رهي.  ۽ گھڻو ڪري جاگرافي به ساڳي رھي۔ ھُرمز جو لڪ، جيڪو ڪڏهن مصالحن لاءِ اهم هو، هاڻي عالمي توانائي جي وهڪري لاءِ لازمي بڻجي ويو آهي. پائپ لائينون، سامونڊي اڏا ۽ فوجي اتحاد سڀ ان هڪ حقيقت جي بنياد تي  جڙيل آهن ته جيڪو چوڪ پوائنٽس/ گھٽَن کي پنھنجي ضابطي ۽ قبضي ۾ رکندو، اهو ئي عالمي معيشت کي ھلائيندو.

ايران ۽ اولھه جي مسلسل ھٿ چراند

ايران جي جديد تاريخ کي ڏسندا سين ته گمان پڌرا ٿي پوندا. هرمز جو لنگھه ھاڻ دنيا جي پنجين حصي تيل جي گذرگاھ آھي۔ توانائي جي وسيع ذخيرن ان کي هميشه ٻاهرين مداخلت جو نشانو بڻايو آهي. 1953ع ۾ ايراني وزيراعظم محمد مصدق جي خلاف بغاوت، جيڪا تيل کي قومي ملڪيت بڻائڻ جي ڪوشش سبب ٿي هئي، معاشي ڪنٽرول لاءِ حڪومت تبديل ڪرڻ جو هڪ وڏو مثال بڻجي وئي. ان وقت ھڪ جمھوري وزيراعظم پنھنجن ماڻھن لاءِ پنھنجا وسيلا استعمال ڪرڻ گھريا پئي، ان کي ھٽائي بادشاھت ٿوپي وئي۔  گذريل ڏهاڪن ۾ ڪيترائي ٽڪراءُ ٿيا، جن ۾ 1980ع واري ‘ٽينڪرن واري  جنگ’ شامل آهي، جڏھن سامونڊي رستا پاڻ جنگي ميدان بڻجي ويا هئا. اهي واقعا ان تسلسل کي وڌيڪ پختو ڪن ٿا ته ڪنهن به علائقائي طاقت کي واپار جي رستن تي آزاد ڪنٽرول ڪرڻ نه ڏنو وڃي.

2026ع: هڪ پراڻي حڪمت عملي جو جديد پڙاڏو

2026ع ۾ ايران تي ٿيندڙ تازا فوجي حملا، جن کي ايٽمي خطرن جي روڪٿام ۽ علائقائي استحڪام جو جواز ڏنو ويو آهي، اهي اصل ۾ پراڻي حڪمت عملين جو ئي جديد روپ آهن. ٽيڪنالاجي ضرور بدلجي وئي آهي، ڪانجھي توپن جي جاءِ هاڻي گائيڊڊ ميزائلن ورتي آهي، پر ان جي پويان منطق اڄ به ساڳي آهي. مقصد صرف فوجي فتح حاصل ڪرڻ ناهي، پر هڪ اسٽريٽجڪ نئون ضابطو ۽ نظام (Reordering) قائم ڪرڻ آهي، جنهن جو مطلب گھٽن ۽ لنگھن  تي ضابطو ڪرڻ، اولھ جي وفادار مطيع حڪومتن کي يقيني بڻائڻ ۽ عالمي توانائي جي وهڪري تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ آهي.

هڪ اڻپورو تاريخي منصوبو

1494ع ۾ شروع ٿيل اها ڪهاڻي اڃا ختم ناهي ٿي. جيڪا شروعات هڪ سامونڊي ٽڪراءُ سان ٿي هئي، اها هاڻي هڪ عالمي نظام بڻجي چڪي آهي؛ جتي طاقت جو اظهار ٻيڙن، سامان ۽ وسيلن جي رستن کي ڪنٽرول ڪرڻ ذريعي ڪيو وڃي ٿو. هندي وڏو سمنڊ ڪڏهن سھڪار ۽ گڏيل قانوني ضابطن جو ماڳ هو. ان جو فوجي ۽ معاشي غلبي واري ميدان ۾ تبديل ٿيڻ هڪ اهڙي نئين عالمي نظام جي شروعات هئي جيڪا اڄ به تڪرارن کي جنم ڏئي رهي آهي.

اڄوڪي بحرانن کي سمجهڻ لاءِ رڳو هينئر جي واقعن کي ڏسڻ ڪافي ناهي، پر ان جي پويان لڪل گهري تاريخي جوڙجڪ کي سمجهڻ ضروري آهي. جيستائين چوڪ پوائنٽس/ لنگھن تي قبضي ۽ زبردستي تسلط واري هن منطق کي هڪ برابري واري نظام سان نه بدلايو ويندو، تيستائين پنج صديون اڳ شروع ٿيل هي قبضي ۽ ڦٻائڻ واري راند جاري رهندي؛ جيڪا رڳو پنهنجي شڪل بدلائيندي، پر اصل مقصد   ساڳيو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.