” سڄو ڏوهه فلم سازن جو آهي“ نورا فتحي تڪراري گاني تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بالي ووڊ ستارن نورا فتحي ۽ سنجي دت جي گاني ”سرڪي چنر“ تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو رليز ٿيندي ئي تڪرار جو شڪار ٿي ويو هو.
ان کي نامناسب قرار ڏنو ويو، جنهن تي ان کي مختلف پليٽ فارمز تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته هاڻ ان معاملي تي ڊانسر نورا فتحي پهريون ڀيرو خاموشي ٽوڙي آهي.
ان گاني کي آنند آڊيو طرفان مختلف ٻولين ۾ اپ لوڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هندي، مليالم، تمل، تيلگو ۽ ڪنڙ ٻوليون شامل هيون پر هندي ورزن ايندي ئي تڪرار پيدا ٿي ويو.
نورا فتحي وڊيو بيان ذريعي وضاحت ڪئي آهي ته مان نٿا چاهيان ڪير اهو سمجهي ته مان ان گاني جي حمايت ٿي ڪيان، توهان جي سخت ردعمل جي مهرباني، ڇو ته ان جي ڪري فلم سازن تي دٻاءُ پيو ۽ ان گاني کي هٽايو ويو آهي.
هن چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو، مان اهو گانو 3 سال اڳ ڪناڊا ٻولي ۾ فلم لاءِ شوٽ ڪرايو هو، ڇو ته ان فلم ۾ وڏو نالو سنجي دت شامل هو ۽ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان ڪير انڪار ٿو ڪري سگهي؟
سندس موجب جڏهن مان شوٽنگ ڪرائي رهي هيس ته مون کي فلم ميڪرز تي يقين هو ته اهي ٻين ٻولين ۾ ائين ٽرانسليٽ ڪرائيندا جيئن مان چئي رهي آهيان پر جڏهن هندي ورزن کي ان ليريڪس سان گڏ ٺاهيو ويو ته ان بابت ڪو اندازو نه هو، ان لاءِ مون کان ڪا اجازت يا منظوري به نه ورتي وئي هئي.
نورا فتحي چيو ته انهن منهنجون نامناسب تصويرون استعمال ڪيون ۽ انهن مان هڪ سنجي دت سان اي آءِ جنريٽڊ هئي، مان ان بابت ڊائريڪٽر کي نشاندهي ڪئي هئي ته ٺيڪ نه پيون لڳن، ان جو ذميوار فلم سازن ۽ ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز کي قرار ڏيڻ گهرجي.
وڊيو جي آخر ۾ نورا فتحي چيو ته توهان جي سخت ردعمل جي مهرباني، مان اڳتي محتاط رهنديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.