ايران خلاف جنگ ”وڏي نعمت“ ثابت ٿي رهي آهي: اسرائيلي وزير

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) هڪ اسرائيلي وزير چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جون ڪارروائيون اسرائيل لاءِ ”وڏي نعمت“ ثابت ٿي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيتن ياهو جي جماعت ليڪوڊ سان واسطو رکندڙ وزير زيو ايلڪن چيو ته بحث ان ڳالهه تي نه ٿيڻ گهرجي ته جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي پر ان تي ٿيڻ گهرجي ته نقصان کي ڪيئن وڌيڪ ڊگهو ۽ گهرو ڪيو وڃي، مهم جو هر ڏينهن اسرائيل رياست لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي.
ايو ايلڪن اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا جي به ميمبر آهي، جيڪا وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائين جي منظوري ڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.