نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڙيسا ۾ نئين نويلي ڪنوار کي اڳوڻي عاشق هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب آچر جي صبح نئين ڪنوار کي مبينا طور سندس اڳوڻي عاشق بندوق جي زور تي اغوا ڪري ورتو، ڪنوار شادي تقريب کانپوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ گهر وڃي رهي هئي.
شادي جي رسمون ۽ رواج ختم ٿيڻ کانپوءِ گهوٽ، ڪنوار ۽ خاندان جا ٻيا فرد واپس وڃي رهيا هئا ته انهن جي گاڏي کي رستي ۾ روڪيو ويو.
جوابدار سان گڏ ٻه ٻيا شخص به موجود هئا، جن گهوٽ کي بندوق جي زور تي ڌمڪي ڏني ۽ زبردستي ڪنوار کي پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري فرار ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ گهوٽ ٿاڻي تي پهچي شڪايت داخل ڪرائي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.
You might also like