هڪ سياسي ڪارڪن چيو ته جڏهن انقلاب ۽ آزادي ملندي ته عورتون ۽ ٻارڙا بکن، بيمارين ۾ مري يا تنگ ٿي خودڪشيون نه ڪندا، اها ڳالهه جڏهن ڪنهن دوست کي ٻڌائي ته ان چيو ته يقينن اهو مرد يا سياسي عورت پاڻ خوشحال هوندا، جن شايد پاڻ يا سندن ٻارن بکن ۽ بيمارين جي مشاهدي کان ڪوهين ڏور اخباري خبرون يا ادب نه پڙهيو هوندو، انهن جي خيال موجب ته مريض جي ٽي بي يا گهري زخم جو جيستائين علاج نه ٿئي تيستائين کيس بخار يا سور گهٽائڻ جي دوا نه ڏيڻ گهرجي
انهن جيڪڏهن پهرين ٻي عالمي جنگ ۾ روسي ۽ ٻين تباهه ٿيل ملڪن جو ادب ۽ شاعري پڙهي هوندي ته انهن کي رڳو پيار جي گيتن بدران اڄوڪي شهيدن جي جمهوري نظام ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ غربت، نينگرين جي وڪري ۽ ٻارن سوڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي واقعن ۽ هر لمحي هر هنڌ سنڌ جا سڏڪا بي چين ڪري وجهندا ۽ اهي پنهنجي يا ٻارن جي وات ۾ پيل گرهه جو اڌ حصو بکن ۾ مرندڙ ٻارڙن جي وات ۾ وجهڻ جا الله کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو عمل شروع ڪندا، اگھاڙن جسمن کي ڍڪڻ ۽ عيد جي خوشين ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجو خرچ گهٽائي انسانيت جو رستو اختيار ڪندا، ظاهري ڏيک واري زندگيءَ کي سامهون رکي اها ڳالھه ياد رکندا ته ڪفن ۾ کيسو نه هوندو آهي ۽ هو قبرن ۾ مهانگا ڪپڙا پائي دفن ڪير به ناهي ٿيندو، کين پرويز مشرف سميت ڪيترن ئي ارب پتي ماڻهن جي ويران قبرن مان سبق سکڻ گهرجي.
پنهنجي زندگيءَ ۽ اولاد جي انگلن کي سادو ۽ آسان بڻائي پنهنجو رواجي دنياداري واري ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳتي چڙهي ڪردار ادا ڪري پنهنجي مال ملڪيت ۾ غريبن جو به ايترو حق ادا ڪندا جهڙو مرڻ کان پوءِ اولاد لاءِ ڇڏيل ورثو رکي ويندا اهو به ممڪن آهي ته انهن جي زندگي ۾ ئي اهڙي اولاد يا انهن مان ڪوبه هڪ يا ٻه ڄڻا ڪنهن بيماري ۽ گمرائي جو شڪار ٿي گڏ ٿيندڙ ملڪيت کي انهن آڏو ئي خرچن يا ٻي تباهي ۾ برباد ڪري نافرمان به ٿي سگهن ٿا. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ويٺل غريب خاندان سميت پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن، مٽن مائٽن جي ڀلائي واري ڪمن لاءِ ڪشادي دل ۽ کليل کيسو رکڻ جو درس پنهنجي زالن، ڀائرن ۽ اولاد کي به ڏيندا، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته هو خود پاڻ اول پنهنجي خدا سان پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي ثابت ڪرڻي پوندي. اسان کي سنڌ جي غربت ۾ مرندڙ ٻارڙن ،ٻڍن، نوجوانن ،عورتن جي زندگيءَ تي لکيل سنڌي ادب ۽ شاعريءَ نه ٿي ملي جيڪا اسان جي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏي ئي اسان کي غريبن جي مدد لاءِ نه ڪا نمائش، نه فوٽو يا فلم رکڻ بدران انهن جو مذاق اڏائڻ ۽ پاڻ کي خدائي خدمتگار ٿيڻ جو ڏيکاءُ وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي، خاموشي سان پاڻ يا ڪنهن تنظيم دوست وسيلي اسان گهڻا ئي ڪم ڪري سگهو ٿا، اسان جيڪڏهن ڪروڙين روپيا فقط اولاد جي وراثت لاءِ ئي ڇڏي وينداسين ته اسان عبدالستار ايڌي مڌر ٽريسا جهڙو مقام حاصل نه ڪري سگهنداسين، اسان جيڪڏهن صرف ڏيکاءُ ۽ آس پاس تي رعب رکڻ ۽ تعلقات ٺاهڻ لاءِ روزو پارٽين تي هزارين لکين روپيا خرچ ڪنداسين ۽ ڀر ۾ ڪو مزدور، ڪا عورت يا ٻار بک ۾ پاهه هوندو ۽ بيمارين ۾ آخري هڏڪي کڻندو هوندو ته اسان جي اها افطار پارٽي به خود خدا جي خوشنودي لاءِ نه هوندي.
اسان عيدن تي پنهنجن ٻارن کي هزارين روپين جا ڪپڙن جا جوڙا ۽ بوٽ خريد ڪري خوش ٿيڻ جي جيڪا ڪوشش ڪنداسين ان ۾ زهر هوندو، ڇو ته شهر ۽ ڳوٺ يا مٽن مائٽن يا پاڙي جي غريب ٻارن کي نوان ڪپڙا ۽ بوٽ پاتل نه هوندا. سنڌ پنهنجي بدترين جاگيرداري سرداري ۽ شهيدن جي جمهوريت ڪري جيڪا بدحالي ڏسي رهي آهي، ان جو بنيادي حل نظام جي تبديلي ضرور آهي، جڏهن غريب منظم ٿيندا ته اسان جون ٽجوڙيون ڪلهن تي کڻي نڪرندا، رستي ۾ ايندڙ هر امير مرد، عورت ۽ ٻار تي حملن ۽ موت جو پروانو لکي هٿ ۾ رکندا، جيڪي سياسي تنظيمون، سياسي ڪارڪن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جي خوابن جي تعبير چاهڻ ٿا، اهي پنهنجي آس پاس بکن، بيمارين،خودڪشين ،ٻارن ، نينگرين جي مرڻ ۽ تڙپڻ ۾ به جيڪڏهن ڪردار ادا ڪندا ۽ زخمن تي مرهم رکندا ته اهي به اسان جي خوشحال سنڌ خوابن جي تعبير جو بنياد ثابت ٿيندا، ان ڪري سياست سان گڏ ڀلائي جي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سنڌ پنهنجي بدترين جاگيرداري سرداري ۽ نام نهاد جمهوريت ڪري جيڪا بدحالي ڏسي رهي آهي، ان جو بنيادي حل نظام جي تبديلي ضرور آهي، جڏهن غريب منظم ٿيندا ته اسان جون ٽجوڙيون ڪلهن تي کڻي نڪرندا، رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي ٽوڙي اڳتي وڌندا رهندا، جيڪي سياسي تنظيمون، سياسي ڪارڪن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جي خوابن جي تعبير چاهين ٿا، اهي پنهنجي آس پاس بکن، بيمارين، ٻارن ، نينگرين جي مرڻ ۽ تڙپڻ ۾ به جيڪڏهن ڪردار ادا ڪندا ۽ سندن زخمن تي مرهم رکندا ته اهي به اسان جي خوشحال سنڌ خوابن جي تعبير جو بنياد ثابت ٿيندا، ان ڪري سياست سان گڏ ڀلائي جي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.