وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ، عالمي امن لاءِ وڌندڙ خطرو

تحرير: ديدار شام

جنگيون اڪثر ننڍن علائقائي تڪرارن مان شروع ٿينديون آهن، پر وقت گذرڻ سان اهي عالمي بحران ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. 1914ع ۾ آسٽريا جي ولي عهد آرچڊيوڪ فرينڊينڊ جي قتل کان پوءِ شروع ٿيندڙ تڪرار پهرين عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن ته 1939ع ۾ جرمني جي پولينڊ تي حملي سان ٻي عالمي جنگ شروع ٿي. اڄ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال به ڪجهه اهڙي ئي خطري ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي، جتي ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ عالمي امن لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي. سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هن تڪرار کي سفارتي سطح تي جلدي روڪيو نه ويو ته اها صرف علائقائي جنگ نه رهندي، بلڪه اهو تڪرار عالمي سياست، معيشت ۽ سلامتي تي به گهرا اثر ڇڏيندو.

 28 فيبروري 2026ع تي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ان وقت تيزي سان وڌي وئي جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا گڏيل فوجي ڪارروائي ڪندي ايران جي مختلف فوجي تنصيبات تي هوائي ۽ ميزائل حملا ڪيا. اسرائيل هن مهم کي آپريشن لائينز روئر جو نالو ڏنو. انهن حملن جو هدف ايران جا ميزائل مرڪز، فوجي اڏا ۽ دفاعي نظام هئا. انهيءَ حملي کان پوءِ ايران هن ڪارروائي کي پنهنجي خودمختياري تي سڌو حملو قرار ڏيندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو. ايران ميزائل ۽ ڊرون حملن ذريعي اسرائيل ۽ خليجي علائقي ۾ موجود ڪجهه آمريڪي فوجي مفادن کي نشانو بڻايو. نتيجي طور ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ وڌندي وئي ۽ پورو علائقو غير يقيني صورتحال ۾ داخل ٿي ويو. آبنائي هرمز (سامونڊي تيل جو رستو) جي تنگي ۽ توانائي جو عالمي بحران هن تڪرار ۽ جنگ جو سڀ کان وڏو اثر توانائي جي عالمي نظام تي پئجي رهيو آهي. هرمز (سامونڊي تيل جو رستو) جي تنگي دنيا جي اهم سامونڊي واپاري رستن مان هڪ آهي، جتان عالمي تيل جي لڳ ڀڳ ويھه سيڪڙو فراهمي گذري ٿي. توانائي جي عالمي ادارن مطابق روزانو لڳ ڀڳ 20 ملين بيرل تيل هن سامونڊي رستي مان گذري ٿو.

جنگي ڇڪتاڻ ۽ بدامني سبب ڪيترائي تيل ٽينڪرز هن رستي مان گذرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن، جنهن سان عالمي تيل مارڪيٽ ۾ بي يقيني وڌي وئي آهي. تازي رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت نوي ڊالر في بيرل کان به مٿي وڃي چڪي آهي، جڏهن ته ڪجهه اقتصادي تجزين موجب جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وئي ته قيمتون سئو ڊالر في بيرل کان به مٿي وڃي سگهن ٿيون. هن تڪرار تي عالمي سطح تي پڻ مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن. روس آمريڪا ۽ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فوجي طاقت سان مسئلو حل نه ٿيندو. روسي قيادت جو موقف آهي ته وچ اوڀر ۾ استحڪام عالمي امن لاءِ ضروري آهي ۽ مسئلي جو حل سفارتي ڳالهين ذريعي ڳولڻ گهرجي. ساڳئي وقت چين پڻ هن صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. چين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ طاقت جي استعمال سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ مسئلي جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي. چين واضح طور چيو آهي ته ايران جي خودمختياري ۽ علاقائي سالميت جو احترام ٿيڻ گهرجي.

جنگي ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي به گهرا اثر وجهي رهي آهي. تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو، اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال ۽ عالمي واپار ۾ سستي جهڙا رجحان ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. عالمي مالياتي ادارن جي تجزين مطابق جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته عالمي مهانگائي وڌي سگهي ٿي، توانائي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي واپار متاثر ٿي سگهي ٿو. ڪيترائي اقتصادي ماهر خبردار ڪري رهيا آهن ته اهڙي صورتحال عالمي معيشت کي خساري ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي، جيڪا 1930ع واري عظيم اقتصادي بحران جهڙيون حالتون پيدا ڪري سگهي ٿي.

جديد دور جي جنگ صرف روايتي فوجي محاذ تائين محدود نه رهي آهي. هن تڪرار ۾ سائبر جنگ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي فوجي نظام ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪن کي سائبر حملن ذريعي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته ايران سان لاڳاپيل هيڪر گروپن به جوابي ڪارروائين جو آغاز ڪيو آهي. اهڙي ڪاروائي هن ملڪ جي چينل جي نشريات بابت به واضع نظر آئي ۽ هن ملڪ جي سائبر ۽ هيڪر ماهرن به ڀر واري ملڪ ڀارت جي چينل جي نشريات سان اهو سائبر ترجمو ڪري ڏيکاريو!  انهيءَ صورتحال سبب جنگ جو دائرو زميني ۽ فضائي محاذ کان وڌي ڊجيٽل دنيا تائين پهچي ويو آهي، جيڪو جديد دور جي جنگين جي نئين حڪمت عملي کي ظاهر ڪري ٿو.

هن صورتحال تي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي تڪرار وڌيڪ پکڙجي ويو ۽ روس، چين يا نيٽو جهڙيون وڏيون طاقتون سڌي طرح جنگ ۾ شامل ٿي ويون ته صورتحال ٽئين عالمي جنگ جهڙي خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن ۽ عالمي سفارتي حلقن طرفان تڪرار کي محدود رکڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ڇاڪاڻ ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ صرف ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار نه آهي، بلڪه اهو عالمي طاقت جي توازن، توانائي جي سياست ۽ علائقائي اثر رسوخ جي وڏي مقابلي جو عڪس آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگون رڳو تباهي آڻينديون آهن، جڏهن ته پائيدار امن صرف ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل احترام سان ئي قائم ٿي سگهي ٿو.دنيا جي اڳواڻن کي گهرجي ته هو هن وڌندڙ باھ کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻن، ڇو ته جيڪڏهن هي تڪرار وڌيڪ پکڙجي ويو ته ان جا اثر رڳو وچ اوڀر تائين محدود نه رهندا، بلڪه سڄي دنيا کي متاثر ڪري سگهن ٿا، جنهن جو اندازو هن ڪجهه ڏينھن مان ۽ ظاهر آهي،  هن ملڪ جي حڪمرانن هڪ ڌڪ سان 55 روپيا فيس ليٽر ۽ ڊيلز تي وڌائي ڇڏيا آهن، تعليمي ادارا بند ڪري انهن کي آن لائن هلائڻ جا فيصلا ڪري رهيا آهن، مهانگي جو وڏو طوفان ايندي نظر اچي پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.