سنڌ جي وحدانيت خلاف وقت بوقت هڪ مخصوص ٽولو سازشون ڪندو رهي ٿو. ڪڏهن ان کي انتظامي ضرورت جو نالو ڏنو وڃي ٿو، ڪڏهن شهري حقن جي بحث سان ڳنڍيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اهي بحث گهڻا ڀيرا سنڌ واسين جي جذبات سان کيڏڻ ۽ سياسي فضا ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش طور سامهون آيا آهن. اهڙي پسمنظر ۾ سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي موڙ تي بيٺل نظر آئي، جتي سنڌ جي وحدت، سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل بابت ايوان پنهنجي گڏيل راءِ ظاهر ڪئي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ سنڌ جي ورهاڱي يا ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ وارن مطالبن کي سختي سان رد ڪيو ويو. ايوان واضح اعلان ڪيو ته سنڌ جي وحدانيت کي نقصان پهچائڻ واري هر ڪوشش جو سياسي، آئيني ۽ جمهوري طريقي سان مقابلو ڪيو ويندو. هي ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ٿيو، ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن به ان جي حمايت ڪئي. ان ڪري هن قرارداد کي رڳو رسمي ڪارروائي سمجهڻ درست نه ٿيندو، اها سنڌ جي سياسي نفسيات، تاريخي شعور ۽ آئيني حقن جي عڪاسي ڪندڙ علامتي اعلان طور ڏسڻ گهرجي.
گورنر هائوس ۾ ٿيل ڪانفرنس تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته ان گڏجاڻي ۾ اهڙو ڪو ماڻهو موجود نه هو جيڪو ڪائونسلر ٿيڻ جي اهليت رکي. هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن ڪراچي پٺتي پيل آهي ته پوءِ سڄو پاڪستان علاج ۽ روزگار لاءِ هتي ڇو ٿو اچي ؟ هن ياد ڏياريو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي عملي طور وفاق جي ڪنٽرول هيٺ رهي ۽ ان ئي زماني ۾ چائنا ڪٽنگ جهڙا مسئلا پيدا ٿيا، اڄ جيڪي اپوزيشن ۾ ويٺل آھن انھن ماڻهن ڪراچي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، پوليس آفيسرن کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو، قرارداد ۾ آئين جي آرٽيڪل 239 جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ويو ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي ٻن ڀاڱي ٽي اڪثريت کان سواءِ ممڪن ناهي. هي رڳو قانوني نُڪتو ناھي، پر سياسي پيغام پڻ آهي ته سنڌ جي جاگرافي وحدت ڪنهن جذباتي نعري يا عارضي سياسي مصلحت تي قربان نٿي ٿي سگهي.
سنڌ کي دنيا جي قديم زنده تهذيبن مان هڪ قرار ڏيندي موئن جو دڙو جو حوالو ڏنو ويو. ان سان اهو تصور اجاگر ڪيو ويو ته سنڌ صرف انتظامي يونٽ نه ، پر تهذيبي سڃاڻپ ۽ تاريخي تسلسل جو نالو آهي. قرارداد ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، عبدالله شاهه غازي ۽ لال شهباز قلندر جا نالا وٺي اهو پيغام ڏنو ويو ته سنڌ جي وحدت جديد سياسي سرحدن کان گهڻو اڳ جو ورثو آهي.
ڪراچي کي ڪلاچي جي تاريخي تناظر سان ڏسندي، پاڪستان جي پهرئين دارالحڪومت طور ان جي حيثيت بيان ڪئي وئي، پر اهو به واضح ڪيو ويو ته 1947ع کان پوءِ به ڪراچي جاگرافي، تاريخي ۽ جذباتي طور سنڌ کان جدا نه ٿيو آهي. 10 فيبروري 1948ع تي سنڌ اسيمبلي پاران ڪراچي کي ڌار ڪرڻ خلاف منظور ڪيل قرارداد جو حوالو ڏئي هن ٺهراءُ کي تاريخي تسلسل جي هڪ ٻي ڪڙي قرار ڏنو ويو. سياسي صف بندين ۾ به نئون منظر سامهون آيو. صوبائي وزير ڄام خان شوري لسانيت جي سياست کي دفن ٿيل باب قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هاڻي هڪ صفحي تي آهن. پيپلزپارٽي جي سعديه جاويد ۽ ناصر شاهه به واضح ڪيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ ان کي الڳ ڪرڻ جو تصور قبوليت نٿو رکي.
ٻئي پاسي متحده جي پارلياماني ليڊر طحهٰ احمد ۽ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ٺهراءُ کي سياسي ڊرامو قرار ڏنو. سندن موقف هو ته ڪراچي جي شهري مسئلن تي ڳالهائڻ کي سازش جو نالو ڏيڻ مناسب ناهي، ۽ نون انتظامي يونٽن تي بحث آئين سان ٽڪراءُ ۾ ناهي. گورنر ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس کي آءِ ٽي تعليم ۽ اسڪالرشپ لاءِ پليٽ فارم بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته هزارين شاگرد، جن ۾ سنڌي شاگرد به شامل آهن، آءِ ٽي ڪورس ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گلشن حديد ۾ سيوريج منصوبي جي سنگ بنياد ۽ چوڪنڊي قبرستان جي دوري دوران چيو ته ڪراچي کي نفرت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جڏهن ته موجوده حڪومت ترقي ۽ ثقافت کي هٿي ڏئي رهي آهي.جڏهن قومپرستن، پيپلزپارٽي تي ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ جو الزام لڳايو. سندن خيال هو ته جيڪڏهن گورنر خلاف اعتراض آهي ته آئيني اختيار استعمال ڪري قدم ڇو نٿو کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ قرارداد رڳو سياسي بيانيو رهجي وڃي ٿي. حقيقت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اها قرارداد بظاهر آئيني ۽ سياسي اعلان آهي، پر اندروني طور اها بيانيي جي جنگ جو نئون باب به آهي. آئيني طور ڪراچي کي الڳ ڪرڻ آسان ناهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا شهر جي شهري مسئلن، روزگار، ڪوٽا سسٽم ۽ انتظامي ناڪامين تي سنجيده، نتيجه خيز مڪالمو ٿيندو يا هر بحث کي ورهائڻ جي سازش جي خاني ۾ وجهي ڇڏيو ويندو؟سنڌ جي وحدت بابت جذبات هميشه مضبوط رهيا آهن، پر وحدت کي صرف نعري بدران ڪارڪردگي، انصاف ۽ برابريءَ سان مضبوط ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ قراردادون ته پاس ٿينديون رهنديون، پر بيچيني ۽ سوال به ساڳي شدت سان جنم وٺندا رهندا.